شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

صوفي ولي محمد تراب

صوفي ولي محمد “تراب” 1936ع حضرت صوفي مبارڪ علي شاه جن ججي گهر ۾ تولد ٿيا. سندن تعلق جهوڪ شريف واري جوڌي شاهه عنايت شهيد جي فرزند صوفي سلام الله ٿر ڌڻي تجل شريف تعلقو نارو ضلعو خيرپور سان آهي. پاڻ سنڌي فائنل پاس هئا. 1948ع ۾ پاڻ درگاه حضرت صوفي سلام الله شاه جا نائون نمبر سجاده نشين رهيا. سندن ڪلام سنڌي سرائڪي اردو هندي ۽ فارسي زبان ۾ چيل آهي. شاعريءَ ۾ سندن تخلص تراب آهي. شاعريءَ ۾ سندس استاد حضرت امداد عباسي صوفي القادري فدا ميرانپوري ۽ داتا ولايت علي شاه انباه جن هئا. پاڻ 9 ربيع الثاني 1417ههه مطابق 25 سيپٽمبر 1996 بروز ڇنڇڇر وصال ڪري ويا.

تنهنجي حسن سرتاج مٿي نثار ڪروڙين مان نه رڳو
ڪيئي سڪندا ويا سڪندا رهيا هروار ڪروڙين مان نه رڳو

تون شمع ته ٻيا سڀ پروانا ڪيئي دانهه ٿي ويا ديوانا،
ڪيئي سالڪ مست ملنگ ٿيا بي شمار ڪروڙين مان نه رڳو

تنهنجي صورت تان قربان ٿيان لک لک درود سلام ڏيان،
ڪيئي بزرگ شيخ مخدوم ميان پيزار ڪروڙين مان نه رڳو

توکي رحمت جو درياه چوان، توکي شاهن جو مان شاه چوان،
غوث قطب اولياء مطيع سردار ڪروڙين مان نه رڳو

شمس و قمر قربان ٿيا ملڪ حورون دربان ٿيا،
جن انس ملائڪ حور پري، جاندار ڪروڙين مان نه رڳو

صورت يوسف جي هئي چنڊ جهڙي پر عاشق زليخان ٿي هڪڙي،
تنهنجي عاشقن جو نه شمار ڪوئي، اڪيچار ڪروڙين مان نه رڳو

پڙهان صلوات سردار مٿي ڪري ڪرم “تراب” بدڪار مٿي،
ڪيئي سوالي تنهنجي در تي ٿيا پينار ڪروڙين مان نه رڳو

(اذان عشق صوفي ولي محمد تراب جو ڪلام
سهيڙيندڙ: نصر الله ڏاهري)