شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

پير محمد معشوق شاهه راشدي

پير محمد معشوق شاهه راشدي قمبر ڀرسان گٽهڙ جو ويٺل هو. سائين معشوق شاهه جهڙو صورت جو معشوق تهڙو سيرت جو معشوق ۽ تخلص به معشوق هيس. مولانا مفتون همايوني جي انهيءَ ڪلام جي تتبع تي پاڻ به ڪلام ٺاهيائين. جيڪو پڻ مشهور ٿيو پير صاحب سنڌي اردو ۽ فارسي ٻولين جو چڱو ڄاڻوهو. ۽ سٺو حڪيم به هو سندن پيري مريديءَ جو سلسلو هلندڙ هو کيس شاعريءَ سان به لڳاءُ هو. مولانا عبداالغفور مفتون همايوني جي تتبع تي سندس چيل ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

تنهنجي حسن مليح خداداد مٿي دلداد هزارين مان نه رڳو

سو عاشق تنهنجي تصوير ڪيا، لک تابع تنهنجي تحرير ڪيا،
سر خمر تسليم ڪيا استاد هزارين مان نه رڳو

تنهنجي زلف زنجير گلوگير اندر نخچير ڪثير اسير اندر،
بيدار زنخ هي بير اندر، افتاد هزارين مان نه رڳو

ڪيا چاڪ فراق بي چاق اڃا، منهن ماه لقا جا مشتاق اڃا،
ڪن عرب عجم جا عشاق اڃا، فرياد هزارين مان نه رڳو

ڏس “معشوق” جي هن حال مٿي جنهن جو جيءُ جانب جمال مٿي،
تنهنجي شيرين محب مقال مٿي، فرهاد هزارين مان نه رڳو

( سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعري ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)