شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آئون تنهنجي لاءِ وڙھندس

آئون تنهنجي لاءِ وڙھندس
ھن منھنجي اڻ ڌوتل منھن ۾ ڏسندي چيائين:
“رولاڪ توکي ڏسي آئون سوچ جي سمنڊ ۾ لھي ويندي آھيان.”
چيم: “ڇو منھنجي منھن ٿي ڏامر ھاريل آھي.”
مسڪرائندي چيائين: “رولاڪ واڇون نه ھڻ توکي ڏسندي آھيان ته دل سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي ته محبت جو خدا به تون وانگر لڳندو ھوندو، ائين تون وانگر کلندو ھوندو ته ھن جي ڳلن ۾ به ڊمپل پوندا ھوندس.”
ائين چئي پنھنجي منھن شرمائڻ لڳي.
چيم: “نه مان محبت جي ديوتا کي ڏٺو به ناھي، آئون گنگھار آھيان، مونکي انسان ئي رھڻ ڏي.”
مسڪرائيندي چيائين: “ رولاڪ ! عورت پنھنجي مڙس کي مجازي خدا وانگر پوڄا ڪندي آھي، آئون به تنھنجي پوڄا ٿي ڪيان، منھنجا سجدا قضا نه ڪجان! مونکي رولاڪ پاتالن ۾َ نه اڇلي ڇڏجان...”
دل ۾ ھن جا لفظ ڪنھن تيز دار خنجر جيان سيني ۾ لھي ويا.
چيم: “ سانئڻ! جنھن عورت جي سڏ تي مان قيامت ڏھاڙي اٿندس، ان کي اڇلڻ وارو عظيم گناھ مونکان نه ٿيندو، مان پنھنجي مقدس محبت کي پٺي نٿو ڏئي سگھان.”
ھڪ ڊگھو ۽ اذيتن کي پئيندڙ ٿڌو ساھ کڻندي چيائين:
“رولاڪ تون منھنجي آخري ڇانوَ آھين ، تون منھنجو حوصلو آھين.”
چيم: “سانئڻ آئون توکي آسمان جي ستاري جيان چمڪندڙ ڏسڻ ٿو چاھيان.”
ھن جا اکين ۾ لڙڪن ليئو پاتو. منھن ٻئي طرف ڪري ڀٽائي جو بيت جھُونگارڻ لڳي. ھن جي معصوم ھٿن جي آڱرين کي جھليندي چيم:
“توکي ڪوٽن جي زنجيرن مان آزاد آئون ڪرائيندس سانئڻ!”
مان ھن جي اکين ۾ ڏسندي چيم :
“سانئڻ! تون منهنجي ھمسفر ٿيندينءَ ته پنھنجا سڀ ڏک لھي ويندا.”
ھن جون پنبڻيون لڙڪن ھاڻيون ٿي ويون.
چيائين: “رولاڪ آئون ڪوٽن ۾ قيد آھيان ، مان پڳون لتاڙي نٿي سگھان ، مان توکي سجدو ڪيو آھي، منھنجو ديوتا تون آھين، آئون وري ڪنھن به مرد جي ٿيڻ جو سوچي به نٿي سگھان.”
چيم: “سانئڻ مون تي اعتبار اٿئي مان توکي آزاد ڪرائيندس ، مان وڙھندس ھر دور ۾ وڙھندس”
روئڻھارڪي آواز ۾ چيائين: “ رولاڪ تون اڪيلي سر سڀني پڳدارن سان وڙھي سگھندين...؟”
چيم: “ھا آئون وڙھندس ، آئون ھر دور ۾ وڙھندس، وري مرندس، وري وڙھندس، ھر جنم ۾....! ”
ھن پنھنجو ھٿ منھنجي چپن تي ھٿ رکندي چيائين:
“رولاڪ مرڻ جي ڳالهه نه ڪندو ڪر، مونکي تون ائين ئي گھرجين صحيح سلامت، توکي مونکان اڳ ناھي مرڻو.... آئون نوري وانگر تنھنجي ھنج ۾ آخري پساھ کڻڻ ٿي چاھيان... ”
دل قلعي جي زبون ديوارن وانگر ڀورا ڀورا ٿي پئي.
چيم: “ توکان جدا ٿي مان مرڻ جي تمنا ڪئي آھي، تون منھنجي محبت جو معراج آھين، ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو اٿم ته آئون ٿر جي گرم واري جو ٿوھر آھيان ، تون منھنجي ساھ جي تنڌ مثل آھين، توکان بغير آئون ڪجهه به ناھيان.”
