آلين اکين جو اظھار
اڄ اداس ٿي، پنھنجي محبت جي عبادتگاھ تي ويس مان محسوس ڪيو ته اڄ ماضي منھنجو پيچو ڪندي پئي اچي. مان ھٿ ۾ پاتل گھڙي جي ڪانٽن کي ڏٺو مان سوچيو، پکيءَ وانگر اڏامندڙ ۽ درياھ وانگر پنھنجي موج ۾ وھندڙ وقت کي مان روڪي نه سگھندس نه ڪڏھن پنھنجي اندر جي اڀرندڙ احساسن کي روڪي سگھندس. منھنجي رولاڪ وجود جو ساھ پنھنجي آخري سفر ڏانھن وڌندو ٿو وڃي
آئون ٿوري وقت ۾ پنھنجي ٽٽندڙ خوابن تي پوري ڪھاڻي لکي نه سگھندس، آئون بس تنھنجي آلين اکين تي مختصر لکندس، مونکي ياد آھي جڏھن آئون تنھنجي شادي جي موڪل ڪري ڳوٺ آيو ھيس، جڏھن تنھنجي ھٿن تي مينڌي ڪنھن ٻئي مرد جي نالي جي لڳي چڪي ھُئي، آئون به تنھنجي شادي جي شرڪت ۾ اچي پھتو ھيس مونکي خبر نه ھئي ته ته تون منھنجي انتظار ۾ پنھنجي ڪمري جي چائنٺ تي ويٺي ھوندي مونکي خبر نه ھئي ته تنھنجي ھٿن تي لڳل مينڌي به تنھنجي لڙڪن سان ڀِنل ھوندي منھنجو اچڻ سان تنھنجي چھري تي ابدي مرڪ تي آئي. آئون سڀني سان ملي ٻاھر اڳڻ تي چانهه جا سِپ ڀرڻ لڳس ته مونکي تنھنجي ننڍي ڀيڻ چيو:
“ڪيترا ڏينھن ٿيا آھن، ڪير تنھنجو راھون نھاري نھاري ٿڪو آھي.”
مون کي ڪجهه عجيب لڳو تنھنجو پچيم ته : “ڪونج ڪئين آھي؟”
“تنھنجي انتظار ۾ ويٺي آھي. ڪمري جي چائنٺ تي.”
پوئتي مڙئي ڏٺم ته سئوٽ بيٺي هئي.
چيم: “ڇا ٿيو آھي ڪونج ٺيڪ ته آھي؟”
ڪنھن جواب نه ڏنو دل تي اداسي ليئو پاتو، جلدي سان اٿي بيٺس ته ش م ، مونکي ھٿ مان جھلي تنھنجي ڪمري ڏانھن وٺي اچڻ لڳي، جئين تنھنجي ڪمري ۾ پھتس ته ڏٺم ڪا اپسرا بيٺي ھئي، مان محسوس ڪيو ته ھُو ننڍڙي خوبصورت ڪلي، کلي اوچتو باھ وانگر ڀڙڪو ڏئي جوان ٿي وئي ھئي . مونکي ڪجهه پل لاءِ يقين نه آيو. جنھن ڇوڪري سان گڏ مان ننڍ پڻ ۾ رانديون کيڏيون اڄ ھُو ڪنھن جي زال ٿيڻ لاءِ ڪنوار جيان سجي رھي آھي، مونکي خبر نه ھئي ته ڪل جواني جا گوئنچ ڦٽيا پي، سا اڄ شرم پوٽي وانگر ٺري پئي ھئي. مان ان وقت تنھنجو چھرو غور سان ڏٺو تنھنجي پيشاني تي پگھر، اکين ۾ غمناڪ لڙڪ ، منھنجي سيني ۾ ڌڪ لڳو .مان پڇيو: “ڪونج ڪيئن آھين؟”
چيائين: “رولاڪ تون ڪيئن آھين؟”
چيم: “ڪونج مونکي ڏسي پئينءَ”
چيائين: “رولاڪ شھر ڪئين آھي؟” منھنجي دل اداس ٿي وئي.
چيم: “مونکي خبر آ ڪونج تون ڪنھن جو پڇي رھي آھين”
چيائين : “ھا ته ٻڌا ڪئين آھي تنھنجي سانئڻ ؟”
دل جو شھر وتر ويران ٿي ويو ڪنڌ ڦيرائي چيم:
“ھو ھاڻ اسان جي وچ ۾ ناھي، سانئڻ وڃي پنھنجي حقيقي خدا سان ملي آھي.”
