مولانا حبيب الله شهدادڪوٽي
تنهنجي حسن جي نظر عنايت سان ويران ٿيا معمور سوين،
درويش ٿيا سلطان سوين سلطان ٿيا مزدور سوين.
اي مرڪز حسن حقيقت نت ڪي پڇندا وٽن ٿا نشان راه
تنهنجي نقشِ قدم ڳوليندا وتن، غلمان هزارين حور سوين.
پنهنجو پاڻ مثال تون نازن ۾ پنهنجو پاڻ نظر نيازن ۾،
تنهنجي خاڪ تي سر بسجود رهن سج چنڊ جيان ڪي نور سوين.
تنهنجي ريگستان جي هر ذري ۾ وادي ايمن مستور ڏٺم،
تنهنجي در و ديوار جي گرد سدا طواف ڪرن ٿا طور سوين.
هر ذلت کان محفوظ رهن تنهنجي خس خاني جا خاڪ نئين،
هر عزت کان محروم رهيا تنهنجي چانئٺ کان رهي دور سوين.
ڀر پيچ تنهنجو و منزل آ، سا بند سدا بي ساحل آ،
ائين ٻڏڻ ترڻ جي غوطن ۾، ٻيڙا غرق ٿيا ڀرپور سوين.
توکان منهن موڙي بي باڪ سوين ڳري خاڪ ۾ ٿي ويا خاڪ سوين،
ڪيئي سر ڦريل مغرور سوين مري ٿي ويا چڪنا چور سوين.
تنهنجي مشڪين خال جا شيدائي، صحراءِ ختن ۾ رلندا وتن،
تنهنجر زلف سياه جا سودائي برباد ٿيا ڪافور سوين.
اي ناقه سور آهسته هلاءِ ڪجهه بيهي پوئتي نهاري ڏس،
ڪيئي پيدل پنڌ “حٻيب”جيان رلندا ٿا اچن معذور سوين.