شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

مٽي جو مجسمو

مٽي جو مجسمو
اڄ صبح جو من وري
ننڍڙي ٻار جيان
ضد ڪرڻ لڳو
وري ٻاھر وڃي
مٽي تي ويھي رھيس
اتي مٽي کڻي
ان جو ھڪڙو ماڻھو
ٺاھڻ شروع ڪيو
ٿورو سوچيم
ته آئون ڪو ڪاريگر
ناھيان پر مٽي جو مجسمو
مڪمل ٺاھڻ جو
ارادو ڪري ڇڏيو
مان پھرين ھن جو بت ٺاھيو
پوءِ
ھن جو ڦڏو مٿو ٺاھيو،
پوءِ
وري ٻانھون ٺاھيون
مونکي ائين محسوس ٿيو ته
ھي سڀاڻي چو واٽي تي
بيھي سچ ڳالھائيندو
پر ائين نه ٿيو
مان جڏھن مجسمو
مڪمل ڪيو ته به
مونکي ائين محسوس
ٿيو ته ڪجھ اڃان به
رھجي ويو آھي
مان پاڻ کي ٽٽل آئيني ۾ ڏٺو
ڪو به فرق نه هو
وري جڏھن ھن ڏانھن ڏٺم
ته ھن جون اکيون نڪ چپ
سڀ آھن پوءِ به
ڇو پورو ناھي ٿيو
وري پاڻ تي
غور ڪرڻ کان پوءِ سوچيم
مان پنھنجو ئي مجسمو
ٺاھيو آھي
مان ٿورو مسڪرائي
ھن مٽي جي مجسمي کي
مختلف جاين تي
بليڊ سان جهير ڏنا
تڏھن مونکي
محسوس ٿيو ته
ھا !ھاڻ وڃي مڪمل ٿيو آھي...!!!
...