مهاڳ: آصف درد جو ليکڪ!
اڄ پڻ ڪنجھو ڪنجهه واڍوڙڪيءَ منھن
جڏهن کان ليکڪن جي لاءِ من ۾ محبتون سانڍي رکيون اٿم، تڏهن کان وٺي اڄ تائين ھر درديلي تخليقڪار تي لکڻ چاھيو اٿم . پر لکڻ مونکي ناهي ايندو.
اندز بیان کر کہ بہت شوخ نہیں ہے،
شاید کہ اترجائے تیرے دل میں میری بات۔
مان ھميشه اديبن کي ڀيٽا ڏيڻ لاء لکڻ جو سوچيو آهي ۽ فقط سوچيو آهي، اڄ تائين عمل نه ڪيو اٿم انهيءَ سوچ تي، ڇو ته ڏات ڌڻين تي لکڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. ھنن سان انصاف تڏهن ٿئي ٿو. جڏهن ھنن جي سٽن سان ھنن کي ڀيٽا ڏني وڃي، ڪيترا ته ڏينهن ٿياآهن، جو آصف مونکي پنهنجو ڪتاب ڏنو، مهاڳ لکڻ لاءِ ـ ۽ ھيءَ ڪتاب مان ھڪ ڏينهن ۾ ھر روز ٻه دفعا پڙھيوآهي. سٽون پڙھندي ضرور ڏھ دفعا آھيان ۽ ليکڪ سان گڏ گڏ ڀوڳيندي به آھيان پر ياد ڪجهه ناهي رھندو، جيڪا بيماري مون ۾ گهڻي پراڻي آهي. ھي فقط لفظ ناهن، ھي دردناڪ سچ آهي جيڪو آصف جي سٽن منجھان ليئا پائي ٿو ۽ لڪي وڃي ٿو، وري اچي جھوراي ٿو وري گم سچ سھڻ ۽ سچ جي صليب تي ٽنگجڻ آهي. مان سچ ۽ سچار کي شھر جي چوراھن تي بيدردي سان شھيد ٿيندي ڏٺو آهي. مان ھي ڪتاب پڙھندي پاڻ کي پلصراط تي بيٺل ڏٺو آهي ۔ پلصراط تان لنگھندي ڏٺو آهي. مان ھي تحريرون پڙھندي زندگي جي جھنم مان ڪيئي ٿوھر کاڌا آهن ۽ گرم پاڻي پيتو آهي. مونکي ائين لڳي لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جي خدائن جا جواب مان ليکڪ سان گڏ ڏنا ھجن. ھي اکر ناهن ـ پيڙا آهي، ڀوڳنا آهي . پھرين صفحي کان وٺي آخري صفحي تائين رت جو ھڪ ڳاڙهو درياه آهي جنهن ۾ ٽٻي ھڻ ته سڄو سور سور ٿي وڃي. رت ھاڻي ڳاڙهي درياه جو ڪو به ڪنارو ناهي، ڪو به نه... ڇو ته اڪيلي سر کنيل صليب رڳو جسم ۽ روح زخمي ڪندو آهي جيئن آصف هن سٽ ۾ چوي ٿو :
“مان ماضيءَ کان وٺي حال تائين دردن جي صليب، سدائين اڪيلي پنهنجي ڪلھن تي کڻي نڪتو آھيان، تنهنجي ھر تحرير ايتري سڌي آهي ـ سادي ۽ خوبصورت آهي جو ھر احساس وارو آرام سان سٽن ۾ لھي وڃي ٿو ۽ توسان گڏ تنهنجي محبوبا کي سڏڪرڻ لڳي ٿو.”
ـ محبوب تنهنجون خوبصورت اکيون
جڏهن ھنن جي گھررائي ۾ ويندو آھيان
ته ھن دنيا کان ڪٽجي ويندو آھيان،
ھي سمورو نظم لکڻ جھڙو آهي پر گهڻي طوالت ٿي ويندي، وڌيڪ پڙھندڙن تي ڇڏجي ٿو. سچ ته آصف جون سٽون روح جي گھرائي ۾ لھي ھڪ عجيب پراسرار ۽ خوبصورت شام جو سير ڪرائين ٿيون ۽ وري موٽائي ڪارين اونداهين راتين ۾ ڦٽو جٿي گُھگهه اونداھي، ويراني آهي، ۽ اڪيلائي ـ آصف جي نظمن ۾ عنوان تير ڀالا آهن، روح کي رھڙي وڃن ٿا ۽ پير يادن جي اڀن ڪاون تي هلن ٿا.
اذيتن جا ساز...!
دردن جون ڇوليون
اکين ۾ لٿيون
ازيت جا ساز وڄندا رھيا
آسمان جي ڪاراس واري ڪشڪول ۾
ڪنهن ستاري جون اکيون ٻرنديون رھيون
روح جا خانه بدوش پرين
تنهنجي يادن جا بادل اکين ۾ لٿا
چنڊ ۾ چمڪندڙ چھرو تنهنجو ڏسي
بار بادل ڪو ھلڪو ٿي ويو
جاڳ جي گھاٽ تي
ھڪڙو رولاڪ يادن جي ڦاهيء تي چڙھندو رھيو .
