شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مولانا نور محمد شهدادڪوٽي:

پروفيس سيد گل محمد شاهه بخاري پنهنجي ڪتاب “ شهداد ڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر” ۾ لکي ٿو ته“ نور محمد شهدادڪوٽي بلوچستان جي علائقي ناڙي جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ 1206هه مطابق 1792ع ۾ ڄايو. سندس والد جو نالو ميان غلام محمد بن ميان محمد توڪل هو ڊاڪٽر غلام علي سانگي سندس والد جو نالو ميان غلام محمد ميڪڻ لکيو آهي. جڏهن ته شريعت سوانح نمبر جي ص 246 تي سندس نالو عيسيٰ بن توڪل لکيو آهي. ”
پاڻ پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي تنبو ۾ سموري تعليم پنهنجي استاد ۽ مامي استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب وٽان حاصل ڪري ڪمال حاصل ڪيائين. مولانا در محمد خاڪ سندس باري ۾ الرحيم مشاهير نمبر ۾ لکي ٿو ته “ سندس علمي غلغلو ايڏو ته مشهور ٿيو جو قلات جي والي خان اعظم خدا داد خان کيس گهرائي پنهنجي علائقي جو قاِضي القضاء مقرر ڪرڻ فرمايو ۽ کيس جاگير به عطا ڪيائون جتي عمر عزيز جو چڱو حصو گذاري آخر ڪنهن شرعي مسئلي جي مخالفت ٿيندي ڏسندي عهدي تان استعفا ڏيئي پنهنجي ڪٽنب ۽ خاندان سميت 1272هه مطابق 1855ع ۾پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي لاڙڪاڻي ضلعي جي ميروخان جي بزرگ عالم حضرت ميان حامد حضوريءَ جو اچي مهمان ٿيو( جيڪو ڪنڊي واري مدرسي ۾ ساڻس گڏ پڙهيو هو. ) خان آف قلات کي پوءِ پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ساڳئي عهدي جي آڇ ڪئي پر شهدادڪوٽي بزرگ واپس نه ويو شهدادڪوٽ جي زميندار خان بهادر پير بخش خان کهاوڙ جي اصرار تي مولانا صاحب ميروخان مان لڏي اچي شهدادڪوٽ ۾ مقيم ٿيو.

مدرسو شهدادڪوٽ:
مولانا نور محمد شهدادڪوٽ ۾ سال 1272هه مطابق 1855ع ۾ مدرسو قائم ڪري درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا اسلامي درسگاهه” ۾ شهدادڪوٽ جي مدرسي جي قيام جو سال ساڳيو 1272هه مطابق 1855ع ڄاڻايو آهي. هن مدرسي مان به وڏا وڏا عالم پڙهي نڪتا جن سڄي سنڌ کي خصوصا سنڌ جي مٿئين ڀاڱي کي پنهنجي فيض سان رڱي ڇڏيو.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي قادري سلسلي جي بزرگ مولانا ميان محمد حسن ڪٽباري (1198هه1274هه) جا دست بيعت هئا. سندس وفات 1296هه مطابق 1880ع ۾ ٿي. الرحيم مشاهير نمبر ۾ 1296هه مطابق 1878ع ۽ سيد گل محمد شاهه بخاري 1298هه لکي آهي شهدادڪوٽ ۾درگاهه صديقيه ۾ هميشه لاءِ آرامي آهن.
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو مدرسي ڪنڊي کي ڇڏڻ کانپوءِ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جو ان مدرسي ۾ رهي تدريس جو سلسلو جاري رکڻ
مهراڻ سوانح نمبر ۾ منظور احمد حليمي لکي ٿو ته، “ ميان گل محمد صاحب 21 رجب 1249هه ۾ شهر ڪنڊو تحصيل ڀاڳ ۾ تولد ٿيا. علامه ميان گل محمد صاحب ڪجهه تعليم ڪنڊي بلوچستان ۽ ڪجهه شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. سمورو علم پنهنجي والد مولانا نور محمد کان حاصل ڪيائون 22 سالن جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿيا. ”
جيئن ته مولانا گل محمد صاحب جي ولادت 1240هه ۾ ٿي آهي. 22 سالن ۾ فراغت وقت سال 1262هه بيهي ٿو. جڏهن ته شهدادڪوٽ وارو مدرسو 1272ه ۾قائم ٿيو آهي ته پوءِ ڪجهه تعليم شهدادڪوٽ ۾ ڪيئن پڙهيا؟ مدرسي ڪنڊي ۾ ئي فراغت ڪيائون بلڪ 10 سال اتي پڙهايو به اٿائون. شهدادڪوٽ ۾ سندن والد وٽ پڙهڻ ثابت نٿو ٿي.
