شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

پنهنجي پاران: مان هڪ گودڙو فقير آهيان !

مان ھڪ گودڙو فقير آھيان، مون دنيا جي سڀني خوبصورت نالن کان ھٽي ڪري پاڻ کي ھڪ ئي نالو ڏنو آھي . ( رولاڪ آصف ) ڇو جو منھنجو وجود زمين کان آسمان تائين، آسمان کان عالم ارواح تائين جي رولاڪين ۾ مڳن رھندو آھي ۽ مان قلعي (عمرڪوٽ) جي ھنج ۾  ويھي پنھنجن رولاڪين جو سفر شروع ڪندو آھيان.

 ڪڏھن مون سان ڏات جي ديوي پرچي رولاڪين ۾ اچي ھلڻ شروع ڪندي آھي، يا وري ڪڏھن دردن جا پکي دل جي سر زمين تي لھي سڏڪن جي ڌمالن تي پيرن اڳھاڙي رقص ڪندا آھن،  پوءِ  مان زندگي جي پلصراط واري سفر ڏانھن روانو ٿي ويندو آھيان .آئون رولاڪ ڏکن جو قيدي لمحن ۾ جيئندو آھيان. لمحن ۾ مري ويندو آھيان، منھنجي اڳلي جنم جو روئڻ اڃان باقي آھي٠ ڇو جو آئون سسئي کان بنا رڻ ۾ رلڻ وارو رولاڪ آھيان٠  منھنجو سرڪش روح زمين کان آسمان تائين سانئڻ کي پڪاريندو رھندو آھي.  ھا اھا سانئڻ جنھن جي سڏ کان پوءِ  مون خدا جا سڏ به لنوايا آھن.  مونکي قيامت ڏھاڙي فرشتا به اٿاري نه سگھندا، مونکي صرف تون ئي اٿارجان  ! مون توکان پوءِ خدا جو ھر سڏ لنوايو آھي٠ مان تنھنجي سڏ تي لبيڪ چئي اٿندس. مونکي خبر آھي منھنجا ٽٽل بي ادب لفظ ڪڏھن به ادب جي دنيا ۾ ليکيا نه ويندا، نه وري منھنجي ٽٽل لفظن تي ڪو وڏو شاعر يا ليکڪ شفقت جو ڪو ھٿ رکندو٠ ڇو جو منھنجا لفظ تير ڀالا سنگينن جو ڪم ڪندا آھن٠ 

ھا مون ته سڀني ڏانھن گل اماڻيا  
پر مونکي گلن جي عيوض پٿر لڳا ! 
ڇو جو منھنجي لفظن ۾ ادب واري صنف ناھي،  
منھنجا لفظ به  ڪنھن ناچو عورت جيان پنھنجي سڏڪن تي رقص ڪن ٿا٠ 
 ھا مان واريءَ  جو اڪيلو مسافر آھيان،  منھنجي ڪا به تاريخ نه لکي ويندي٠

آئون پلن ۾ جيئندس ۽ لمحن ۾ مري ويندس. سقراط جو زھر مون رولاڪين ۾ پي ڏٺو آھي. جڏھن چنڊ آسمان تي اڪيلو سفر ڪندو آھي،  تڏھن رولاڪ ماضي واري تاريخ جي تلاش ۾ ڀٽڪندو آھي.  مونکي تاريخ ته ناھي ملندي پر  ھر پاسي ڏاڍ ڏامر خون ريزي واري راند پي ھلندي آھي٠ مونکي ملندي آھي ته سنڌ جي سُڪل مٽي ملندي آھي. سنڌ جي سڪل مٽي مون لاءِ  بھشت جي سرمي کان به وڌيڪ مقدس آھي، اھُا مٽي مان پنھنجي چپن تي رکي چمندو آھيان ! ڇو جو سنڌ جي مٽيءَ  قران جي ورقن جيان مقدس آھي... اھُو منھنجو عقيدو آھي، منھنجو اھو عقيدو منھنجي پڙھندڙن کي برو لڳندو پر منھنجو اھُو عقيدو ڪمزور ناھي، مان سڀني جي نظر ۾ گنگھار آھيان ، منھنجو اھُو گناھ ھزار ثوابن کان به وڌيڪ عزيز آھي .

