شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ھا آئون مري ويندس

ھا آئون مري ويندس
ھر انسان پنھنجو ماضي
سنڀالي رکندو آھي
پر آئون پنھنجي ماضي ۾ ڪيل
غلطين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي
اکين جا پاند آلا ڪندو آھيان ،
مونکي ته پنھنجي ماضي کي
اٿلائڻ پٿلائڻ
جو ڪو خاص ٽائيم ناھي ملندو
پر جڏھن ڪاري راتين جا
نه کٽندڙ پاڇا
نه کٽندڙ ڪاريون راتيون
۽ منھنجو رولاڪيون مونکي اڪثر ڪري
ماضي ڏي وٺي وينديون آھن
آئون سرڪس جو جوڪر آھيان
آئون حوالي آھيان
ماڻھون اڪثر ڪري مونکي
چوندا آھن
ته آئون پنھنجي لفظن جي
راند ڪندو آھيان
آئون ناستڪ آھيان
منھنجو ماضي منھنجو
پيچو ڪندو ٿو اچي
تڏھن آئون پنھنجي رولاڪين
ڏانھن نڪري ويندو آھيان
جتي پھرن جا پھر
خاموش رھندو آھيان
عرش جي وسعتن ۾
گم ٿي ويل عڪس
ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان
پر مونکي تنھائي
کانسواء ڪجھ ناھي ملندو
مونکي خبر آھي ته
عرش منھنجو اڌوريون
تحريرون
منھنجي درد جا رانڀاٽ
سڏڪن جي آواز جو
پاڻ وٽ قيد ڪندو آھي
مان پاڻ کي رولاڪ جو
نئون نالو ڏنو آھي
آئون تصور جي صحرا ۾ اڪيلو
ڀٽڪندڙ مسافر آھيان
منھنجي پيرن ھيٺ ٿر جي گرم واري،
منھنجي مٿان باھ چٽندڙ سج آُھي
تنھائي جي رڃ ۾ پاڇن پٺيان
ڊوڙي رھيو آھيان
آئون رولاڪ پاڻ کي موھن جي دڙي
مثل سمجھندو ھيس
پر مونکي خبر آھي
ته موھن جي دڙي
جي عظيم تاريخ آھي
پر منھنجي ھڪ تحرير به ناھي
آئون ويتر ويران آھيان
آئون رولاڪ ڏکن جو عادي آھيان
مونکي سک ملندا ته مري ويندس .
ھا آئون مري ويندس،
ھا آئون مري ويندس...!
...