البته ميان غلام صديق شهدادڪوٽي سندن مولانا گل محمد صاحب جو ننڍو ڀاءُ آهي. ان جي ولادت ڪنڊي شهر ۾ 1260هه ۾ ٿي آهي اهو صاحب شروعاتي تعليم ڪنڊي ۾ ٿي والد صاحب وٽ پڙهيو ۽ پوءِ جڏهن 1272هه ۾ اتان لڏي اچي شهدادڪوٽ ۾ هيا ۽ مدرسو کوليائون پوءِ به جيڪڏهن هڪ روايت موجب 13 سالن جي عمر ۾ سندن فراغت تسليم ڪجي ته به پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا گل محمد صاحب شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي والد وٽ تحصيل نه ڪئي آهي. بلڪه ڪنڊي واري مدرسي ۾ پڙهيو آهي جيئن مٿي يان ٿي چڪو آهي.
مولانا گل محمد شهدادڪوٽي کان علاوه ميان غلام حيدر ۽ ميان تاج محمد ڪٽباريبزرگ جيڪي ميان محمد حسن ڪٽباري جا فرزند ۽ مولوي نور محمد شهدادڪوٽي جا مرشد زادا هئا. اهي به مدرسي ڪنڊي ۾ وٽس پڙهيا.
“تذڪره مشائخ ڪٽبار” جي ضميمي ۾ آهي (جيڪو ميان تاج محمد ڪٽباري جي پوٽي ميان عبدالحي ڪٽباري جو لکيل آهي) ته مولوي ميان محمد حسن ولد ميان تاج محمد وڪد ميان محمد حسن اول) 3 مهينا ميان گل محمد شهدادڪوٽي وٽ پڙهيوجيڪو ان وقت مٺڙي شهر ۾ سردار محمد اسد الله خان جي طرفان قاضي جي عهدي تي فائز هو. ”
جيئن ته مولوي محمد حسن جي پيدائش 1283هه ۽ وفات 1350هه آهي 1272هه ۾ مولانا گل محمد شهدادڪوٽي پنهنجي والد ۽ سموري اهل و عيال سان وطن جا وڻ ڇڏي پهريائين ميروخان ۽ پوءِ شهدادڪوٽ ۾ مدرسو کولي تدريس جي ڪم کي لڳي ويا ته پوءِ مولوي ميان محمد حسن مولانا گل محمد وٽ ڪيئن پڙهيو هوندو! البته اها ڳالهه تحقيق طلب آهي ته مدرسي شهدادڪوٽ ۾ پڙهائڻ دوران انهن سالن ۾ يعني تيرهين صدي هجري جي آخري سالن ۾ مولانا گل محمد شهدادڪوٽيءَ سردار محمد اسد الله خان جي طرفان مٺڙي شهر ۾ قاضي مقرر هو يا مدرسي شهدادڪوٽ ۾ درس ڏيندو هو

مٿئين سڄي مذڪور مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:
خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جي ولادت 1795ع ۾ ٿي.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَجي ولادت 1791_92ع ۾ ٿي.
مدرسو ڪنڊوقائم ٿيو 1800ع ۾جتان اهي ٻئي بزرگ مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽان پڙهي فارغ ٿيا.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي، خليفي محمد يعقوب همايونيءَ کان ڪجهه سال عمر ۾ وڏو آهي ۽ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ( سندس استاد) جو ڀاڻيجو ۽ هڪ ئي ڳوٺ ڪنڊي جا ويٺل آهن.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ڪنهن شرعي مسئلي تان ناراض ٿي پنهنجي عهدي تان سبڪدوش ٿي ڪٽنب ۽ خاندان سميت 1272هه مطابق 1855ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ميرو خان ڳوٺ ۾ ميان حامد حضوريءَ جو مهمان ٿيو ۽ ساڳئي سال يعني 1855ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ اچي مدرسو کوليو مدرسي کولڻ کان پوءِ 1856ع ۾ يعني هڪ سال اندر خليفو محمد يعقوب همايوني وصال فرمائي ويو.
مهراڻ سوانح نمبر ۾ ۽ الرحيم مشاهير نمبر ۾ آهي ته مولانا نور محمد شهدادڪوٽي علم جي تحصيل پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ مولانا عبدالحليم جي درسگاهه ۾ڪئي. سمورو علم مولانا ڪنڊويءَوٽ پڙهيو. ڪن سوانح نگارن مولانا شهدادڪوٽيءَ کي مولانا ڪنڊويءَ جو پهريون شاگرد تسليم ڪيو آهي. جو خليفي صاحب کان اڳ ۾ فراغت ڪيائون.
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جڏهن ڪن سببن ڪري1822ع ۾ مدرسو ڪنڊو بند ڪري بلوچستان کي خير باد چئي سنڌ ۾ جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ آباد ۾ اچي مدرسوکوليو جيڪو 1825ع تائين ٽي سال هليو ته ان سفر ۾ خليفو صاحب به پنهنجي استاد مولانا عبدالحليم ڪنڊوي سان گڏ هو ۽ آباد توڙي همايون واري مدرسي ۾نائب مدرس طور ڪم ڪيائين جڏهن ته مولانا نور مححمد شهدادڪوٽي ساڻن گڏجي ڪونه آيو ۽ اتي ئي رهي پيو جو قلات جي والي خان اعظم خداداد خان کيس پنهنجي علائقي جو قاضي القضاء مقرر ڪيو ۽ کيس وڏي جاگير به ڏنائين جتي مولانا نور محمد شهدادڪوٽي عمر جو وڏو حصو گذاريو.