مونکي خبر ناهي ته ھڪ ٽٽل انسان جي زخمن تي پھا ڪئين رکبا آهن ملم ڪئين ھڻبو آهي؟ مونکي اھا به ناهي خبر ته ڀيٽا ۾ آئون ڇا لکان...؟ آصف جا زخم مرھم کان وڏا آهن، انجا ۽ انجي ماضيءَ جا درد جيترا گھرا آهن، ايترا ئي دلڪش آهن، تنهنجي سٽن سان گڏ جڏهن اڪيلي ۾ ويھي اوڇنگارون ڏجن ٿيون ته اکيون لڙڪ نه رت ڏين ٿيون ۽ فرشتا آڪاش تان لھي اچي ڌرتيءَ تي مون سان گڏ تنهنجو ھيءَ نظم پڙهڻ لڳن ٿا.
جڏهن به راتين جو رلي ڏسان ٿو
دل آئون ۽ اڪيلائي آهي
ڪنڊن جي رستن تان گذري اڪيلو
پنهنجي اجڙي ويل
عبادتاگاھ ڏي وڃان ٿو
زندگيَ ۾ رکيو ڇاھي
آئون ازيتن جو زھر روز پي ڏسان ٿو
ھوءَ وڇڙي وئي مونکان زندگيَ جي سفر ۾
ھڪڙو رولاڪ ٿي ھاڻ جي نه سگھان ٿو.
آصف جي سٽن ۾ درد رڳو ذاتي ناهي، درد ڌرتيءَ جو به آهي، ڌرتي جيڪا ذات پات ۽ ڏات کان آتم ھجي ٿي. ڌرتيءَ سان محبت جو ذڪر سائين پنهنجي نظم (امان تون منهنجي سنڌ آھين) ۾ ڪيو آهي. جنهن نظم کي پڙھندي ھڪ وقت جي آمرن کان ۽ ڪوڙ کان نفرت ڪندڙ شخص ھڪ اڏول تخليقڪار بغاوت ڪندي نظر اچي ٿو. جيڪو ڌرتيءَ کي پنهنجو رت ست ڏئي آزاد ۽ آباد ڏسڻ چاھي ٿو. بيشڪ ڌرتيءَ جو درد اھي ڄاڻن جيڪي تھجد جي سجدن ۾ سنڌ لاءِ روئين ۽ لڇن ٿا.
تڙپي تڙپي لکن ٿا ـ ۽ لکڻ جھڙي ڄڻ ته ڪا اذيت ئي ناهي.
مونکي ڇو ايڏي آزمائش ۾ وڌو اٿئي
ايتري آزمائش ته پيغمبرن کي به ناهي ھوندي
مان ته سنڌ ماءُ جو اڻٿاڪو رولاڪ پٽ آھيان
مان ڪو پيغمبر ناھيان
مان ڪو ديوتا ناھيان
مان ڀري پوندس
مان ٽٽي پوندس.
ڪيتري نه پيڙا ۾ لکيل آهن، اھي لفظ جيڪي نڙيءَ کي خشڪ ڪري ڇڏين ٿا، ھو ھن ڌرتيءَ جي رٺل بھارن کي موٽائي آڻڻ لاءِ پالڻھار سان به بغاوت ڪري ٿو ۽ ڪرڻ چاھي ٿو، ڇو جو پالڻھار سان جھيڙو ڪرڻ عشق ۽ عقل جي علامت آهي. منهنجي نظر ۾ خدا سان جھيڙو (هُجت) ڪرڻ جو حق انسان رکي ٿو، ڇو ته وٽ زبان آهي، دل آهي ـ احساس آهي ۽ احساس نه ڪيل ڏوھن جي سزا ۾ شھيد ٿين ته وڏي تڪليف ٿيندي آهي ـ ٽيگور چيو ھو ته: “مونکي خدا جي وجود سان انهيءَ ڪري محبت آهي جو ھن مون کي اھو اختيار ڏنو آهي ته مان ھن جي وجود کان انڪار ڪري سگھان.”
آصف جون سٽون آهن ته:
آئون پنهنجي پالڻھار سان
بغاوت تي لھي ايندس
آئون نئي تاريخ لکندس
آئون پنهنجي ماء جي
ٿڃ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ڏيندس.
