شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

سوچن جا سمنڊ

سوچن جا سمنڊ
اڄ مونکي ھڪڙي تصوير ملي آھي. ھا آئون اڄ ان تي پنھنجو ھُي ڪالم لکندس، مان ھن تصوير واري شخص کي سٺي نماني سڃاڻا ٿو. مان ھن کي ان وقت کان سڃاڻا ٿو. جڏھن ھي اسڪول ڪاليج ۾ پڙھندو ھو. تڏھن ھو جام کلندو ھو ۽ ماڻھن کي چرچا ھڻي کلائيندو ھو. ماڻھو ھن شخص سان ڪڏھن به تنگ نه ٿيندا ھئا. ھن جي شخصيت جو ھڪ رخ ٻيو به ھو ، ھو جام ضدي به ھوندو ھو، ھن کي اڪيلائي اذيتن جي اوڙاھه ۾ اڇلائي ڇڏيندي ھئي، هو ڏاڍو ضدي ھو، تڏھن ھن ڪڏھن به ٻوسٽ اذيت زود رنج سان ٺاھ نه ڪيو ھو. ھو مسلسل سوچن جا سمنڊ لتاڙي رولاڪين ۾ گم ٿي ويندو ھو. وقت ھن جو نالو به رولاڪ رکي ڇڏيو ھو. اڪيلائپ جو عادي ٿي چڪو ھو. ھو پنھنجي خيالي دنيا ۾ ھلندو ھو. ڇو جو ھو حقيقي دنيا ۾ ھلي نه سگھندو ھو. تڏھن ھو رولاڪين ۾ سوچن جا سمنڊ لتاڙي خيالي دنيا ۾ وڃي پھچندو ھو . ھو اڄ ستاويهه سالن جو نوجوان ٿي چڪو هوندو... مونکي لڳي ٿو ته ھو ڪراڙو ٿيڻ جي انتظار ۾ ھوندو .ھي تصوير ان وقت جي آھي. جڏھن ھو جشن آزادي واري ڏينھن اسڪول جي ميدان ۾ رکيل پروگرام جي اسٽيج تي ٽيبلو پيش ڪري دنيا وارن کي کلائيندو ھو.
جڏھن سرمد سنڌي جو گيت پنھنجي بيسري آواز ۾ ٻڌائي سڀني کي جھُومڻ تي مجبور ڪندو ھو. تڏھن اڪثر ھو آسمان ڏانھن ڏسندو ھو ھن کي آسمان جي ۾ پنھنجو ننڍڙو وجود ڳولڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو هو. ھاڻ ھو پڪو پختو ٿي ويو آھي. ھاڻ ھو ڪنھن ڳالهه ۾ به خوش ڪونھي، اذيت، شڪست ھن تي پوري طرح حاوي ٿي وئي آھي. تڏھن ھو پنھنجي خيالي دنيا ۾ رھڻ جو عادي ٿي چڪو، ھاڻ ھُو جھيڙو ڪندو رھندو آھي، پنھنجي پاڻ سان پنھنجي وجود سان، پنھنجي جسم سان، ڪڏھن ڪڏھن ته پنھنجو مٿو ديوارن سان ٺڪرائي، رت جو عطيو ڏيڻ جو عادي ٿي ويو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن جي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳندي آھي، ھوش ھن جي ھٿن ۾ ڪٺل ڪبوتر وانگر پرڙا ھڻندو نظر ايندو آھي. اھڙي ڪيفيت ۾ ھو ڪجهه چوڻ چاھيندو آھي، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناھي ھوندو، تڏھن ھو اڪثر وائڙو ٿي پاڻ کي خاموشي جي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھي. ھو پنھنجي مرضي سان ھن دنيا ۾ ناھي آيو ، تڏھن ھو ھاڻ ھن دنيا ۾ وڃڻ پنھنجي مرضي سان چاھي ٿو .

...