مٿين سڄي روئداد يعني مدرسي ڪنڊي جي بند ٿيڻ 1822ع کان وٺي 1838ع همايون مدرسي جي دور تائين مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ساڻ گڏ نظر ڪونه ٿو اچي بلڪه مولانا نور محمد شهدادڪوٽي بلوچستان ۾ ئي پنهنجي استاد جي مدرسي ڪنڊي ۾ ئي مدرس طور پڙهائڻ لڳو ۽ قضا جو منصب به سنڀالڻ لڳو سندس وڏو فرزند مولانا گل محمد شهدادڪوٽي مولانا غلام صديق کان علاوه ميان غلا حيدر ۽ ميان تاج محمد ڪٽباري جيڪي سندس مرشد ميان محممد حسن ڪٽباريءَ جا فرزند هئا ۽ سندس مرشدزادا هئا. سي وٽس اتي پڙهيا. آخرڪار اتي ڪنهن شرعي مجبوري سبب قضا جي عهدي تان سبڪدوش ٿي پنهنجي اهل و عيال سميت 1272هه مطابق 1855ع مدرسو قائم ڪري تدريس جي ڪم کي لڳي ويو. سنڌ ۾ شهدادڪوٽ ۾اچڻ کان اڳ پورا پنجاهه سال بلوچستان ۾ قضا ۽ درس جو ڪم سرانجام ڏيندا رهيا.
انهيءَ سڄي مذڪور مان خبر پوي ٿي ته پاڻ مدرسي ڪنڊي مان ئي پنهنجي استاد ۽مامي مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽان خليفي محمد يعقوب همايونيءَ سان گڏ فراغت ڪئي اٿائين. آباد يا همايون جي مدرسي ۾ ڪونه آيل ٿو ڏسجي بلڪه پاڻ بلوچستان ۾ ئي هي پيو ۽ ڪنڊي مدرسي ۾ ئي پڙهائڻ لڳو ۽ قاضي القضاء بڻيو جي اتي سندس وڏي ناماچاري ٿي. جڏهن خليفي صاحب سان گڏ فراغت لڌي اٿائين بلڪه اڃا به کانئس ڪجهه وقت اڳ ته پوءِ خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جو شاگرد ڪيئن ٿيو؟ ۽ڪڏهن اچي مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کي اچي پڙهايائين جو خليفي صاحب وارو استاديءَ جو حق ادا ڪيائين اهو پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو.
هاڻي اچجي ٿو، روايت جي انهيءَ حصي تي شريعت سوانح نمبر ۾ ص245 تي آهي ته مولانا خليفي محمد يعقوب همايونيءَ وفات بعد مولانا عبدالغفور همايوني جي تعليم لاءِ مولانا محمد يعقوب جي فاضل شاگردن مان مولانا عبدالله سومراڻي واري، مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ۽ ٻين ڪجهه وقت همايون ۾ رهي حق استادي ادا ڪيو. پوءِ مولانا سميت پوري مستقل رهي مولانا کي پڳ ٻَڌائي.
علامه قاسمي صاحب مقالات قاسميءَ ۾ هڪ هنڌ سنڌ جي همايوني استادن جي هڪ شاخ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته، “ مولانا محمد يعقوب سومراڻي واري کي استاد جي نالي ڪري عبدالله سڏيندا هئا. خليفو محمد يعقوب (عبدالله) کي وصيت چئي هئي مولانا وصيت مطابق مفتي عبدالغفور صاحب کي پڙهائي فارغ ڪيو. ”
مولانا مفتون همايوني جي تعليم جي حوالي سان اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته خليفي صاحب جي وفات وقت مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي عمر 13 سال هئي ۽ ڪي مٿيان ڪتاب رهيل هيس جو سندس والد جي شاگرد علامه سلطان محمود سيتپوري هڪ سال همايون ۾ رهي کيس پڙهايو 14 سال سالن جي عمر(1858ع) ۾ فراغت ڪرايائينس. جيڪڏهن صرف هڪ سال ۾ رهيل ڪتاب پورا ڪري تحصيل ڪيائين ته پوءِ مولانا عبدالله سومراڻين واري ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ڪڏهن کيس همايون۾ پڙهايو؟ ڇاڪاڻ ته مولانا مفتون همايوني جي فراغت کان اڳ ۾ مدرسو شهدادڪوٽ 1855ع ۾ قائم ٿي چڪو هو ۽ مولاناشهدادڪوٽي اتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته مولانا سيتپوري ئي کيس بقايا ڪتاب پورا ڪرايا. جڏهن ته مٿي سڄي مذڪور مان مولانا شهدادڪوٽيءَ جو آباد جي مدرسي توڙي همايون جي مدرسي ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونه ٿو ملي.