آئون دعوىٰ سان چئي سگھان ٿي ته ھي لفظ ھي تحريرون، آصف جي جيون جي لکيل رت ھاڻي نئي تاريخ آهن . امر جليل صحيح فرمائيندو آهي ته: “سنڌي اديب غيرتمند ھوندا آهن” ۽ اهو سچ آهي ڇو ته حلالي پٽ ڪڏهن به ماءُ جي ڇاتيءَ وار ناهي سھندو ۽ اگر اھو تخليقڪار ھجي پوءِ ته ٽيڻو جوکم کڻي ٿو. ھو لفظن جي تلوارن جا سڌا نشان دشمنن ڏانهن رکندو آهي ۽ ھڻندو آهي ۽ ھن کي سچ لکڻ تي اگر اذيت سان قيد تنھائي ۾ رکيو وڃي ته به ھو قبولي ٿو .ڇو جو غيرتمندي جھڪندي ناهي. پر سچار ھميشا پنهنجي ضمير جو قيدي ھوندو آهي جئين سينٽ جان پرسيءچيو: And it is enough for a poet to be the guilty onscience of his time" (اھو شاعر /تخليقڪار لاءِ ڪافي آهي ته ھو پنهنجي دور جو مجرمِ ضمير ٿئي.) آصف جي تخليقن ۾ واضع آهي ته هو عورت جي تقدس جي به خوبصورتي سمجهي ٿو، ھو عورت کي ڌرتيءَ جيان مقدس لکي ٿو. ھو جڏهن به پنهنجي امر محبوبا کي سڏي ٿو ته کيس روح ۽ دل سان ھن کي ڌرتي سان تشبيهه ڏئي ٿو. جيڪا هڪ تمام گهري ۽ وڏي تشبيهه آهي. (تون مقدس آھين سنڌ جيان...!) عورت کي جڏهن ماءُ جي روپ ۾ ڏسي ٿو ته ڪمال پاڪائي اٿس جذبن ۾، جو ماءُ تصوير پنهنجي سيني جي دل واري پاسي لڳل کيسي جي ٻٽونء ۾ رکي ٿو، ۽ اڪيلي ۾ ويھي پنهنجي ماءُ سان ڪنهن ننڍڙي معصوم ٻار جيان تال ڪري ٿو ـ کلي ٿو روئي ٿو. ڇو ته ھن ماءُ کي پنهنجي ھٿن ۾ روح پرواز ٿيندي آخري سفر جو راھي ٿيندي ڏٺو آهي. ۽ اھو درد آسمانن کان به وڏو آهي. ماءُ جون اکيون جڏهن ھميشه لاءِ بند ٿين ته دعا جو دروازو بند ٿي ويندو آهي. ھڪ خوبصورت زندگي ڇوري ڇني ٿي ويندي آهي ـ ھو جڏهن پنهنجي ڪنهن نظم ۾ ماءُ جي پيرانديءَ کان ويھي ھن جي سرد ٿي ويل پيرن/جنت کي چمي ٿو، ھر فرمانبردار پٽ ۽ ڌيءَ جي اکين ۾ اذيتون ۽ مستقبل جون اونداهيون اچي لھن ٿيون ! ۽ ھو جڏهن ڀيڻن جو ذڪر ڪري ٿو عظمت سان ھنن کي پنهنجي گهر جي رحمت ۽ سونهن سڏي ٿو.
آصف پنهنجي محبوبا کي ديوي مڃي ٿو ۽ ھن کي ڪنهن مقدس ڪتاب وانگر سيني سان لاءِ چمي ٿو. ھا محبوبا جيڪا نه چاھيندي به ھن کي ازيتن جي آوڙاھ ۾ ڇڏي پاڻ ڏور آسمان جو ستارو ٿي وئي. ھي پاڻ کيس رڻن ۾ رُلي سڏيندي رڙندي ۽ تڙپندي نظر اچي ٿو. ھن جي پوتر سنڌ جھڙي محبوبا جنهن کي ھو ھڪ نظم ۾ ائين مخاطب ٿئي ٿو. ڪيڏي ته پيار سان ۽ پيڙا منجهان جو پڙھندي ڪي لڙڪ نڙيءَ ۾ اٽڪي پون ٿا.
تنهنجي مرڻ کان پوءِ
منهنجي محبت مري ويندي
منهنجي دل مري ويندي
منهنجا ننڍڙا ارمان مري ويندا
منهنجا سمورا خواب مري ويندا
منهنجا لفظ يتيم ٿي ويندا...
لفظن جي يتيمي واري تصوير آصف جي لفظن ۾ ڪيڏي چٽي آهي! ۽ انهيءَ تحرير ۾ اڳتي لکي ٿو.
توکان پوءِ منهنجي ڪائنات
موھن جي دڙي ۾ دفن ٿي ويندي.
ھونئن ته آصف سڄو ئي درد جو تخليقڪار آهي پر ھو ٿورو گهڻو رومانس تي به لکي ٿو. ۽ جڏهن جنهن شيءَ تي به لکي ٿو انهي کي امر ڪري ڇڏي ٿو. اھو قلم يقيناً خوشنصيب آهي. اگر ڳالهه ررومانس جي ڪئي وڃي ته آصف جو نظم (خواب، جواني ۽ الفت) ھڪ بي حد خوبصورت ۽ ڦوھ جوانيء ۾ سرجيل نظم آهي. ۽ ٻيو نظم (قبر جا گل ) ۾ ھڪ جاءِ، ھن جي معصوم محبوبا ھن کان ڪيترو نه پيار سان سوال ڪري ٿي نماڻين اکين سان پڇي ٿي.
سياري ۾ چپ ايترا
ڪوسا ڪئين ھوندا آهن...!
آصف چوي ٿو: “مان ڏات ڌڻي ناھيان، مان ڏسان ٿو ته ادب ھڪ وسيع درياه آهي جنهن ۾ منهنجي فقط ننڍڙي چيچ آلي ٿي آهي. ” اھا هيٺائين، عاجزي ھن جي سٽن مان پسي سگھجي ٿي. حالانڪي اگر انصاف سان ڏٺو وڃي ته آصف جون لکڻيون تاريخ آهن. ھن ھميشا گمنام ٿي لکيو آهي، ۽ جڏهن به لکيو جيڪو به لکيو ڪمال لکيو اٿس. پوءِ به چوي ٿو:
مونکي خبر آهي ته
منهنجو ڪنهن داستان ۾
نالو نه وڌو ويندو
گمناميءَ جي اونداھي گھٽيءَ ۾
پنهنجي محبت وانگر
آئون زماني کان وسرڻ لاءِ
وري ھڪڙو رولاڪ ٿي پيدا ٿيو آھيان.
