جدائي موت آھي
ڪاري راتين جو پنھنجي لفظن وارو ڪشڪول کڻي وري پنھنجي گمنام منزل ڏانھن وڃڻ شروع ڪيم ته ڪاري رات ۽ شوڪا ڏئي ٿڌي گذرندڙ ھوا ۽ تنھائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه، پنھنجي محبت جي عبادتگاھ جو سفر جاري ھو پوئتي منھجي قدمن جا نشان نه ھئا، دل تي اداسي ليئو پاتو دل ويران قبرستان جيان لڳي ٿورو بيھي سوچيم ته ڪٿي آئون پاچو ته ناھيان، ڪٿي آئون پنھنجو ڀٽڪيل روح ته ناھيان، آئون سڄو ھن ۾ رھجي ويو آھيان. آئون ھاڻ بس اولڙو آھيان، آئون پاڇو آھيان ، پاڇي جي پيرن جا نشان ناھن ٿيندا، پنھجن اھڙين حرڪتن تي کلندين اڳتي وڌيم ته سامھون ھڪڙو پاڇو نظر ۾ آيو کلندين چيائين: “رولاڪ.... !”
ھن جو چھرو ڏسڻ ۾ نه آيو، هن جو چهرو اونداهي ۾ هو بس پاڇو محسوس ٿيو.
چيم: “تون ڪير؟ توکي منھنجي نالي جي ڪيئن خبر؟”
کلندين چيائين : “رولاڪ آئون تنھنجو پاڇو آھيان، آئون تنھنجي محبت جي عبادتگاھ تي ھلندس.”
چيم: “نه تون منھنجي محبت عبادتگاھ تي نه ھل، آئون توکي وٺي نه ھلندس.”
چيائين: “رولاڪ ھڪ سوال پڇان؟”
چيم : ”پڇو....”
چيائين: “رولاڪ جدائي جي اذيت ڇا آھي؟”
سوال سٺو ھُو پر جواب نه ڏنم: مونکي خبر ڪونھي
کلندين چيائين: “رولاڪ توکي خبر ناھي.”
چيم: “جدائي موت جو ٻيو نالو آھي”
چيائين: “پوءِ تون مري ڏٺو آھي؟”
چيم: “ھي ڪھڙو سوال آھي؟”
چيائين : “منھنجو مطلب توھان کي اھڙو موت نه مليو آھي؟”
دل اداس ٿي وئي آسمان کي ڏسندين چيم ته: “توکي ڪئين ٻڌايان ته آئون محبت جو احساس آھيان، منھنجو ھر دور ۾ موت ٿيو آھي، آئون هينئر به سڪرات جي عذاب ۾ مري ويو آھيان، آئون باربار مرڻ جي ڪشمڪش مان گذرندو آھيان، آئون محبت ڪري سڪرات ۾ رھڻ جو ھيراڪ ٿي ويو آھيان، مان جڏھن ھن کان جدا ٿيس ته مان محسوس ڪيو دل سيني ۾ گھائل پکي وانگي تڙپندو رھيو پر ھن کي ڪجهه ڪياس نه ٿيو، ھڪ ڀيرو به مڙئي نه ڏٺو، مان احساس آھيان، مان محبت آھيان، مان مرڻ کان اڳ پنھنجي روح کي ڪنھن جي تصور سان پرواز ڪندين ڏسندو آھيان، ھا مان اعتبار جي دوڙھ ۾ روز مرندو رھيو آھيان، منھنجو لاشو ھو منھنجي ارمانن جي ڪفن سان دفن ڪرائيندو رھيو آھي...”
...