عبداللطيف لطيف سومرو
تنهنجي پيارا نرمل نيهه ڪيا، ناشاد هزارين مان نه رڳو،
شب روز ٿا توکي شوق سان ڪن پيا ياد هزارين مان نه رڳو.
جي ڏي به تو آهن نيڻ کنيا، ڄڻ قهري تون تن کي تير هنيا،
ان چست نشاني بازيءَ ٿيا، برباد هزارين مان نه رڳو.
تنهنجا وار سهڻل آهن ڇا، ڪاڪل ڪارا ڪارا ڪنڊڙا،
ان زلفن ۾ ٿي قيد پيا، آزاد هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حسن جا عجب اسرارمٺا، جيڪي به اڳيا تنهنجي آيا،
ٿي نرم پيا صاحب دل جا، فولاد هزارين مان نه رڳو.
هن پنهنجي “لطيف” جا پيارا، دک درد وڃائن سڀ دل جا،
هر هنڌ ڪن پيا تنهنجي ثنا، استاد هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)