شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

همايون جي مدرسي ۾ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کي پڙهائڻ وارين مٿين روايتن جي ڇنڊڇاڻ

مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو خليفي محمد يعقوب همايوني وٽ پڙهڻ ۽ همايون جي مدرسي ۾ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کي پڙهائڻ وارين مٿين روايتن جي ڇنڊڇاڻ

انهن ٻنهي روايتن جي پرک لاءِ خليفي صاحب محمد يعقوب همايوني ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جي حصول تعليم ۽ سندن زندگيءَ جي ابتدائي حالات تي نظر رڻي پوندي ته جيئن اهو ڦورو ڦولجي پوي ۽ چٽائي ٿي سگهي. ان لاءِ مدرسي ڪنڊي کان شروعات ڪجي ٿي. جتان هي ٻئي عالم سڳورا پڙهي نڪتا آهن.