ھو شھرت نٿو چاھي نه ته جيترو درد منجھان لکي ٿو ۽ حسين لکي ٿو ته ھن مھل تائين ھڪ نه ته ٻن ڪتابن جو خالق سڏجي ھا. ھن کي بک ڪونهي شھرت جي، ھو نيڪ نيتيءَ ۽ صاف دليءَ سان لکي ٿو، جيڪو به لکي ٿو سچ لکي ٿو ـ ۽ سچ ئي لکيو ويندو آهي. اديب اگر وڌائي به لکي ٿو ته تڏهن جڏهن درد شدت اختيار ڪري وڃي. ھي پوءِ به چوي ٿو مان ڪجهه به ناھيان، بس (ڪچي مٽيءَ جو ڏيئو آھيان، سانئڻ آئون ڪچي مٽيءَ جو ڏيئو آھيان، جيڪو آھستي آھستي ڀڄي ڀري ۽ وسامي رھيو آهي) ڄڻ ته ھو حسن درس جيان چوي ٿو: “شھرت ڪين گھرجي، ڇو پئي ڊڪي پٺيان.”
آصف پاڻ پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته: “مان ھڪ گودڙو فقير آھيان. مان دنيا جي سڀني خوبصورت نالن کان ھٽي ڪري پاڻ کي ھڪ ئي نالو ڏنو آھي، رولاڪ...! ڇو جو منھنجو وجود زمين کان آسمان تائين، آسمان کان عالمي ارواح تائين جي رولاڪين ۾ مڳن رھندو آھي، ۽ مان قلعي جي ھنج ۾ ويھي پنھنجن رولاڪين جو سفر شروع ڪندو آھيان. ڪڏھن مونسان ڏات جي ديوي پرچي رولاڪين ۾ اچي ھلڻ شروع ڪندي آھي ته وري ڪڏھن دردن جا پکي دل جي سر زمين تي لھي سڏڪن جي ڌمالن تي رقص ڪندا آھن، پوء مان زندگي جي پلصراط واري سفر ڏانھن روانو ٿي ويندو آھيان.”
مان سڏڪا ۽ سڪرات گهڻي ويجھي کان ڏٺي آهي پر آصف جي تحريرن ته اڪيلائي ۾ ڄڻ روئڻ جو عادي ڪري ڇڏيو آهي. مان جڏهن پھريون دفعو آصف کي پڙھيو ھو ته مان ماضيءَ جي گھپ اونداهين ۾ ھٿوراڙيون ھنيون ھيون. جٿي منهنجا معصوم ھٿ زخمي ٿيا هئا. مان چوان ٿي ته ڪو چريو ئي ھوندو جيڪو توکي پڙهي سڪرات ۾ نه ايندو. باقي احساس ۽ سياڻپ وارو ماڻهو تنهنجا لفظ پڙهي في الحال ته درد جي صليب تي ٽنگجي پوندو ـ يا توسان گڏ رولاڪ ٿي رڻن ۾ رلندو.
اڃا به ھيءَ ڪاريون راتيون
يادن جا خنجر ھڻي وڃن ٿيون
اڃا به مون تي اگھاڙي موسم
درد جون خزائون ڇڏي وڃي ٿي...
ڪير چوندو ته ھي فقط کوکلا لفظ آهن. ھي ته نسورو سچ آهي، جنهن جون گواھ سٽون پاڻ آهن. سچي سڪرات آهي، جيڪا قلم جي گھايل چپن سان لکي وئي آهي ـ ھي اگھاڙيون ترارون آهن ، جيڪي سڌيون سيني جي آر پار ٿي وڃن ٿيون.
اڄ وري تنهنجي ٽھڪن ٻڌايو
ته غم ڪنهن جلاد جيان
مرڪن کي ڦاھيءَ چاڙهي ڇڏيو آهي...
ڪنهن ڏات ڌڻي جي لکڻ ڪو آسان ڪم ته هرگز ناهي، پر مان هڪ تمام ننڍي ڪوشش ڪئي آهي ته آصف جهڙي درد جي ليکڪ لاءِ مان پنهنجي هن مهاڳ ۾ انصاف ڪري سگهان.... اسان جو ھي گمنام پر ڪمال ڏات ڌڻي آصف پاڻ کي اڄ هڪ وڏو نام ڏئي ويو آهي. ھن جون تحريرون پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ھن پاڇن پويان جيون گھاريون آهي ـھن عظمت جي ھڪ پراسرار ڏاڪڻ جو سفر گذاريو آهي. ۽ مونکي اميد آهي ته ھي ڪتاب آصف جي انهيءَ ڏاڪڻ جي منزل ثابت ٿيندو. انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جھڙا گمنام ۽ ننڍڙا ماڻهو وڏن اديبن جي پيرن ھيٺان اچي لتاڙجي ويندا آھيون، حالانڪه اسان کي ڪو به گولڊ ميڊل يا ايوارڊ ناهي گھرجندو. اسان ته چاھيندا آهيون فقط ايترو ته اکر قوم جي امانت آهن ۽ امانت مالڪن تائين پھچڻ گھرجي، ڇو ته زندگيءَ تي ڀروسو ناهي، ساھ ڀي پنهنجي ھٿن ۾ ناهي، نه ڄاڻ ڪڏهن ڀڙڪو ڏئي اڏامي وڃي ٿو. ھي ساھ وارو ڪبوتر
نظم (تون زنده آھين)
ڪڏهن ڪڏهن انسان چاھيندي به
ڪجهه ناهي لکي سگھندو
منهنجي اندر ۾ اوچتو ئي اوچتو خاموشي
جنم وٺي ڇڏيو آهي
منهنجي اتاوَلي روح پنهنجي چپن تي
ماٺ جا تالا ھڻي ڇڏيا آهن...
