شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

هڪ غلط فهميءَ جو ازالو

“ديوان مفتون” جو مرتب نياز همايوني پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته“ مولانا همايوني سياست کان اجنبي ۽ ناواقف هئڻ جي ڪري ڪيترن نا عاقبت انديش مُلن ۽ پيرن هن جي سادگيءَ مان ناجائز فائدو وٺي کانئس ڪن فتوائن تي ڪيئي ڀيرا صحيحون ڪرايون جن مان انگريزن طرفان حجاز جي نام نهاد حڪمران ابن شريف جي مقرري ۽ تائيد واري تحريڪ عام مشهور آهي”
هتي نياز همايوني صاحب ڳالهه کي وچڙائي گول مول ڪري ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته پهرئين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ 1919ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي. الوحيد اخبار 1919ع ۾ جاري ٿي. هن اخبار خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ شروع ڪيو. تاريخ 23 نومبر 1919ع ۾ دهليءَ ۾ پهرئين خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي ان کان اڳ ۾ تاريخ 17 اڪٽوبر 1919ع تي سڄي هندوستان وحيد الدين جي خلافت جي بقا لاءِ دعائون گهرايون ويون. اهو خلافت تحريڪ جو پهريون ڏينهن هو. حڪومت جي طرفان الوحيد اخبار کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اخبار “سچائي” نالي جاري ڪئي ۽ شهرن ۾ “امن سڀا” ڪاميٽيون قائم ڪيون.
انگريزن سنڌ ۾مولوي فيض الڪريم ٺارو شاهي جون خدمتون حاصل ڪيون جيڪو مولوي عيسيٰ ساندن واري جو فرزند هو. هن حجاز جي شريف حسين جي فائدي پنهنجو ڪتاب“ تحقيق الخلافت” لکيو. جنهن ترڪي جي خليفي وحيد الدين کي جڙتو ثابت ڪيائين ۽ شريف حسين کي خلافت جو حقدار قرار ڏنائين. انهيءَ جي رد ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صلاح سان مولانا دين محمد وفائي مرحوم هڪ رسالو “اظهار الڪرامت” لکيو جنهن ۾ وحيد الدين جي خلافت کي حق تي قرار ڏنو ويو ۽ شريف حسين کي خليفو نه پر باغي سڏيو ويو.
مولانا “مفتون” صاحب اڳ ۾ 1918ع ۾ هيءُ جهان ڇڏي چڪو هو. ليڪن حڪيم نياز حسن صاحب ان فتوٰي جي تائيد ۾ مولانا همايوني بزرگ صاحب کي به شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. جيڪو تاريخي حقائق جي ابتڙ آهي.