شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آخري سفر

آخري سفر
دل سڪرات ۾ پئجي وئي
ذھن ۾ ملائڪن جي سوالن
جا گهنڊ پي وڳا
اکيون ڇت ۾ وڃي کتيون
ڪن سڀ ڪجھ ٻڌن پيا پر
چپ جواب ڏيڻ جي
سگھه وڃائي ويٺا
بس دنيا جي روشناتي بلبن
۽ ماڻھن جي پيرن جي آواز
تي خبر پئي ته دنيا ھاڻ
ٿوري سجاڳ ٿي آھي
جيڪا منھنجي لاءِ ازل کان
ڪنھن پياري ننڍ ۾ ستل ھئي
سڀ سنگتي ساٿي
پنھنجا پراوا
منھنجي آخري سفر جي
ڪافلي ۾ شامل ٿيا
منھنجي لاءِ ڄڻ ڪا
راھ روشن نه ھئي
ھر طرف اوندھ جو منظر ھو
بس روئڻ ۽ اوڇنگارون جو آواز
پئي آيو
دل چيو اٿان
پر اٿي نه سگهيس
منھنجي خوابن واري آخري سٺي
بستري تي کٽ کي چنبا ھڻي
روئڻ وارن مونکي ايترو احساس
ضرور ڏياريو ته آئون اڄ
پنھنجي زندگي جي آخري سفر
تي وڃي رھيو آھيان
مان اڄ خالي ھٿ آھيان
نه مان ڪنھن کان موڪلاڻي ڪئي
نه ڪنھن کي ڪجھ ٻڌائي سگھيس
نه پنھنجن سان ھينئڙو
ھنڊائي سگھيس.
منھنجي قافلي ۾ اوپرا اجنبي
شخص به ھئا
بس سڀ پنھنجي مطلب جي لاءِ
مٽائي مٽائي ڪلھو ڏئي رھياھئا
دل چيو ڪنھن پکي جيان
اڏامي وڃان
نه ڪنھن کي سڏ ڪيان
نه ڪو آواز ٻڌي
منھنجو ھي ڪھڙو سفرآھي
جو اجنبي شخص به
پنھنجي مطلب خاطر
ھر ھر ڪلھو ڏئي رھيا ھئا
زندگي جي ھر سفر ۾
ازل کان اڪيلو ھيس
هينئر سڀ مونکي
پنھنجي ڪلھن تي کڻي
ثواب ٿا حاصل ڪرڻ چاھين
نه پوئتي ڏسي سگهيس نه اڳتي
بس ماڻھو ھلندا رھيا
کٽ لڏندي رھي
آئون خاموش ۽ بيوس
ماٺ جي آخري سفر ۾
بس ڏسندو رھيس
مونکي احساس ٿيو ته
اڄ جيجل جي جھولي ڇڏي
بابا سائين جي شفقت ڇڏي
سنگتي ساٿي پنھنجا پروا ڇڏي
آئون ڪيئن چپ چاپ
نئين سفر تي روانو ٿي ويس
اڄ مونکي ڀيڻ روڪيو
پنھنجي چادر جا واسطا ڏنا
بابا بيوس ٿي بيھوش ٿي پيو
ڀائر سڏڪندا رھيا
پر ڪنھن ھڪ به نه ٻڌي
پنھجن آخري آرام گاھ ۾ لاٿو
مونکي ان سفر تي ناھي وڃڻو
پر پوءِ به مونکي سڀ ڇڏي آيا
منھنجا سڏ ڪنھن به نه ٻڌا
آئون چوندو رھجي ويس
مونکي نه ڇڏجو
مونکي ناھي وڃڻو
ڪنھن نئي سفر تي....!!!