شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

امان منھنجي آخري دعا

امان منھنجي آخري دعا
زندگي جي راھن ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي قسمت جي اڻپور تحريرن جي تلاش ۾ نڪتل رولاڪ ڪنڊن، شيشن، جا رستا پار ڪندي ٿڙيو ته دل سان گڏ چپن تي به ھڪڙو ئي لفظ آيو امان... دل اداس ٿي وئي، آسمان ڏانھن ڏسندين چيم امان ته ھن دنيا ۾ ناھي پر امان جي دعا مونسان گڏ آھي. ھر پل پنھنجي منھن ورجائي چيم ھا امان جي دعا مونسان گڏ آھي. اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ اٿليو، آسمان ڏانھن چمڪندڙ چنڊ کي ڏسندين چيم، چنڊ مونکي اڄ به ياد آھي، امان جي موڪلاڻي مونکي اڄ به ياد آھي، امان گھڻي وقت کان بيمارين سان جنگ وڙھي رھي ھئي، امان جي ساري بت مان ساه نڪري اچي نڙي ۾ اٽڪيو ھيس، موت حياتي سان جنگ جوٽيل ھئي ، امان جي پيرانڌي کان ڀينرون ويٺل ھيون، ڪا پير دٻائي رھي ھئي ته ڪا وري مٿو ڌٻائي رھي ھئي، ڪا ته وري پيرن ۾ منھن لڪائي روئي رھي ھئي، ڀائر بابا به روئندا ڏٺم. آئون انسان ھيس، دل ڀڃي ڀري پئي، مان به امان جي ٿڌي پيلي پيرن ۾ چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس.، ننڍي ڀيڻ ڊوڙي مونکي ڳراٽڙي پائي روڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي، چيائين:
“ ڀاءُ امان پاڻ کان وڇڙي ٿي وڃي تون ڪو پرچائينس، من ڪو تنھنجي ڳالهه مڃي.... !”
اوچتو منھنجي ذھن ۾ خيال آيو فون ڪري گاڏي گھرايم. ھڪ ڏينھن اڳ مونکي ڊاڪٽرن جواب ڏنو ھو، ڊاڪٽرن چيو ھو، ھن کي پنھنجي گھر وٺي وڃ، ھن جي زندگي جا ڪجھ پل آھن پر دل چيو وري به ڪنھن سٺي کان سٺي اسپتال وٺي وڃان، اسان وري به امان کي وٺي حيدراباد پھتاسين، جتي امان جي جسم مان ساھ نڪري اچي نڙي ۾ اٽڪيو ھو ، اتي به ڊاڪٽر ايمرجنسي ۾ رکيو وري مونکي گھرائي
چيائين ته : “مريض تنھنجو ڇا ٿئي؟”
چيم: “مريض منھنجي ماءُ آھي، آئون ان عورت جو اڻٿاڪو پٽ آھيان.”
مونکي ايمرجنسي پرچي ڏني. دوائن جي ڪجهه اھم ڪاغذن تي سگنيچر ورتي، منھنجي جسم مان ساھ ڇڏائي ويو. جڏھن ڊاڪٽر چيو اسان ڪوشش ڪيون ٿا، باقي رب کان دعا ڪيو، زندگي موت خدا جي ھٿ ۾ آھي. خدا ڪل ڪائنات کي ھٿ کڻي دعا ڪيم، روئي روئي پروردگار کي ٻاڏايم ته بس منھنجي آخري دعا آھي پروردگار پوري ڪندو ضرور پر شايد منھنجي دعا ستن آسمانن تائين نه پھچي سگھي، واپس ايمرجنسي روم ۾ آيس ته امان جي پيراندي ويھي پير دٻائڻ شروع ڪيم، ڊاڪٽر به سڀ اتئي ھئا... امان مونکي ھڪ ننڍڙي گھُور ڏئي ڏٺائين، اکيون مونکان ڦيرائي ڇت ۾ اٽڪائي ڇڏيائين... ڊاڪٽرن جي گھڻي ڪوشش کان پوءِ به امان جو ساھ وارو پکي پرواز ڪري ويو. جڏھن ڊاڪٽر منھنجي ڪھلي تي ھٿ رکي سوري ڪيو تڏھن جسم مان ساھ ڪجهه پلن لاءِ نڪري ويو. ان ڏينھن مان آسمان ڏانھن ڏٺو ته ڪاري رات چنڊ جي پاسي ۾ تارو چمڪي رھيو ھو. سوچيم منھنجي آخري دعا اتئي اٽڪي پئي، خدا تائين نه پھتي ان ڏينھن کان پوءِ مان خدا کان دعا گھرڻ ڇڏي ڏني.

...