مولانا ضمير احمد لنجار
پڳدار پيغمبر تان صدقي پروان لکين هڪ مان نه رڳو،
هر عاشق ڀريا پياري سندا پيمان لکين هڪ مان نه رڳو.
مخلوق اٺارهن هزار سان گڏ، هر عالم جي هر چيز فدا،
ڪن پيار پرينءَ سان ٿا بيشڪ بيجان لکين هڪ مان نه رڳو.
سج چنڊ ستارا سيارا، آڪاش ست ئي ۽ عرش عُليٰ،
قربان بهشت جي حورن سان غلمان، لکين هڪ مان نه رڳو.
ان وقت اسان پيدا ٿيون ها، پوءِ ڀاڳ اسان جا ٻيا ڪهڙا
دل ۾ ٿا رکن هي حسرت سچي سلطان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڏس ناري ۽ نورن کان وڌ، اعزاز اسان کي ملي ويو آ،
مدنيءَ جي صدقي اشرف ٿيا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.
معراج ۽ عرش برين پهتو، محبوب نبي مطلوب نبي،
معراج نماز ۾ امت جو، شڪران لکين هڪ مان نه رڳو.
الفت جا وڏا اظهار ٿيا، اڄ پنهنجن سان پراون ڀي،
جاني به ٿيا لاثاني اتم، جانان لکين هڪ مان نه رڳو.
روحاني حلاوت وڌندي آ، جڏهن ياد مدينو ايندو آ،
ان رمز ڪيا بيتاب چوان نالان لکين هڪ مان نه رڳو.
سڪ ۾ ٿا سڪون اڄ ڀي ڏاڍو، سڪ لاهيون ٿا وڃي روضو ڏسي،
آسيس ٿا اڄ ڀي ساڳي وٺن، مستان لکين هڪ مان نه رڳو.
جوڙن ٿا نظم شاعر ڪيئي ڄڻ موتي پروڙن ٿا ويهي،
ها پيش ڪرن ٿا عقيدت جا گلدان لکين هڪ مان نه رڳو.
تڪبير جي نعرن سان گڏ گڏ هڻي ختم نبوت جو نعرو،
لنجار وڌائن ٿا جذبا جولان لکين هڪ مان نه رڳو.