شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مير علي نواز علوي شڪارپوري

مير علي نواز علوي 1270هه مطابق 1853ع شڪارپور شهر ۾ تولد ٿيو مٿس نالو پنهنجي ڏاڏي مير حفظ الله جو رکيو ويو پرپيار وچان کيس علينواز سڏيندا هئا. مير علي نواز جي والد جو نالو فخر الدين علوي هو. ميرعلي نواز ٽي شاديون پر کيس نرينه اولاد ڪونه ٿيو. مير صاحب هڪ وڏو حڪيم به هو. پاڻ منصف مزاج ۽ فياض طبيعت جو مالڪ هو. جيد عالم محقق حڪيمن جي صف ۾ مسيح الزمان ۽ شعر و سخن جي ميدان۾ استاد العمراء هو. پاڻ شڪارپور ميونسپالٽي جو وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيو. مير صاحب 1338هه مطابق 1920ع ۾ 68 سالن ي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هيءُ ڪلام فقير عبدالغفور مرحوم ڳايو آهي.

تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو، تنهنجي سونهن سندو مٽ ماه نه ڪو،
تنهنجي خيال کان خالي ساه نه ڪو خواهان هزارين مان نه رڳو.

قرآن سراسر شان تنهنجو آهي واصف خود رحمان تنهنجو،
ٻيو ڪهڙو ڪري ته بيان تنهنجو حيران هزارين مان نه رڳو.

ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا،
ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا سلطان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا، ڪيي عاشق اسرافيل جهڙا،
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رڳو.

توتان پاڻ فدا ڪن شاه و گدا، ريءَ ناڻي ٻانها ٻول ٻڌا،
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا، خاقان هزارين مان نه رڳو.

ناهي “علوي” هڪ مفتون تنهنجو آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو،
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو قربان هزارين مان نه رڳو.