علامه حافظ عبدالحليم ڪنڊوي رح
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جي وڏن جي احوال ۾ ذات متعلق مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب پنهنجي ڪتاب من جي مالا ۾ چٽائي ڪئي آهي. مولانا صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مولاناعبدالحليم ڀاڳناڙي بلوچستان علائقي جي ڪنڊي ڳوٺ پيدا ٿيا.
سندس ولادت جو سن ۽ تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. تذڪره مشاهير سنڌ (تيرهين صدي جا علماء) رسالي الرحيم ۾ به ولادت جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي البته وفات جو سال 1254هه آيو آهي. سندس والد جو نالو احمد هو ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي صوفي احمد دين ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي پنهنجي ڪتاب لاڙڪاڻو سڀيپتا سندس نالو ۾ مولانا ڪنڊويءَ جي ولادت جو سال1191هه برابر 1777ع ڄاڻايو آهي. ميان رياض ميڪڻ مولانا ڪنڊوي جي وصال جو سن 1254هه مطابق 1838ع ڄاڻايو آهي. عمر 91 سال لکي آهي ته پوءِ سندن ولادت جو سال 1163هه بيهي ٿو.
تعليمي سلسلو: مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحٻ شريعت سوانح نمبر جي صفحي 64 تي لکي ٿو ته:
6. مولانا عبدالحليم ڪنڊوي مولوي نظام الدين ڀٽي جو شاگرد هو جيڪواوٻاوڙي جو ويٺل هو. کيس ٽي پٽ هئا نور الله، ضياءُ الله ۽ خدا بخش وڌيڪ لکي ٿو ته مولوي خدا بخش مولانا عبدالغفور همايوني سان ملڻ ويو ان کي چيائين ته مان مولوي نظام الدين جو پٽ آهيان. مولوي همايوني کانئس پڇيو ته اهو ڪنهن جو پٽ هو؟ چيائينس ته اهو مولانا عثمان جو پٽ هو اهڙيءَ طرح مفتون همايوني صاحب ٽي ڀيرا مولوي صاحب کان پڇيو پوءِ پنهنجي خليفي کي چيائين ته مولوي خدا بخش اسان جي استادي گهراڻي جو عالم آهي. جيتري تائين هتي آهي مصلو ان جو آهي.
7. پير حسام الدين شاه راشدي تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيه ۾ لکن ٿا ته هيءَ روايت قاضي جان محمد روهڙي واري جي زباني منهنجي برادر محترم علي محمد شاه راشدي نقل ڪئي آهي. مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊوي نزديڪ (بيل پٽ) جا باشندا هئا. وڏا عالم فقير ۽ حافظ هئا. طريقو سندن قادري سروري هو. محمد پور پنوعاقل (گهوٽڪي تعلقي) جي بزرگن جا شاگرد هئا. محمد پور واري بزرگ جو نالو محمد صديق ذات سيهڙ هو بيعت به انهن جي هٿ تي ڪيائين. جن جو سلسلو حضرت سلطان باهو سان ملي ٿو.
راقم الحروف کي درگاهه مخدوم محمد صديق سيهڙ رحه جي موجوده سجاده نشين حضرت ميان نثار احمد مخدوم جن جي فرزند مخدوم زيد احمد صاحب جن ٻڌايو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ حضرت ميان محمد صديق سيهڙ جن کان شير واري کڏ واري (تعلقو گهوٽڪي) واري مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ دست بيعت به مخدوم محمد صديق سيهڙ جن کان هو. مخدوم محمد ڪامل ڪٽباري به مخدوم محمد صديق جو فيض يافته هو. مخدوم محمد صديق سيهڙ کي غلطي چان لکندڙ مهيسر لکيو آهي. حقيقت اها آهي ته سندس درگاهه قبو شريف مهيسر ريلوي اسٽيشن (تعلقو گهوٽڪي) آهي. سجاده نشين ۽ ٻيو خاندان ڳوٺ محمد پورتعلقي گهوٽڪي ۾ رهائش پذير آهي باقي مهيسر جا ذات آهي. مهيسر ريلوي اسٽيشن جو نالو انگريز سرڪار مهيسر سردار جي خوشنودي خاطر رکيو هو.
