مخدو م محمد زما “طالب الموليٰ”
محبوب سندءِ مئخاني ۾، مئخوار هزارين مان نه رڳو،
مستانا ۽ مدهوش ٿيا، هوشيار هزارين مان نه رڳو.
اخلاق اوهان جي ير آڻي، ڪيئي پنهنجي غلام ڪيا ريءَ ناڻي،
نيا نينهن نهوڙي رب ڄاڻي، منٺار هزارين مان نه رڳو.
ٿي هستيءَ کان جن فخر ڪيو، سي قرب اوهان جي قيد ڪيا
پيا پيش گهڻا ڏسي ڏيل ڏيا، سردار هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي شاهه وڏا ڪنڌ نايو نمن، قدمن تي جبين ٿا روز رکن،
سڀ چاه منجهان چو ڦير چمن، پيزار هزارين مان نه رڳو.
محبوب کنئي جو هڪڙي نظر، پئي ڪانه ڪنهين کي ڪابه خبر،
سڀ هڪڙي دم ٿي ويا بهتر، بيمار هزارين مان نه رڳو.
جن ساڻ پرين تو پيار ڪيا، ۽ آرا انگل هر بار ڪيا،
ڪئي شاه تو شاهوڪار ڪيا، پينار هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي ناقص تو وٽ ٿيا ڪامل، ڪيئي جاهل اعليٰ ٿيا عاقل،
در تنهنجي مون جهڙا سائل، اي يار هزارين مان نه رڳو.
هي “طالب الموليٰ” صبح و مسا، رحمت ٿو گهري چئي صل عليٰ،
بخشيا تو سدائين مونجهڙا، بدڪار هزارين مان نه رڳو.
( ماهوار نئين زندگي مئي جون 1999ع محبوب اختر پٺاڻ)