ڪونج ڦٿڪي اٿي، ڪھلي کان وٺي مان پاڻ ڏانھن ڪري اکين ۾ ڪيترائي لڙڪ تري آيا مان محسوس ڪيو ته جيڪڏھن شادي وارو گھر نه ھجي ھا ته ڪونج مونکي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوي ھا. بس ڪنڌ ھيٺ ڪري چيائين:
“رولاڪ آئون منحوس آھيان” دل ڪبوتر وانگر ڦٿڪي اٿي.
چيم: “ڪونج ائين ڇو چوندين آھين؟”
مان محسوس ڪيو ته ڪونج جو سڄو درد ان ھڪ جملي ۾ آھي. اھُو جملو صدين جو شاھد رھجي ويندو، ان وقت آئون سمجھي نه سگھيس، مان ھن ڏانھن ڏٺو ته ڪونج ڪنھن ڪشمڪش ۾ پئجي وئي ھئي. اکيون لڙڪن مان ڀرجي آيون. ڪنڌ ھيٺ جھڪائي ڇڏيائين، ڪلھن ڪنبڻ مان سمجھيس ته ڪونج اندر ئي اندر ۾ ٽٽي ذرو ذرو ٿي وئي آھي.
چيم : “ ڪونج ڇا ڳالهه آھي مونکي نه ٻڌائندين؟”
ھن ڪنڌ ڦيرائي چيو: “نه رولاڪ ڪجھ ناھي ! ”
مان سمجھي ويو ھيس ته ھو سچي سنڌياڻي آھي ، ھو اڌمن کي ٻاھر اچڻ کان روڪي رھي آھي ، ٿوري خاموشي کان پوءِ ھن پنھنجا لڙڪ رئي جي پلاند سان صاف ڪندي چيائين :
“رولاڪ.....!”
مان محسوس ڪيو ته ھاڻ ڪونج جو برداشت جو بند ڀڄي پيو، رئي ۾ ڪنڌ لڪائي روئڻ لڳي، آئون ڪجهه چئي نه سگھيس، شايد ان وقت مون وٽ آٿت ڏيڻ لاءِ لفظ نه ھئا.
چيم: “ڪونج دل جي اذيتن لاءِ اکين کي لڙڪ جو عذاب ڇو؟ جيڪڏھن ڪنھن جي روئڻ سان دنيا ۾ انسان کان غم موڪلائي وڃي ته مان به توسان گڏ لڙڪن جون نديون واھي ڇڏيان.”
چيائين: “رولاڪ توکي ڪجهه چوڻو آھي...”
چيم: “ڪونج ھا چئو ! اڄ پنھنجي ڏکن جو ڏونگر مونکي ڏي، اڄ رات کان پوءِ تنھنجي زندگي جو نئون سج اڀرندو، جيڪو نئون سفر شروع ٿيندو تنھن ۾ اھو ڏونگر اذيت جو انبار توکي کڻي وڃڻ نه ڏيندس، اڄ ڏئي ڇڏ مونکي پنھنجي ڏک جو ڏونگر... ھن مونکي آلين اکين سان ڏسڻ لڳي چيائين:
“مونکي سدائين چوندو ھئين نه ته آئون ڪنھن کي پسند ڪندي آھيان؟”
چيم: “ھا ھاڻ ٻڌا ڀلا ڪنھن کي پسند ڪندي آھين؟”
چيائين: “رولاڪ! ھي ھن شخص جي نشاني آھي. جيڪا مان پنھنجي ساھ ۾ سانڍي رکي آھي.”
چيم: “ھي ته پاڻ ورتي ھئي جڏھن ننڍ پڻ ۾ ڀٽ ڌڻي جي درگاھ تي ھليا ھئاسين .”
تڏھن چيائين: “ھا توکي ياد آھي...”
چيم: “ھا مونکي ياد آھي، جڏھن مان توکي وٺي ڏني ھئي.”
منھنجو ھينئڙو ٻه اڌ ٿي ويو، سوچيم ته ڪاش ھينئر زمين جاءِ ڏي ته دفن ٿي وڃان، ھن پاڻ کي سنڀالي ورتو ھو بس ايترو چيائين:
“رولاڪ ھاڻ وقت پر ڪڍي اڏامندو ٿو وڃي، مان سڪرات جي عالم ۾ ھيس، بس خاموش رھيس ، ھن ھڪڙي چٺي ھٿ ۾ ڏيندي چيائين:
“رولاڪ.....!”
ھن جو آواز ستن آسمانن جي وسعتن کي لوڏڻ جھڙو درد ناڪ ھو، منھنجو اندراڌ ٿي ويو دل جي دنيا لڙڪن جي رت ۾ ٻڏي وئي.
...