اھا تحرير پڙھي مان اکين اڳيان لڙڪن جي ڌنڌ محسوس ڪئي آهي، سچ ته مونکي ھن جي محبوبا ڏاڍي وڻي ٿي، ڪيتري ته دلڪش ۽ خوبصورت آهي جنهن کي پيار مان ٽُٻٽار ٿي چوي ٿو:
ڪائنات جو ڪُل حسن رکندڙ ڇوڪري
منهنجي خيالي دنيا جي شھزادي
جيڪا بس منهنجي خيالي دنيا جي حور آهي
جيڪا بس منهنجي ئي خيالي دنيا آهي
مونکي ھميشه ھن جي بي پناھ چاھت تي رشڪ ايندو آهي.
فخر ٿيندو آهي ته ھڪ مرد به ھڪ ئي عورت کي بي پناھ ۽ حد کان وڌيڪ چاھي سگهي ٿو. منهنجون اکيون حيران تڏهن ٿيون جڏهن مان ھن جو نظم حق مھر پڙھيو ھيو. ۽ ڪيڏو ته تعجب ٿيو ھو... ڏندن ۾ آڱريون وجھي آڪاس ڏانهن نھاري سوچيان پئي ته ڇا ھڪ مرد حق مھر ۾ زندگي ڏئي سگهي ٿو... جڏهن جڏهن به اھو نظم پڙھيو اٿم، ھن معصوم محبوبا تي ريس آئي آهي. جنهن لاءِ لکيو ويو آهي دل ته چوندي اٿم اگر ڏات پئسن تي خريدي ڪري سگھجي ھا ته مان آصف کان اھو نظم اڌارو وٺي پاڻ وٽ رکان ھان.. پنهنجي ڪمري جي ڪنهن حسين جڳهه تي ۽ فخر سان وڏي واڪي چوان ها ته “ڏسو مرد به محبت ڪري ڪمال ڪري ٿو، ايترو جو جيون حق مھر ۾ لکي ڏئي ٿو”
ھڪ دوست پڇيو
شادي ڪڏھن ٿو ڪرين؟
چيم: منهنجي شادي ٿيل آهي .
چيائين ڪنهن سان ...؟
چيم: ھن جي اڻ ڳڻين يادن سان !
ٿورو مرڪندي چيائين زندگي ڪيئن پئي گذري؟
مان ڪو به جواب ڏيان انهيءَ کان اڳ ۾
ٻه لڙڪ اکين مان وھي آيا،
ھڪ پل لاءِ اداس ٿي ويس
چيائين: رولاڪ تون ھن کي
وساري ڇو نٿو ڇڏين؟
چيم: زندگي حق مھر ۾ ڏنل آهي...!
آصف پنهنجي نظم “وڇڙي ويل پکيءَ” ۾ شام جي سج جي ڪيتري نه حسين تصوير ڪڍي آهي؟ پنهنجي ڏات جي ڪئميرا سان... ھا شام جيڪا مونکي ڏاڍي وڻندي آهي، جيڪا مونکي شرابي اکيون ياد ڏياريندي آهي. مونکي شام تي لکيل نظم غزل، وايون، گيت ، ڪھاڻيون ڏاڍيون وڻنديون آهن، مان اھي تحريرون ساھ ۾ سانڍي رکندي آھيان. آصف جي ھي ڪڍيل شام جي تصوير اکرن ۾، ساهه ۾ سانڍي رکڻ جھڙي آهي ۽ گهڻي ڏکاري به.
سج جڏهن شام جا پاڇا کڻي اچي
سمنڊ جي آخري سلامي ڀريندو آهي
تڏهن سمنڊ بلڪل ڳاڙهو ٿي ويندو آهي...
ھي تصوير شام کي ڏيکارجي ته شام کي به پاڻ تي پيار اچي وڃي، آصف جون تحريرون رنگين آهن، ھا رنگ شھيد ضرور ٿيا آهن. ڇو ته درد ئي درد لکيل آهي، ايترو جو ڪاغذن جو سينو به جھري پيو آهي، ۽ ڪاغذن جي اکين ۾ مان جيان ڳاڙهاڻ لھي آئي آهي. ھو ھڪ اديب ھجڻ جو فرض چڱي طرح نڀائي ٿو، ھو مرد ٿي به عورت جي طبيعت کي ويجھي کان پسي ٿو، محسوس ڪري ٿو. ڇو ته ھو حقيقتن منجھان صليب ڪلھي تي رکي لنگھيو آهي. ھو عورت جي عاشقي کي سمجهي ٿو ، ھو عورت جي پويتر لفظن کي ساراھي ٿو ، عورت جي محبت ھڪ پاڪ جذبو آهي. سانئڻ !
مرد جسم جي بازار ۾
واڇون ھڻندڙ ھڪ ڪتو آهي
پر عورت وفا ۽ محبت جي بازار ۾
خوبصورت جھرڪي آهي،
جيڪا محبت کان سواءِ ڪجهه نٿي چاھي...
