شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ھنج

ھنج
ڪڏھن ڪڏھن محسوس
ٿيندو اٿم ته منھنجي لاءِ
ھن دنيا ۾ ڪا اھڙي ھنج ناھي
جنھن ۾ پنھنجو منھن لڪائي
ڪجھ پل روئي وٺان
ڪڏھن ڪڏھن پنھنجو وجود
به مونکي پاڻ تي بار
لڳندو آھي
دل چوي ٿي
اڄ شراب پي پنھنجي من
جي لڳل باھ کي وسائي ڇڏيان
يا وري ڪنھن تنھائي ۾ ويھي
پنھنجي محرومين تي لڙڪ لاڙي
دل جو غبار ھلڪو ڪري ڇڏيان
مان ڄاڻان ٿو
منھنجو ھڪ نه ھڪ ڏينهن
صبر ٽٽي پوندو
ان ڏينھن آئون ايترو روئندس جو
ڪو به ٻيو رولاڪ روئي نه سگھندو
مونکان پوءِ جيڪو به ايندو
سو پنھجن اذيتن، دردن، ڏکن تي
روئي نه سگھندو
ڇو جو آئون سڀني رولاڪن جا
درد ، پيڙا، ازيتون، محروميون،
پاڻ سان گڏکڻي ويندس....!