ڊاڪٽر عطا محمد حامي سوهو
ويهه کاوان ڏهه ڪرايو ۽ لٽا الله تي،
ٽيهه روپيه در مهينو لت آ منهنجي ساهه تي.
حامي صاحب 1946ع ڌاري انٽر پاس ڪري ڪراچي کي ڇڏي رياست ۾ موٽي اچي تعليم کاتي ۾ ماستري ڪئي. ون يونٽ ٿيڻ بعد ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿيو. 31 ڊسمبر 1979ع ايسوسئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. سنڌ جو هيءُ سچو عاشق 3 جون 1982ع تي اسان کان جدا ٿي ويو شعر ۾ پهريائين عطا پوءِ گرامي ۽ پوءِهميشه لاءِ حامي تخلص اختيار ڪيائين.
تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري، حيران هزارين پيا ٿيندا،
تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي زلف جي قيدن ڪاڻ مٺا، سامان هزارين پيا ٿيندا
هر روز نون تعزيرن جا، فرمان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي تيز نظر جي تيرن سان، بي جان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي قدمن ساڻ قيامت جا، سامان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي گهور جا گهايل گهوٽ گهڻا، اڻ موٽ چڙهن ٿا چوٽ گهڻا، .
تنهنجي حسن جي روشن شمع ڏسي قربان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي ناز ادا جي شعلن مان ڪا، باه مبادا ڀڙڪي پوي،
ان باهه ۾ تنهنجي تباهيءَ جا امڪان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي ناز جا سڀ انداز نوان، هر سوز نئون سڀ ساز نوان،
هر رمز نئين سڀ راز نوان هر آن هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي رات کي جن روشن نه سڏيو تنهنجي زهر کي جن ماکي نه چيو،
تنهنجي پيرن ۾ پامال اهي، انسان هزارين پيا ٿيندا
جنهن پنهنجي جگر جو خون ڏئي، تنهنجي حسن ۾ رونق آندي آ،
ان عاشق تي الزامن جا، احسان هزارين پيا ٿيندا
جي ٻول مٺا ٻوليندا سي مرغ چمن جا سڪ ٿيندا
صياد جي پاپي پڃرن ۾ مهمان هزارين پيا ٿيندا
هر لهر لتاڙي سير لنگهي جنهن وقت ڪناري تي ايندي،
ان وقت اسان جي ڪشتي لئه طوفان هزارين پيا ٿيندا
هر وقت فلڪ ناراض رهي پيو لوڻ جفا جو ٻرڪيندو،
هيئن اهل وفا جي زخمن جا درمان هارين پيا ٿيندا.
هن وقت نٿو جو قدر ڪري هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو،
حاميءَ جي مرڻ کانپوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا