شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

غلام علي مخمور (1906 _1958ع)

غلام علي مخمور ولد محمد حيات جو تعلق شڪارپور سان هو. ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 مان حاصل ڪيائين هاءِ اسڪول شڪارپور مان پڙهي پي ڊبليو ڊي ۾ ڊرافٽس مين مقرر ٿيو. پوين ڏينهن ۾ شڪاپور ۾ اوور سيئر ٿي رهيو. پاڻ نثرنويس به هو. ڪجهه افسانا به لکيائين جيڪي شايع ٿي نه سگهيا. مخمور صاحب عربي پارسي هندي ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو هو سندس مطالعو وسيع هو. اسلامي تاريخ ثقافت ۽ تصوف جي گهري ڄاڻ هيس. پاڻ سنڌي کان علاوه اردو سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيواٿائين شاعر عطا محمد حامي خيرپوري ۽ مظفر حسين جوش سندس شاگرد هئا. جن کانئس شاعريءَ جي باقاعده تربيت حاصل ڪئي هئي.

در تنهنجي گدا ڏينهن رات سدا، سلطان هزارين مان ڇاهيان،
مفتون لکين ڪاڪل تي ٿيا، قربان هزارين مان ڇاهيان.

تون نور منور نر خدا، سلطان زمن محبوب خدا،
هن حسن تجليءَ تيز ڪيا، مستان، هزارين مان ڇاهيان.

محبوب زليخا سان نسبت هو، عڪس تنهنجي تصور جو آ،
هن صورت زيبا خون ڪيا، ارمان هزارين مان ڇاهيان.

آ چاٽ لڳي الفت جي جنهين مدهوش سدا ديوان رهن،
حيران هزارين مان ڇاهيان حيران پريشان حال زبون

مخمور ڪيا هڪڙي نگهه مخمور سوي مخمور رهن
هن صبح مسا هو در پيا، ديوان هزارين مان ڇاهيان.

(شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ص275)