بزرگ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ جي شاهڪار ڪافي
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي مهمان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا، مخمور غفور سرور سندا،
تنهنجي نور ظهور حضور سندا نگران هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري
ڇا جن ملائڪ حور و پري غلمان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي نوڪر چاڪر ۽ اڪبر ڪيئي خادم خاقان هن نوڪر
سوين در تي دارا ۽ سڪندر دربان هزارين مان نه رڳو.
اي ماه لقا محبوب مٺا تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دستگير امير گدا حيران هزارين مان نه رڳو.
دلبر پيارا ڪر نور نظر تون ته سرور عالم جن و بشر،
توتان “مفتون” تارا شمس و قمر قربان هزارين مان نه رڳو.