شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

امان تون منھنجي سنڌ ماءُ آھين

امان تون منھنجي سنڌ ماءُ آھين
“امان! آئون رولاڪ تنھنجو ننڍڙو رولو جنھن تنھنجي آڱر جهلي ھلڻ سکيو، تنھنجي ممتا جا ميوا کاڌا، جنھن تنھنجي ٿڃ پيتي، جنھن کي تون ڪڏھن به ھيٺ ڪِرڻ نه ڏنو. جيڪڏھن ٿڙندو ھئس، تڏھن منھنجو سھارو بڻجي مونکي ڪِرڻ نه ڏنو امان آئون تنھنجي سيني تي رلندو ٿو رھان مونکي روز محسوس ٿئي ٿو ته توکي سنگھرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ امان مان روز ڏسندو آھيان ته تنھنجي سينڌ تان گذرندڙ ھوا ۾ رڙين، آزين نيازين جا روح فنا ڪندڙ آواز اچي رھيا آھن، امان تنھنجي شھزادين جون رڙيون ڪوڪون ،دانھون منھنجي روح کي گھڙي گھڙي جا گھاءُ ھڻندا آسمان ڏانھن اڏامندا پيا وڃن. امان تنھنجي حورن کي ڪاري ڪري مارڻ واريون سازشون پيو ھلن . ھن معصوم مکڙين جي ٻاڏائڻ ۽ ظالمن جي ٽھڪن شرابن شھر جي آوازن ۾ ٻُڏندا پيا وڃن، امان ننڍي ھوندي پنھنجي پيٽ ۾ نوَ مھينا رکي ھلڻ واري ماءُ کان ٻڌو ھيم ته “ قيامت جي ڏينھن سج نيزي تي لھي ايندو، ڌرتي تپي ٽامو ٿيندي، وڻ پاڙون ڪِري پوندا، جبل ٽڪرا ٽڪرا ٿي واچوڙن ۾ وکري ويندا” تڏھن اعتبار نه ايندو ھو سڀ ڪجهه ننڍ پڻ جي ڪھاڻين وانگر لڳندو ھو، پر اڄ امان مان پنھنجي سنڌي ڀيڻن، ڀائرن تي قيامت ڪرندي ڏٺي، ھا امان ڏس سج لھي آيو آھي نيزي تي، ڏس امان ڌرتي به ٽامو ٿي پئي آھي، وڻ ڪري پيا آھن، جبل ذره ذره ٿي واچوڙن ۾ وکري ويا آھن. امان آئون تنھنجو 25 سالن جو اڻٿاڪو پٽ.... آئون ڪنن سان ٻڌان ويٺو، اکين سان قيامت جو منظر ڏسان ويٺو..... امان آئون مجبورين جي رسن ۾ ٻڌل پٽ، پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ ساڻو ٿي پيو آھيان..... تنھنجي دشمنن پاڻي بند ڪري معصومن کان تنھنجي ٿڃ کسي اڌ مئو ڪري مجبورين جي سنگھرن ۾ قيدي ڪري ڇڏيو آھي. امان ھي ڪاريون راتيون مونکان اڪثر پڇنديون آھن، رولاڪ پاڻ کي سنگُھرن مان آزاد ڪر.... آئون ڇڙيون ھڻان ٿو ته منھنجو وجود زخمي ٿي پوي ٿو، آئون پنھنجي ميري رت جون ريکائون تنھنجي سيني تي ڇٽيندو ٿو وڃان، ڪنڌ کڻي ڏسان ٿو ته تنھنجي ايمان تنھنجي عقيدن جا ڪوٽ ڪرائي ڇڏيا آھن، اسان جو سالن جون دعائون ھڪ پل ۾ رائگان ٿي ويون... ڪاليج، يونيورسٽن ۾ ڏنل درس ڌوڙ ۾ ملندي ڏٺم. مون کي تعجب لڳي ٿو پنھنجي اکين تي جيڪي انڌيون ناھن پر پوءِ به اڃان تائين پوريل آھن، منھنجي دل ابابيل وانگر ڦٿڪي پئي، امان آئون آسمان ڏانھن ھٿ کڻي خدا کي چوندو آھيان، مون کي ڇو ايڏي آزمائش ۾ وڌو آھي، ايتري ته پيغمبرن کي به آزمائش ناھي ڏٺي مان ته سنڌ ماءُ جو اڻ ٿاڪو پٽ رولاڪ آھيان. آئون ڪو پيغمبر ناھيان، آئون ڪو ديوتا ناھيان، آئون ڪاري راتين جو رولاڪ آھيان، آئون ڀُري پوندس، آئون ٽُٽي ٽڪرا ٿي پوندس، آئون پالڻھار سان بغاوت تي لھي ويندس، آئون نئي تاريخ لکندس، آئون پنھنجي ماءُ جي ٿڃ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺندس.”

...