شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

خوابن جا تابوت

خوابن جا تابوت
پنھنجي خوابن جا تابوت کڻي، اڪيلو دردن جي صليب تي نڪري پيو ھيس ته منھنجو پاڇو به مونکان ڊپ وارو رويو اختيار ڪري، منھنجي چوڌاري گھمي رھيو ھو، مان به ڪاري رات ۾ ٿاٻڙجندو اچي ڪنھن ويران جاءِ تي پھتس، اکين جا بادل اويرا ڪري وسڻ لڳا. ڪائنات جو سمورو نظام مونکي اوپرو لڳو، ٿورو اداس ٿي آسمان ڏي ڏسندي ڀٽائي جون سٽون پنھنجي منھن سان ورجائڻ لڳس، منھنجي خيالي دنيا جي حور منھنجي سامھو آئي ۽ چئي ڏنائين:
“ناٽڪي تون ھتي ڇا ٿو ڪرين آسمان تي ڇا ٿو ڏسين”
چيم: “ڪجهه نه بس پنھنجي نصيب جي تحرير کي ٿو تلاش ڪيان .”
چيائين: “ پنھنجي نصيب تي يقين ناھي.”
دل اداس ٿي وئي اکيون آسمان تي چمڪندڙ اڌ چنڊ ۾ وجھندين چيم:
“خبر اٿئي محبت منھنجي نصيب ۾ ناھي ، اذيتن جون راتيون ڏاڍيون ڀيانڪ آھن ، تنھائي جو زھر پئي جيئڻ عجيب ٿو لڳي .”
چيائين : “تقدير جي ليکي کي تون سزا ٿو سمجھين؟”
چيم: “ھا ...محبت منھنجي لاءِ سزا آھي، انتظار مونکي موت مثل ٿو لڳي ، خبر اٿئي مان محبت ۾ سزا پاڻ مقرر ڪئي آھي.”
چيائين : “نه تون محبت ۾ مرڻ جو قائل آھين.”
چيم: “نه مان ناٽڪي آھيان ، مان ھن دنيا جي سرڪس جو ھڪ جوڪر آھيان، مان پنھنجي ھر تحرير ۾ مرندو رھيو آھيان ۽ وري جيئندو رھيو آھيان ، منھنجا خواب جلاوطن آھن، مونکي پنھنجي اکين ۾ اوپرائپ درد جي ٽانڊن کان سوائي ٻيو ڪجهه ڪونھي.”
...