شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

خليفو محمد يعقوب همايوني:

خليفي صاحب. جي ولادت 1795ع ۾ اباڻي ڳوٺ ڇٽ ۾ ٿي سندس والد جو نالو محمد مبارڪ پيچوهو هو. پيچوها ابڙن جي لڄ مان آهن. سندن اباڻو ڳوٺ ڀاڳناڙي ۾ ڇٽ هو. ڇٽ کي ڪي “جهٽ” به لکن ٿا پر اهوان علائقي جو نالو جهث پٽ آهي. خليفو صاحب مدرسي ڪنڊي ۾ ئي علامه عبدالحليم ڪنڊويءَ جي رهبريءَ ۾ ديني نصاب پورو ڪري فيضياب ٿيو. خليفو محمد يعقوب همايوني مدرسي ڪنڊي جي 1822ع ۾ بند ٿيڻ سان پنهنجي استاد مولانا ڪنڊويِءَ سان گڏ سنڌ آيو ۽ جيڪب آباد جي ڳوٺ آباد ۾ 3 سال ۽ پوءِ اهو مدرسو بند ڪري همايون ۾ اچي 1825ع مدرسو کوليائين جنهن ۾ 1838ع تائين(مولاناعبدالحليم ڪنڊويءَ جي وفات کان ٿورو اڳ جو مولانا ڪنڊويءَ تدريس جو ڪم ڇڏي مدرسوخليفي صاحب جي حوالي ڪري روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ رهيو ۽ اتي 1838ع ۾ وصال ڪري ويو. خليفو صاحب نائب مدرس جي حيثيت ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. انهيءَ سڄي سفر ۾ خليفو صاحب پنهنجي استاد مولانا ڪنڊوي سان گڏ هو. خليفي صاحب همايون شريف ۾ عالي شان مسجد شريف جوڙائي جيڪا سن 1253هه مطابق 1837ع ۾ جڙي راس ٿي.
خليفي صاحب جي وفات 1273هه مطابق 1856ع ٿي. سندس وفات جي تاريخ “چراغ دوجهان” مان نڪري ٿي.
خليفي صاحب جي مزار همايون شريف ۾ سندس مسجد شريف جي ڀرسان پنهنجي نامور فرزند عبدالغفور مفتون همايونيءَ سان گڏ آهي. جتي مٿن الاهي انوار وسندا رهن ٿا.


مدرسو همايون:
مدرسي ڪنڊي جي 1822ع ۾ بند ٿيڻ وقت سندس خليفي صاحب جي عمر 27 سال، ٽي سال آباد( جيڪب آباد ضلعو) جي مدرسي ۾ ٿيا 30 سال سال 1825ع ۾ همايون ۾مدرسو کوليائين پنهنجي استاد مولانا ڪنڊويءَ سان همايون ۾ نائب مدرس جي حيثيت 1825ع کان1838ع تائين 13 سال پوءِ ڪنڊوي مدرسوسندس حوالي ڪري روهڙي ويو مدرسي جو ٻيو دور 1838ع کان خليفي صاحب جي وفات 1856ع تائين 19 سال(پهرئين ۽ ٻئي دور همايون مدرسو) جا 32 سال ٿيا. اتان ناميارا عالم پڙهي نڪتا جن جو ذڪر اڳتي ايندو.