ھو سمجهي ٿو ته عورت نھائين جيان درد سھي ٿي ۽ فقط سھي ٿي، ھر قدم تي ھر ساھ جي قيمت ڀري ٿي. هڪ نظم (آلين اکين جو اظهار) ۾ پڙهي ڏسو ته ھو ڪيتري نه ويجهي کان ديس جي عورتن کي پرکي ٿو.
ڪونج ڇا ڳالهه آهي
مونکي نه ٻڌائيندي
ھن ڪنڌ ڦيرائي چيو
نه رولاڪ ڪجهه به ناهي
مان سمجهي ويو ھيس ته
ھُو سچي سنڌياڻي آهي
اڌمن کي ٻاهر اچڻ کان روڪي ٿي...
نظم (خانه بدوش عورت) حوس پرست مردن جي منهن تي چماٽ آهي ۽ ڪيتري نه سور منجھان ھڪ مظلوم عورت جي ايف آءِ آر داخل ڪئي اٿائين ڏات جي قلم سان ھا، ڏات جو قلم جنهن جو ڪو به نمبر ناهي ھوندو. جڏهن ھڪ حوس پرست اڪيلي ۽ غريب عورت جي ھنج ۾ رکيل ٻار ڏانهن ڏسي چوي ٿو. ھي ته مونکي حرامي ٻار ٿو لڳي. تڏهن ھڪ ما ءُ ھن معاشري جي مظلوم عورت تڙپي اٿي ٿي ـ ڇو ته ڪنهن ماءُ لاءِ ٻچا حلالي ۽ حرامي ناھن ٿيندا ۽ جواب ۾ چوي ٿي.
صاحب!
گھڙيءَ جي گھات ۾
پل پل جي پڇتاوَ لاءِ
تو جھڙي ڪراڙي گدڙن ۽ جوانن
مونکي بستر تي سمھارڻ جو سوچيو
پر زندگيَ جي سفر ۾ ھميشه گڏ رھڻ لاءِ
ڪير به تيار نه ھو
مونکي دنيا ۾ مردن ڪئي نالا ڏنا
پر پنهنجي ھجڻ جو احساس ڪنهن به نه ڏنو
اسان کي چاھيو ويو جسم جي حد تائين
اھڙين عورتن جي وجود مان
بس حرامي ٻارئي جنم وٺندا آهن...
ايتري ڪمال ۽ ڳوڙھن سان عورت جو درد لکڻ ڪا مذاق ناهي. ھي محسوس ڪيل سور آهي، دنيا جو ڏکي ۾ ڏکيو ڪم مونکي لکڻ لڳندو آهي ۽ لکڻ سڪرات آهي، جيڪا ھڪ تخليقڪار ھر دفعي محسوس ڪري ٿو. تڏهن جڏهن ھن تي لفظن ۽ خيالن جو نزول ٿئي ٿو ۽ نزول تڪليف ڏئي ٿو، ۽ زندگيءَ ۾ مان پھريون دفعو ڪنهن تخليقڪار لاءِ ڀيٽا لکي رهي آهيان، جيڪو مون لاءِ اعزاز پڻ آهي. ھڪ طرف کان مان پاڻ کي خوشنصيب لڳان ٿي، جو مان ناچيز کان ۽ ڏات ڌڻين جي خادما کان آصف ڪجهه لکرايو آهي. مان پاڻ هڪ معمولي ۽ ادنى آهيان. مهاڳ اهي لکن جيڪي نامور ھجن، اھي جيڪي ايوارڊ يافتا ھجن، آئون ڪجهه به ناھيان ڪجهه به نه...... نظم (ھارايل جواري) پڙهي ڏسو:
آئون ھڪ ھارايل جواري جيان
سڀڪجهه ھارائي ويٺو آھيان
منهنجي دل موھن جو دڙو آهي
جنهن ۾ سڪ ۽ ڇڪ جي سچائي جا سڪا دفن آهن
جن کي تون ئي کوٽي ڪڍي سگھين ٿي
۽ مونکي لڳي ٿو نه ڄاڻ ڇو
ته اھا آئون ئي آھيان
جيڪا تنهنجي موھن جي دڙي جھڙي
دل مان سچائي جا سڪا کوٽي ڪڍڻ واري.
آڪاش جي وسيع گھرائين ۾ ٻڏندي سج مونکي چيو ته رولاڪ اُھو شخص آهي جيڪو روشنائين کي قيد ناهي ڪري رکندو.مان ڪنڌ ڌوڻي ھاڪاري ڪئي ته سج ٿڪل شرابي نيڻن سان هن جي نظم جون ڪجهه سٽون پڙهي ٻڌايون مونکي.
شب برات ۾ منهنجي اڌوري رھجي ويل ڪھاڻي
انهيَ رات چانڊوڪي کي
ڏسندي چيو ھيم ته
روشني ازل کان آزاد آهي
ھن کي قيد نٿو ڪري سگهي
ھنن سٽن مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين جگنو جو قاتل ناهي ۽ ھو ڪڏهن به ٻريل ڏيئن کي ڦوڪ ڏيئي وسائي نٿو پر ھو طوفانن ۾ پنهنجي ھٿن جي ڇت ٺاهي رکي ٿو ته جئين اميدن جا ڏيئا نه وسامن.
مان پنهنجو مجسمو ٺاھيو آهي
مان ٿورو مسڪرائي ھن مجسمي کي
مختلف جائين تان بليڊ سان جھير ڏنا
تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته
ھا ھاڻ وڃي مڪمل ٿيو آهيان.