8. مولانا عبدالحليم جو ٽيون استاد مولانا محمود ڀاڳناڙي وارو هو جنهن وٽ ابتدائي تعليم ڀاڳ واري مدرسي ۾ پڙهيو.
9. مشهور عالم قاضي محمد ابراهيم مير پوراني هو. جنهن وٽ رياست قلات جي شهر ميرپور ڪافيه تائين پڙهيا. جن جي سفارش تي آريجا ڳوٺ تعلقي ڏوڪري جي وڏي عالم مخدوم محمد صاحب آريجوي ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويا. جنهن کانئن پڙهيل علم مان ڪي ڏکيا مقام(سوال) پڇيا جن جو پاڻ با صواب جواب ڏنائون. مخدوم محمد آريجوي ڏاڍو خوش ٿيو پوڙهي هجڻ جو چئي پنهنجي شاگرد عاقل شاه هالاڻي واري ڏينهن خط لکي ڏنائون. (هيءُ پير سائين محمد راشد (روضي ڌڻي) بادشاهه جو هم درس هو) ان وچ ۾ مخدوم محمد آريجوي وفات ڪري ويو جو سيد عاقل شاهه پنهنجي استاد جي تعزيت لاءِ آريجن ۾ آيو. استاد جو لکيل خط ڏسي مولانا عبدلحليم کي پاڻ سان گڏ هالاڻي وٺي ويو. جتان فراغت حاصل ڪيائين.
10. سيد عاقل شاهه هالاڻيءَ وارو سندن پنجون استاد آهي.
مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب جن اهو اهو ڪونه ڄاڻايو آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب مولوي نظام الدين ڀٽي جو ڪڏهن ۽ڪٿي شاگرد ٿيو ۽ وٽس ڪيترو علم پڙهيو؟
مٿي اسان ڏسون ٿا ته سندن ابتدائي استاد مولانا محمد ڀاڳ وارو هو. جيڪو کين ويجهو به هو پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ مخدوم محمد صديق سيهڙ واري جي مدرسي ڏانهن رخ ڪيائون. ٿي سگهي ٿو ته اتان پوءِ مولوي نظام الدين ڀٽي ڏانهن اوٻاوڙي ويا هجن جتان پوءِ مشهور عالم قاضي محمد ابراهيم ميرپورائي( بلوچستان) وٽ عربي نصاب ڪافيه تائين پڙهيا جنهن سندن ذهن ۽ ذڪاءُ کي ڏسي وقت جي وڏي عالم مخدوم محمد آريجوي صاحب ڏانهن آيا ۽ سندس شاگرد سيد محمد عاقل شاه هالاڻي وٽ فراغت ڪيائون.
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جو استادي سلسلو:
مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا عبدالوهاب اچڙ صاحب شريعت سوانح نمبر ۾ هن طرح ڏنو آهي، “ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي شاگرد آهن مولانا سيد محمد عاقل شاه هالاڻي واري جا، اهي مولانا نور محمد(محمد) آريجوي جا، اهي محمد دائود آگري جا، اهي مولانا عاقل احمد جن جا، اهي ٻنهي والد مولانا عبدالله لبيب کان ۽ ان پنهنجي والد مولانا علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ کان پڙهيو.
ٻيو سلسلو هن طرح آهي مولانا عبدالحليم ڪنڊوي شاگرد آهي مولانا سيد محمد عاقل شاه هالاڻيءَ واري جو اهو علامه مخدوم نور محمد(محمد) آريجوي بزرگ جواهو شاگرد هو مخدوم شهاب الدين مڱرئي جو (ولادت1110هه برابر 1698ع) وفات1751ع اهو شاگرد هو مشهور بزرگ ڪامل ولي ۽ علامه مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جو.
