نه سوال ڪجان
وڇڙڻ وقت چوڻ لڳي
نه سوال ڪجان
نه جواب ملندو
مونکي وساري ڇڏجان
سڪون ملندو
چيم اوھان جو حڪم سر اکين تي
نه سوال ڪيو
نه جواب مليو
نه وساري سگھيس
نه سڪون مليو...!
آصف ڪالرو پنھنجي پاڻ کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو الڳ سان هڪ باب رکيو ويو آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس تخليق ڪيا آهن.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو