شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مير غلام حسين مير

غلام حسين ولد قادر بخش ذات چانڊيو ڳوٺ جنگو خان چانڊيو ۾ 1936ع ۾ڄائو. ابتدائي تعليم ناظره قرآن مجيد ۽ سڪندر نامه تائين فارسي ڪتاب پنهنجي ڳوٺ ۾ مولوي محمد خان وٽ پڙهيو. سنڌي پنج درجا ۽ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب مولانا علي محمد ڪلمتي بلوچ وٽ ڳوٺ مولوي ابوبڪر تعلقي ميرپور ساڪري ۾ پڙهيو. اعليٰ تعليم دارالفيوض هاشميه سجاول ۽ ٻين مدرسن ۾مشهو عالمن وٽان پرايائين. شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ پڙهڻ دوران ڪيائين جو ساڪري طرف جو مشهور شاعر رشيد احمد ساڪرائي مدرسي ۾ ايندو هو ۽ پنهنجا شعر ٻڌائندو هو. جنهن کان متاثرٿي هن به شعر جي فن بابت ڪجهه سکيا حاصل ڪيائين. مير صاحب شاعريءَ جي مروج سڀني صنفن تي شعر چيو آهي. سندس مشغلو زمينداري آهي.

تنهنجي جوت جمال ڪمال ڪيا، حيران لکين هڪ مان نه رڳو،
توتي حور پري ڪل انس رجال، مستان لکين هڪ مان نه رڳو.

تنهنجو شان رفعنا لڪ شاه جهان، پڙهن توتي درود داراءِ زمان،
تنهنجي نام سان آهي رطب اللسان، لقمان لکين هڪ مان نه رڳو.

تنهنجي خوان ڪرم تي خان ڏٺم، سوالي در تي اُڀا سلطان ڏٺم،
فاتح زير نگين فرمان ڏٺم، خاقان لکين هڪ مان نه رڳو.

تنهنجي جام پيئڻ وارا جامي هئا، سعدي ٻيا به ثناگر سلامي هئا،
تنهنجي نعت پڙهڻ لئه نظامي هئا، نازان لکين هڪ مان نه رڳو.

بي مهره رهي جڏهن برڪت کان وٺي چوپ حنا نه فرقت کان،
تنهنجي هجر رئا رياهي حسرت کان بي جان لکين هڪ مان نه رڳو

آهي ختم الرسل جي هي خاص ثنا، ملحوظ ادب کان رک “مير” ادا،
هت ڪيا فرق مراتب جي فڪر فنا محبان لکين هڪ مان نه رڳو.

(ٺٽو صدين کان رسول بخش تميمي)