تنهنجي خاموشي به سنڌ ڌرتيءِ کي اُداس ڪري ڇڏيندي ھوندي ـ خاموش ڇو نه رھجي، ڇو ته درد ڪاغذن تي لکجي نه ٿو ۽ ماڻهو ٻڌڻ لاء تيار ناھن ھوندا، تڏهن لڙڪ لاڙي (ڀتين سان ڳالهيون) ڪرڻ جھڙيون تحريرون جنم وٺنديون آهن. ياد رھي مھربانو ته درد اکرن جو روپ تڏهن وٺندو آهي، جڏهن اھو سڀڪجهه روح تائين ھڪ تخليقڪارمحسوس ڪندو آهي ۽ ھڪ ڳالهه دعويٰ سان چئي سگھان ٿي ته ھنن خوبصورت ۽ ازيتناڪ تشبيھن استعارن تحريرن کي اگر انگريزي ۽ اردو ۾ ڪو ڄاڻو اديب ترجمو ڪري ته ھي لفظ بين الاقوامي ٿي سگھن ٿا، مان ڏٺو آهي، پڙهيو آهي ته اسان جا نوجوان ايترو ته خوبصورتي ۽ سچائين سان لکن ٿا.ايتريون عجيب ۽ حيرت انگيزتشبيھون ڪتب آڻن ٿا، جو عقل دنگ رھجي وڃي ٿو. شيخ اياز ڪتاب ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته : “اسان وٽ به معياري ۽ بين الاقوامي ادب سرجي ٿو پر ترجمو نٿو ٿئي ٻين ٻولين ۾” بيشڪ اھو به سچ آهي ته احساس ماءُ ٻولي ۾ ئي ٺھڪي بيھن ٿا پر دنيا سان ڪلھو ملائڻ لاءِ اسان کي پنهنجو معياري ادب ترجمو ڪرڻو پوندو. جيڪي معياري لکن ٿا، انهن جو حوصلو ٿيڻو پوندو، ھا انهن جو جيڪي آصف رولاڪ جھڙو درد لکن ٿا، جن وٽ نج پنهنجا اکر آهن. ٻي ڳالهه ته وڏا ننڍن جو حوصلو ٿين. اسان ننڍا آھيون ۽ ھن ماتر ڀومي جا نوجوان خواب آھيون اسان ڦوهه جواني ۾ سنڌ ڌرتيءِ کي سنوارڻ جا خواب ڏسون ٿا ساڀيان چاھيون ٿا، جڳھه چاھيون ٿا مارن جي من ۾ دلين ۾، روحن ۾ تڏهن ته لڪي ۽ ظاھر ٿي جڏهن به ڳالھايون ٿا، پنهنجي ٻولي ۾ ڳالھايون ٿا ته جئين سادن لفظن ۾ درد ھنيان ۾ لھي وڃي. شيخ اياز جيان ته : “ھر لفظ کي روح آهي جو صدين جي ارتقا مان گذريو آهي ۽ اھو روح فقط مادري زبان ۾ ئي گرفت ۾ اچي سگهي ٿو” آصف جي درديلن ٽھڪن ڏسڻ لاءِ ھن جون تحريرون (دنيا سرڪس) ۽ (جوڪر) پڙھي محسوس ڪري سگھجن ٿا.
سڄي زندگي جوڪر ڇا بڻجي رھيس
تنهنجي پويان هي
زندگي سرڪس ٿي وئي...!
آصف انهي ساڳي نظم ۾ اڳتي لکي ٿو ته:
ھا مان ھر موڙ تي توکي جوڪر ٿي ملندس
جيڪو ٻين جي چھرن تي مرڪون وکيري ٿو
پر پاڻ رات جي پھرن ۾ دردن جو تاج پائي
ڪارين راتين ۾ آسمان تي بيٺل اڌ چنڊ وانگر
دردن جي ڪارن ڪڪرن ۾ لڪي وڃي ٿو...
مونکي ھنيئرمشهور مسخري چارلي جون سٽون ٿيون ياد اچن ٿيون جنهن چيو ھيو ته : “مان وسندڙ مينهن ۾ روئيندو آھيان ته جئين منهنجي وھندڙ ڳوڙھن کي جڳ نه سڃاڻي” اھڙو ڪمال درد به ھڪ جوڪر ئي ڳالھائي سگهي ٿو. آصف ھن دنيا کي سرڪس جو نالو ڏئي ٿو، جئين ڪئي زمانا اڳ شيڪسپيئرچيو ھو ته: “ هي دنيا ھڪ اسٽيج آهي، جنهن تي اسان سڀ پنهنجي پنهنجي حصي جي اداڪاري ڪري گذري وڃون ٿا” ۽ آصف چوي ٿو.
آئون ھن دنيا کي سرڪس سمجهندو آھيان
۽ سڀ ھن دنيا جا جوڪر آھيون
ڪي ننڍا جوڪر ڪي وڏا
ڪي بندرا ته ڪي وري ٿلھا، گينڊي جي شڪل جھڙا جوڪر
اسين پنهنجي زندگيَ جي
روز وار قسط ۾ کلندا به آھيون ته روئندا به آھيون...
