شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مولوي ثناءُ الله جتوئي

“شل مديني پار ڏي قادر منهنجي قسمت ڪري” جو مشهور شاعر مولود لکندڙ مولوي ثناءُ الله جتوئي 1937ع ۾ سيف الدين جي گهر ۾ ڳوٺ عالم خان جتوئي تعلقو پنوعاقل ۾ ڄائو. هن وقت الف الدين جتوئي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. سنڌي فائنل ڳوٺ دڦر جتوئي ۾ ڪيائين. مولوي جي پڳ منزل گاه سکر ۾ ٻڌائين جيڪو مولوي ٿيندڙن جو پهريون بيچ هو. سندس ننڍپڻ ۾ پڙهائي وارن دوستن ۾ محمد هاشم رڪشاني محمد رحي رڪشاني مولانا علي محمد سهندڙو مولانا عبدالرحيم بروهي مولانا عبدالقادر دايو سلطان پور مولانا عبدالباقي سومرو مولانا حڪيم زبير احمد لاکو (لاکو لنجاري) مولانا عبدالڪريم لنجار شامل آهن. مولانا صاحب 1977ع کان شاعري شروع ڪئي.

تنهنجي حسن عجب حيران ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو،
ڪيئي حيرت ۾ حيران ٿيا، سلطان هزارين مان نه رڳو

محبوب جو مان ڇا شان چوان جنهن جو خلق سڄو قرآن چوان،
تنهن جي مٽ نه ڪوئي انسان چوان، قربان هزارين مان نه رڳو

ڪيئي شاه گدا مسڪين ڏٺم، ڪيئي مير غني غمگين ڏٺم،
سڀ سيد جا شوقين ڏٺم، مستان هزارين مان نه رڳو

قرآن مبارڪ شان ٿيو، معراج جنهين جو مان ٿيو،
نڪي جهڙس ڪو انسان ٿيو، دربان هزارين مان نه رڳو

خدا پاڪ جنهن کي دلدار ڪيو، هن امت جو سردار ڪيو،
ثناءُ الله سندو آڌار ڪيو، ثناخوان هزارين مان نه رڳو.

( نعت خوان محترم يوسف سومري صاحب جي ٿورن سان)