شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

يادن جي شامِ غريبان

يادن جي شامِ غريبان
ھُو مون سان
ناتو ٽوڙي
وڃي پنھنجي
حقيقي پالڻھار
سان ملي،
ھن منھنجي
برداشت جون سڀ
حدون اورانگي ڇڏيون
ڪائنات جي ھر ھڪ شئي
مونکي اوپري ويراڳي لڳي
ھُو مونکي اڪيلو ڪري
خبر ناھي ڪيڏانھن ھلي وئي
آئون رولاڪ بڻجي ڪاري راتن ۾
ھن کي تلاش ڪرڻ نڪري پيس
مان ھُن کي ڪيترا ئي سڏ ڪيا
مونسان گڏ ڌرتي ۽ آڪاش پڪاريو
سانئڻ ، سانئڻ ...
ٿر بر ۾ منھنجا سڏ گونجڻ لڳا
منھنجا پير پٿون ٿيا
منھنجي پيرن ۾ ڪنڊا به لڳا
منھنجو جسم مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويو
سڏ سان گڏ سڏڪا به بلند ٿي ويا
پر ڪٿي به سانئڻ نه ملي
ھن کي ڳوليندي ڳوليندي
وڃي قبرستان پھتس
جتي مان ڏٺو ته ڪيتريون ئي
قبرون دفن آھن
مونکي محسوس ٿيو ته
ھي قبر جيڪا آھي
سانئڻ جي آھي
آئون پنھنجا
گوڏا زمين ۾ کوڙي
ھٿ آسمان طرف کڻي
چيم تون ڪٿي آھين سانئڻ؟
آسمان تي چنڊ چمڪي رھيو ھو
چنڊ ڏانھن آڱر سڌي ڪري
چيم چنڊ تون مونکي اوجاڳا ڏنا آھن
چنڊ تون مونکان ننڊکسي ورتي آھي
مونکي دردن جا دريا ارپيا آھن
اوچتو مونکي احساس ٿيو ته
سانئڻ جي پاسي واري قبر
منھنجي احساسن جي قبر آھي
وري پنھنجي احساسن جي
قبر جي مٽي مٺ ۾ پڪڙي
چيم اي منھنجا رولاڪ احساس
مان توھان کي دفن ڪري ڇڏيا آھن
پوءِ آئون ڇو ماتم ڪيان ٿو
آئون توکي وري ڳولڻ نڪتو آھيان
مونکي خبر آھي تون به
سائنڻ سان گڏ دفن ٿي چڪو آھين
مونکي خبر آھي ته زندگي
جي پھرئين حقيقت ڏک ۽ رنج آھي
ھا ھا سانئڻ...!
ھي قبر تنھنجي آھي
ھي منھنجي احساس جي قبر آھي
باقي ھر طرف منھنجي ارمانن،
خوابن جون ننڍيون ننڍيون قبرون آھن
ھا سانئڻ مان چريو آھيان
مونکي خبر آھي ته تنھنجي ساھ وارو پکي
محبت جي وڻ تان اڏمي چڪو آھي
ھا تون ھن دو رنگي دنيا مان
ھميشه جي لاءِ وئي آھين
مان محبت جي ھر چوراهي تي بيھي
تنھنجي موت جو ماتم ڪندس
ڇو جو آئون روز تنھنجي يادن جي
شامِ غريبان ملهائڻ جو عادي ٿي چڪو آھيان...!
...