مان پاڻ ادب جي وسيع درياه کان گهڻو پري بيٺل آھيان ، آصف ته انهيَ درياه مان آڱر ٻوڙي آهي، مان ته رڳو حسرت ڀرين اکين سان وڏن اديبن ڏانهن ڏٺو آهي، بس ڇو ته مونکي خبر آهي منهنجي لفظن ۾ ايترو دم ناهي جو وڏن اديبن سان ڪلھو ملائي بيھي سگھان، حالانڪه مان ڪٿي لکيو ھيو انهي ڏينھن ته “ڀلي ته منهنجي خيالن جي اڏام ، الڳ آهي ۽ توھان جي خيالن جي الڳ ، پر ادب جو آسمان ته ساڳيو آهي ...!” منهنجي دعا آهي ۽ نيڪ تمنا آهي ته آصف جي درد (چنڊ، مان ۽ رولاڪيون) کي نئي اُڏام ملي . سنڌي ادب جي درديلي آسمان جو تارو ٿي چمڪي پوي. ۽ ڇو نه چمڪي ڀلا، هو چمڪڻ واري ميرٽ تي پورو لھي ٿو، ڏات ڌڻين وٽ سورن جا پر ھوندا آهن ، جن کي کولي ھو جڏھن به اڏامڻ چاھيندا آهن ته ستارا روئي پوندا آهن، ۽ سج جي روشني جھڪي ٿي ويندي آهي، ھڪ سچو ۽ حلالي ڏات ڌڻي چاھيندو به ڇاھي، ھو ته بس خوشحاليون ھن ڌرتيءَ کي ڏئي غمن کي پنهنجي پلڪن تي سجائيرکندو آهي. ھو ڌرتيءَ جي پٽن کي چوڪن ۽ چوارھن تي بيدردي سان شھيد ٿيندي ڏسندو آهي ته روح تائين وڍجي ـ جھڄي مرشد اياز جيان ڪوڪ ڪندو آهي:
آهي ڪوئي جو قابيل جي ھٿن مان ڇرو کسي سگهي
۽ ھابيل جي زخمن تي مرھم رکي...!
ذھن چوي ٿو ته ھاڻ بس ڪر لکڻ پر دل چوي ٿي آصف جي ھر ھڪ نظم تي الڳ ڪتاب لکجي، ڪتاب به اھڙو جيڪو تاريخ ٿي وڃي. آصف جو هي نظم پڙهو:
توکي ڪير وساري
اڄ به منهنجي دل اھو منظر نٿو وساري سگهي
جڏهن تو پنهنجي دل تي پٿر رکي
چيو ھيو ته
ھاڻ مونکي وساري ڇڏ
۽ تون منهنجو شھر ڇڏي
ڪنهن نئين سفر تي رواني ٿي وئي هئين
تڏهن منهنجي دل تي ڄڻ
قيامت گذري وئي هئي...
آصف جي تحريرن پڙھي پڙهي مون کي پوڙھي ڪري ڇڏيو آهي، مان اوهان جي چاھيندڙن مان ادني چاھيندڙ آھيان، اوهان جي ڏات ۽ ڏان خيالن جي فين آھيان ۽ مان چاھيان ٿي اوهان جا لفظ گهڻين اکين تائين، گهڻن چپن تائين ۽ تنهنجي ڪتاب جي توسط سان منهنجي تحرير گهڻن جي نظرن مان لنگھي ، مونکي خبر آهي مان به گمنام آھيان اڃان... ڇا ڪجي ڪن ماڻهن کي گمناميون راس اچي وينديون آهن، ڇو ته شھرت ۽ واهه واهه جو شور به ڪي ڪي برداشت ڪن ٿا. مونکي خبر آهي مونکي لکڻ ناهي ايندو ۽ ڪنهن وٽ به ايترو وقت ناهي جو سيڙجي ويھي مون جھڙن چرين جي اونڌن ابتن ليڪن کي ويھي غور سان پڙهن ۽ سمجھن. مان فقط ايترو چونديس ته آصف جون تحريرون ڄڻ ڪنهن خوبصورت معصوم اپسرا جو روپ آهن، ھا اپسرا جنهن جو ذڪر تو ڏاڍي پاٻوھه سان پنهنجي تحريرن ۾ ڪيو آهي ، انهيءَ اپسرا جي جيتري تعريف ڪجي سا گھٽ آهي ـ ٿوري آهي... آصف جي لاءِ پنهنجي طرفان چند سٽون: “تنهنجي ڏات کي ذات کي جھڪي سلام ۽ ھا اڃا به ڪي لکڻ ويھان ته گهڻو لکي سگھان ٿي، پر ھي ساھ آهن نه نڙي ۾ اٽڪي پيا آهن ٿوھرن جيان. منهنجو ڪمزور جسم ايتري ديرتائين تنهنجي تحريرن جا وڍ برداشت نٿو ڪري سگهي، وڌيڪ لکيم ته روح پرواز ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ مان في الحال مرڻ نٿي چاھيان ڇو ته اڃا کوڙ وچن پاڙڻا آهن، ھن ڌرتي سان ڪيل سچ ته منهنجا ھٿ سن ٿي ويا آهن ـ ۽ ويھي ويھي گوڏا ڄڻ ته ڪا مم چٽي و ئي ھجي ،ھي لکڻي منهنجي لاءِ يادگار آهي ۽ اميد اٿم ته ھي درد کوڙ دلين ۾ گهر ڪري ويندو تنهنجي سٽن جيان....!!!”
آصف جي کوڙ چاھيندڙن مان هڪ ادنى چاھيندڙ ۽ خادم الشعراءُ...!
مخدوم آسيا نعمت الله قريشي
مورو - سنڌ
13 اپريل 2019ع