بيعت:
(1 پير حسام الدين شاه راشدي تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيي ۾لکن ٿا ته هيٺين روايت قاضي جان محمد روهڙي واري جي زباني منهنجي برادر پير علي محمد شاه راشدي نقل ڪئي آهي ته “مولانا عبدالحليم ڪنڊوي، محمد پور واري بزرگ حضرت مخدوم محمد صديق سيهڙ جو شاگرد به هو ۽ سندس هٿ تي بيعت به ڪئي هئائين. ”
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جي سلوڪ جي حوالي سان سندس مرشد مخدوم محمد صديق سيهڙ محمد پور تعلقي گهوٽڪي واري جو نالو مٿي سندن استادن ۾ سيدحسام الدين شاه راشدي جي حوالي سان آندو ويو آهي جيڪو سندن مرشد هئڻ کان علاوه استاد به هو. هڪ ٻي روايت پير حسام الدين شاه راشدي ساڳئي تذڪري۾ پير تراب علي شاه راشدي قنبر واري جي حوالي سان آندي آهي. پير تراب علي شاه مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جي فرزند متبحر عالم ۽ غوث زمان مخدوم غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد ۽ نياڻو به هو. مخدوم غلام صديق شهدادڪوٽي بزرگ جو والد مولانا نورمحمد شهدادڪوٽي جيڪو مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو شاگرد هو سو ميان محمد ڪامل ڪٽباري(1150هه_1239هه) جي فرزند ميان محمد حسن ڪٽباريءَ جو مريد هو. ميان غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد ۽ خاص خليفو علامه غلام محمد مهيسر ڪمال ديرائي هو.
پيرتراب علي شاهه جي روايت آهي ته استاد العلماء حافظ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ميان محمد ڪامل ڪٽبارن واري جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي.
(3) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب مقلات قاسمي لکي ٿوته، “ روايت آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جيڪي ميان صاحب وڏن ميان محمد ڪامل ڪٽباري جا مريد هئا سي ميان صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ميان محمد حسن وٽ توجه ۽ تلقين جا طلب ٿيا. ميان محمد حسن جي توجه تلقين جو مٿن اهو اثر ٿيو جو گهڻي عقيدت مان فرمايائون ته الحمد لله جو ميان محمد ڪامل جوفيض اڃا تائين هلندواچي ٿو. ”
مٿين روايتن ۾ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جي سلوڪ جي سلسلي ۾ ٻن بزرگن جا نالا آيا آهن.
پهرين روايت جو راوي پير علي محمد شاه راشدي آهي جنهن قاضي جان محمد روهڙي واري جي زباني بيان ڪئي آهي جن وٽ مولانا ڪنڊوي صاحب آخري ڏينهن ۾ مدرسو همايون خليفو محمد يعقوب همايوني جي حوالي ڪرڻ وٽن اچي رهيو هو ۽وفات به اتي ڪئي هيائين جو مدفن به روهڙي اٿس. ان کان علاوه مخدوم محمد صديق سيهڙ بزرگ جي خاندان جي مشاهيرن ۾ اها روايت پڻ متواتر هلندي اچي ٿي. انڪري اها روايت به نهايت پڪي ۽ پختي آهي.
ٻي روايت
ٻي روايت جا راوي پير تراب علي شاهه راشدي ۽ تذڪره مشائخ ڪٽبار شريف جو مصنف مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي صاحب تڪبير جن آهن ٻيو تراب علي شاهه راشدي علامه الزمان عارف بالله حضرت مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي بزرگ جا شاگرد رشيد ۽ نياڻا آهن مولانا غلام صديق جو والد مولانا نور محمد شهدادڪوٽي مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو شاگرد آهي. ان کان علاوه مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي بزرگ به ميان محمد ڪامل ڪٽباري جي پوٽي ميان غلام حيدر ڪٽباري جو دست بيعت پڻ آهي. اڃا به ڏسون ٿا ته مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي ميان محمد ڪامل جي فرزند ميان محمد حسن جو مريد نظر اچي ٿو. ٻئي پاسي تذڪره مشائخ ڪٽبار شريف جو ليکڪ مولانامحمد قاسم سومري جي نسبت شهدادڪوٽي بزرگن ۽ ڪٽباري بزرگن سان هن طرح آهي.