مان پنھنجي بابا اعجاز علي ڪالرو  جو احسان مند آھيان جنھن چيچ پڪڙي ھن دنيا ۾ اٿڻ ويھڻ سيکاريو، ھا آئون پنھنجي بابا سائين جو سدائين قرضدار رھندس٠ جنھن غربت سان جنگ جوٽي مونکي تعليم جھڙي زيور سان نوازيو، ۽ منھنجي آڱر پڪڙي ھن دنيا جي رونقن ۾ گھمايو.

 مان سنڌ جي مھڪندڙ مٽي مان جنم وٺندڙ  تمام بھترين ”شاعره مخدوم  آسيا قريشي“ جو وڏو احسان مند آھيان، جنھن مون جھڙي سرڪش رولاڪ لاءِ  پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري، هڪ مفصل ۽ اثرائتو مهاڳ لکيو، ۽ ڪتاب جي حوالي سان مشورا ڏئي مون تي وڏو احسان ڪيو آھي٠

 مان پنھنجي پياري ۽ تمام ويجھي دوست نھايت ئي سٻاجھڙي شاعر ادب دوست صابر ڪيريو جو به احسان مند آھيان، جنھن ٻه اکر لکي ڪري ڪتاب جي سونھن ۾ اضافو ڪيو٠

  آئون ٿورائتو آھيان سنڌ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ادب دوست ۽ نئين اڀرندڙ شاعره ندا علي جو جنھن منھنجي لفظن لاء قيمتي راءِ ڏئي ڪتاب جي سونھن ۾ اضافو ڪيو٠

  آئون ٿورائتو آھيان، احساس پبليڪيشن حيدرآباد جي مالڪ، سرواڻ  سھڻي شاعر ليکڪ، ادب دوست ”سائين احسان آڪاش“ جو جنھن بئڪ ٽائٽل لکيو ۽ ڪتاب جي حوالي سان ڪيتريون ئي قيمتي تجويزون  ڏنيون  ۽ ڪتاب جي سيٽنگ، لي آئوٽ، ترتيب، ٽائيٽل ۽ ڇپائي وارا سمورا مرحلا وقت سر اُڪلائي ۽ منھنجي شاعريءَ جو پھريون مجموعو بي انتها پيار سان،  خوبصورت  رنگ و ڍنگ سان هي ڪتاب “چنڊ مان ۽ رولاڪيون” اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو،  ۽ ڪتاب جي سُونھن ۾ چوڏنھن چنڊ لڳائي ڇڏيا. 

مان پنھنجي دوست جھانگير“ جو به ٿورائتو آھيان جنھن ھر وقت منھنجو ساٿ ڏنو. ۽ مان ٿورائتو آھيان پنھنجي سڀني پنھنجن مائٽن دوستن عزيزن پڙھندڙ جو جن جي محبت ھن  پورھئي ۾ شامل آھي ۽ مان آخر ۾ اھُو چوندس (مان جوئي آھيان سو ئي آھيان). 

منھنجا  لفظ، درد، اڌمان، اوھان جي سامھُون آھن٠ اوھان پڙھندڙ اديب، شاعر، ليکڪ، ادب دوست، منهنجي تخليقن کي هن پورھئي کي ڪيترو پسند ٿا ڪيو؟ پڙهي ڪري پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا. توھان جي پڙھڻ کان پوءِ  توھان جي راءِ جو شدت سان انتظار رھندو٠ هاڻي پنو ورايو ۽ ڪتاب پڙهو !

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت!


رولاڪ آصف ڪالرو

عمرڪوٽ

03110137786