سوڍا تون ۾ ساھ، نه ته راڻا گھڻا راڄ ۾!
ھڪ ڏينھن مان ڏٺو ته ڪائنات جي حور ڪنھن اپسرا جو روپ ڌاري اڳيان اچي بيٺي ھن جو ڀورو رنگ پگھريل سون جھڙو ھو جسم تي جواني جا گئونچ ڦٽي پيا ھئا، ھو ڪنھن شرم ٻوٽي جيان پڄري رھي ھئي، مونکي سامھون ڏسي ھن جي پيشاني تي پگھر ڦڙا وھڻ لڳا، ھن جون اکيون منھنجي اکين ۾ کتيون، ھن پنھنجا ھٿ وڌائي منھنجو چھرو پنھنجي ٻنھي ھٿن ۾ وجھندي چيائين:
“رولاڪ ! تون سدائين اداس ڇو رھندو آھين؟ تون ڇو ھميشه موت جو ڳالھيون ڪندو آھين.”
منھنجي لفظن تي مٽي جي دز چڙھي وئي.
چيائين : “ھا رولاڪ آئون به توسان بي پناھ عشق ڪندي آھيان، پوءِ به تون پاڻ کي خوشنصيب نٿو سمجھين ٻڌائي مونکي... ”
دل اداس ٿي وئي آسمان کي ڏسندي چيم:
“سانئڻ! منھنجي خوشنصبي آھي، تون مونسان محبت ڪرين ٿي پر ھي دنيا ھي سماج پاڻ کي ملڻ نه ڏيندو، آئون ھر دور ۾ مرڻ لاءِ تيار آھيان ، منھنجي چپن تي ھٿ رکندين...!؟”
چيائين: “رولاڪ تنھنجو ڳالھيون مونکي اذيت ڏينديون آھن ، ڇا تون مونکي اڪيلو ڇڏي ويندي پاتالن ۾ ٻڌاءِ ...؟”
چيم: “سانئڻ ! آئون توکي اڪيلو نٿو ڇڏي سگھان، پر آئون تنھنجي عزت تي ٽِڪو ھڻي منڪر نٿو ٿي سگھان، تنھنجو پاڪ وجود تي پنھنجي نالي جي تهمت برداشت نه ڪندس، تون مقدس آھين، تون سنڌ ڌرتي جيان وشال آھين.”
چيائين: “رولاڪ ائين توسان انسانيت ۽ عشق جي بنيادن تي نڪاح ڪري چڪي آھيان، وقت سان وڙھجان مان وانگر تون به جي مان نه لکرايو توکي آسمانن تي، ته مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس ....”
چيم: “نه سائنڻ آئون توکي مرڻ نه ڏيندس، آئون توکي خودڪشي ڪرڻ نه ڏيندس .”
پنھنجا لڙڪ صاف ڪندي چيائين: “رولاڪ ! مرد دنيا مان کُٽي ڪونه ويا آهن پر عورت جي دل الله عجب ٺاهي آهي، صاف سٿري، خوبصورت ، عشق مان ٺھيل آھي، جنهن جو نالي لکجي ته لکجي ويو تون ته بس تون.... رولاڪ!”
ھن جا لفظ ڀالا بڻجي منھنجي سيني ۾ لڳا ٿورو اڳتي وڌي چيم :
“سانئڻ آئون انھن مردن مان ناھيان جو، تنھنجو پاڪ دامن پنھنجي حوس جي ڪري داغدار ڪيان، آئون به توسان عشق ڪيان ٿو، تون منھنجي لاءِ خيالي خدا آھين، تون منھنجي تهجد جي دعا آھين پر آئون توکي وري وڃائڻ نٿو چاھيان.”
چيائين: “رولاڪ عشق نه ڏسندو آهي ذات پات، نه تقدس ۽ ٻيو ڪجهه ائين اھو ڪنديس جيڪو دل چوندي ۽ دل جو ضد آهي تون ھجين توکانسواءِ منهنجو ھمسفر ڪير به نه ٿيندو جي تون نه ته ڪيربه نه (سوڍا تو ۾ ساھ نه ته راڻا گهڻا ھن راڄ ۾) .”
ڪجهه چوڻ چاھيم پر چئي نه سگھيس منھنجا لفظ دل جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.
...