مولانا محمد قاسم سومرو پاڻ به هڪ جيد عالم دين هو. سندن والد مولانا محمد هاشم سموري تعليم ڳڙهي ياسين جي مدرسي مان مولانا نور محمد شهدادڪوٽي وٽان حاصل ڪئي آهي ته بيعت مولانا تاج محمد ولد غلام حيدر ڪٽباري کان آهن۽ پنهنجي مرشد مولانا تاج محمد ڪٽباري جي فرزند مولانا گل حسن سجاده نشين ڪٽبار شريف جا استاد به هئا. ان ڪري اها روايت به پنهنجي جاءِ تي اهم آهي.
هتي مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي جي روايت جو جائزو وٺجي ٿو. مولانا صاحب پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي فصل ستين جي صفحي 44 تي هن طرح لکي ٿو ته“ چيو وڃي ٿو ته 32 علماء مولانا محمد ڪامل ڪٽبار شريف واري جا مريد هئا. انهن مان سڀ کان وڏو عبدالحليم (ساڪن ڪنڊو) هو جيڪو شروع ۾ سندن وڏو معتقد هو ليڪن آخري عمر ۾ ميان صاحب ان کان ڪنهن سبب ناراض ٿيو جنهن ڪري هو حضرت مخدوم صاحب ڏانهن هليو ويو. ”
ساڳئي ڪتاب جي صفحي 82 تي هن طرح آيو آهي، “ نقل آهي ته مولوي عبدالحليم صاحب ڪنڊي وارو جيڪو وڏي ميان صاحب(محمد ڪامل) جو مريد خاص هو ميان جي وفات کانپوءِ ميان محمد حسن وٽ حاضر ٿيو(هيءُ بزرگ ميان محمد ڪامل جو فرزند هو) توجه ۽ تلقين جي درخواست ڪيائي تلقين کانپوءِ مولانا ڪنڊوي ميان صاحب جي قدم بوسي ڪئي ۽ چيائين ته الله جو شڪر آهي جو ميان محمد ڪامل جو فيض اڃا تائين جاري آهي. ”
مولانا محمد قاسم اهو ڪونه ڄاڻايو آهي ته آخر اهوڪهڙو سبب هو جو مولانا عبدالحليم ڪنڊوي تي ايڏي ناراضگي! جو هڪ صادق مريد ۽ شريعت جو باڪمال استاد الڪل مرشد جي ناراض ٿيڻ تي کيس ڇڏي هليو وڃي. مولانا جي لکڻ موجب مولانا ڪنڊوي مخدوم صاحب(؟) ڏانهن هليو ويو. جيڪو ان وقت حيات هو. مولانا محمد قاسم ان مخدوم جو نالو ڪونه لکيو آهي اندازو اهو آهي ته ته اهومخدوم صاحب محمد صديق سيهڙ بادشاهه ڏانهن اشارو آهي.
مخدوم محممد صديق سيهڙ جي وفات جو سن 1233هه آهي ۽ميان محمد ڪامل 1239هه ۾ وفت ڪئي آهي يعني ميان محمد ڪامل مخدوم محمد سيهڙ( سندس مرشد) کان پوءِ فقط ڇهه سال حيات هو. جو سندس وفات کان پوءِ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي وري سندس فرزند ميان محمد ڪامل وٽان ئي هليو ويو ته پوءِ وري موٽي سندس پٽ وٽ اچڻ بعيد از قياس آهي.
اها ڳالهه ان وقت تسليم جوڳي آهي جڏهن هڪ طالب ڪنهن سلوڪ جي صاحب وٽ سلوڪ جي ابتدائي مرحلن ۾ هجي ۽ سندس مرشد وفات ڪري وڃي ته پوءِ ڪماليت تي پهچڻ لاءِٻيو مرشد وٺي سگهجي ٿو پوءِ کڻي سلسلو ئي ٻيو ڇو نه هجي ان ڪري اها روايت صحت جي درجي تي پهچي نٿي سگهي.
