شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

سيد محمد شاهه امروٽي

سيد محمد شاهه امروٽي ولد ميان نظام الدين شاهه جو جنم 9 مئي 1929ع تي پنهنجي ڳوٺ ديواني لڳ پريالوء تعلقي ۽ ضلعي خييرپور ميرس ۾ ٿيو. پاڻ هڪ ممتاز عالم دين روحاني پيشوا ۽ سياسي مدبر ٿي گذريو آهي. سندس والد مشهور ۽ معروف شخصيت مولانا سيد تاج محمود امروٽي جو ڀائيٽو هو. پاڻ ديني تعليم جي تڪميل مولانا مظهر الدين انڍڙ کان مدرسه تاج المدارس امروٽ ڪيائين. والد صاحب جي وفات کانپوءِ درگاه جو ٽيون نمبر سجاده نشين بڻيو. پاڻ جمعيت علماءاسلام صوبي سنڌ جو وفات تائين امير رهيو. کيس طب ۾ سٺي مهارت حاصل ڪئي. سيد محمد شاه امروٽي سٺو ليکڪ ۽ شاعر به هو. سندس ٻه ڪتاب رساله جهاد ۽ ملن جومرشد شايع ٿيل آهن پاڻ 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير واري پڙهائي.

محبوب مٺي جوو ڳائن ٿا پيا، شان لکين هڪ مان نه رڳو،
ان ريت ڪرن ٿا دردن جو درمان لکين هڪ مان نه رڳو،

الله عطا ڪيو عربيءَ کي، قرآن سڳورو صاف سٺو،
دل سان ٿا پڙهن هن دنيا ۾، قرآن لکين هڪ مان نه رڳو،

ٿئي شال زيارت مدني جي، محبوب مديني ملڪ سندي،
اهڙو رکن ٿا دل اندر ارمان لکين هڪ مان نه رڳو،

اي يار“محمد شاه” سٺو ڪيڏو نه محمد ڪيو جڳ کي،
دل سان ٿا محمد صه جا ڀانئن احسان لکين هڪ مان نه رڳو،


(ڪيسٽ ناز پروڊڪشن واليوم 42 آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب محترم محمد ياسين ڪنڀر جي مهربانين سان. )