مٿين روايت مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جهڙي ڪامل استاد ۽ بزرگ جي شخصيت کي داغدار بڻائي ٿي جو ڪهڙي به ناراضگي ڇو نه هجي ۽ مرشد رهبر کي ڇڏي بيعت ٽوڙي ڇڏجي ۽ اتان هليو وڃجي. ڪوبه ڪامل مريد ائين ڪري نٿو سگهي. هتي ته عارف ڪامل مرد مجاهد استاذ العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جهڙو بزرگ آهي. ان ڪري اسان کي پهرئين روايت جنهن ۾ مولانا ڪنڊوي صاحب کي مخدوم ميان محمد صديق سيهڙ جو مريد ڏيکاريو ويو آهي. اها روايت معتبر آهي. جو مولانا ڪنڊوي صاحب مخدوم محمد صديق سيهڙ جي مدرسي شير واري کڏواري تعلقي گهوٽڪيءَ مان تعليم به حاصل ڪئي ۽ مخدوم صاحب وٽان ئي کيس فيض مليو جي رچي ريٽو ٿيو ۽ کيس ميان محمد ڪامل ۽ سندس فرزند ميان محمد حسن ڪٽباريءَ وٽان فيض حاصل ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي.
هيءُ بحث تحقيقي نقطه نگاه کان ڪيو ويو آهي. بزرگ جو سلسلو ساڳيو ئي قادري آهي. ميان محمد ڪامل ڪٽباري بزرگ به مخدوم ميان محمد صديق سيهڙ جو مريد آهي ۽ سندن ئي ارشاد تي ڪٽبار شريف اچي وسايائين جتي مرشد جي نظر جي اثر سبب سندس شهرت ٿيڻ لڳي مٿئين حقيقت جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ ميان محمد ڪامل ڪٽباريءَ جو مريد نه بلڪه پير ڀائي آهي.
وفات:
همايون واري ٻئي دور جي مدرسي جي پڄاڻي يعني 1838ع ۾ ٿي مدرسو خليفي صاحب جي حوالي ڪيائين ۽ روهڙيءَ ۾ قاضين رهيو ته انهيءَ ئي سال وصال فرمائي ويو. تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيه ۾ پير حسام الدين راشدي جي حوالي سان آيو آهي ته (30_35) ورهيه قاضِ غلام محمد بن قاضي جان محمد ثالث جي اوطاق ۾ رهيو اتي درس ڪونه ڪرائيندا هئا پاڻ چوندا هئا ته اسان وٽ جيڪا امانت هئي سڀ محمد يعقوب لُٽي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي مهينا پنهنجي وطن ڪنڊي ڏانهن هليا ويندا هئا. ڪنڊي ۾ سندن ڀائرن جو اولاد آهي. ڪتاب جي هڪ ورق تي دل جي تصوير هٿ سان ڪڍي هئائون. جنهن ۾ تصوف جي اصولن مطابق محمد ﷺ جو نالو لکيو اٿائون. عمليات به کين دخل هوندو هو. سڄي عمر مجرد رهيا. ڊاڪٽرغلام علي سانگي سندن وصال جو سال 1254هه برابر 1838ع عمر 63 سال ڄاڻائي آهي. ميان رياض ميڪڻ 5 محرم 1254هه مطابق 1838ع عمر 91 سال ٻڌائي ٿو. انهيءَ حساب سان سندن ولادت جو سال 1163هه بيهي ٿو سندن مزار روهڙي کان (سکر ڪوئيٽا) ريلوي لائين جي پل هيٺان جتان روهڙي کان سکر ٽريفڪ جو گذر ٿئي ٿو روڊ سان لڳو لڳ کاٻي پاسي ڏکڻ طرف پکي واري پير سان مشهور آهي. فقير قادر بخش بيدل جي محبوب قاضي پير محمد جي مزار مولانا صاحب جي ويجهو آهي جنهن جي مٿان ڪچو ڪوٺو ٺهيل آهي اندر ٻيون به تربتون آهن.
الرحيم مشاهير نمبر مولانا ڪنڊوي جي وفات بابت لکيل آهي ته سندس وفات ڀاڳناڙي جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ ٿي هيءَ روايت صحيح نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ ته پاڻ روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ رهيل هئا وفات به اتي ٿي ۽ مزار به روهڙيءَ ۾ اٿن.