ھن جي خشڪ چپن جي لپ اسٽڪ چمڪڻ لڳي ، اکيون اکين سان ملائيندي چيائين: “ڪنا ھڪ ڏينھن تون چيو ھو نه ته اسان جي وچ ۾ جيڪڏھن ڪا به ديوار جبل جو روپ ڌاري پنھنجي وچ ۾ ايندي ته تون ان جبل کي به ڀڃين ڀورا ڀورا ڪندي....”
چيم: “ها سانئڻ چوندا آھن ته ڏکن پٺيان سک به ايندا .
چيائين: “پاڻ کي دلاسن سان پرچائڻ جو ڪاريگر آھين.”
چيم: “ھا سانئڻ ھڪ ڏينھن پنھنجي روح جا زخم ڀرجي ويندا، پنھنجي محبت جي منزل ملندي، پنھنجي اداس صحرا جھڙي زندگي تي خوشين جو ڪڪر وسندو.”
ھو خاموش رھي ڪجهه نه چيائين:
“ ڪجهه دير خاموش ٿي، سوچيم ته قسمت کان ھارايل انسان اذيتن جي صليب تي لٽڪيل ھوندو آھي. سانئڻ مون ڏانھن ڏٺو مان هن جي ڪڪورين اکين ۾ ڏسڻ شروع ڪيو، ڪجهه دير اکيون مليون ۽ وري ھميشه لاءِ جدا ٿي ويون، پريت ھڪ وڏي سوچ ۾ گم ٿي وئي ڳالهه مٽائندي چوڻ چاھيم پر ڪجهه چئي نه سگھيس، لفظ دل جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.
آئون اڄ پنھنجي ھن ڪالم ۾ ھن سونھن جي ديوي تي لکندس، جنھن منھنجي ويران من جي صحرا تي محبت جا ڪڪر وسايا آھن. اڄ آئون پريت جي پيار جي ڪھاڻي لکندس، جنھن ۾ پنھنجي ناشڪري ۽ ھن جي بي پناھ محبت لکندس، ھن جي ننڍ ۾ به منھنجي لاءِ نظم جنم وٺندا آھن، مان رولاڪ جڏھن زندگي جي مشڪري ۾ گم ٿي رولاڪين ۾ نڪري ويندو آھيان ته آسمان تي تارا به مونکي پريت جا سڏ لڳندا آھن... ھو جيڪا پنھنجي ڪنوارپ منھنجي ڪري سانڍي رکي وٺي آھي، ھو جيڪا منھنجي ڪري ھوائن سان جھيڙو ڪندي آھي، ڇو جو ھو مونکان سواءِ ھوا کي به چمڻ جو حق نٿي ڏي... ڇو جو ھن مونسان روحاني نڪاح ڪيو آھي ھينئر ھو منھنجي اکين اڳيان پينگھي ۾ لڏي رھي آھي، ڪاريون ڪڪوريون اکيون، سون جھڙو رنگ، چيلهه تي ڊگھا ڪارا وار، ھن جي جسم ۾ جواني جا گل گوئنچ ڪڍي رھيا آھن. ھن جي اکين ۾ محبت جي لاٽ ٻري رھي آھي، ھن جا سڏ مونکي ڀٽائي جي نگري ۾ وائي جا ساز ٿا لڳن، ھن جي ڳالھين مان سُرن جي ورکاءُ پي ٿي، مان ھاڻ پنھنجي ڪمري جي دري مان ٻاھر جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻاھر ڪيتريون ئي ڪونجون، اپسرائن جو روپ ڌاري ريشمي پئجاما، ململ جا ڪرتا، ڳلي ۾ پوتي ويڙھي پنھنجي ادائن سان، شھر جو شھر ويران ڪنديون پيو وڃن. منھنجو روح آڪاش تي پنھنجي پريت کي پڪارڻ لڳو. اکين ھن جو ڪنوارو خواب ڳولي لڌائون، منھنجي سانئڻ منھنجي تصور جي حور آھي، مان ان جي ھر سڏ تي لبيڪ چيو آھي، مان قيامت جي ڏينھن به ھن جي سڏ تي اٿڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آھي. مونکي پريت سان گذاريل ھڪ لمحو ياد آيو، جڏھن ھن بادامي رنگ جو جوڙو پائي، مٿي تي سنڌي ھرمچي تي ڀريل رئو اوڍي، ڪونج وانگر ٽلندي مون وٽ آئي ته ڪائنات جي ھر شئي ھن جي آجيان ۾ ھلڻ شروع ڪيو. وڻ ھن جي ادب ۾ جھڪڻ لڳا، ھوا ھن جي ادب ۾ سرٻاٽ ڪري سلامي ڏيڻ لڳي. گل ھن جي ادب ۾ ٽارين تان ڇڻڻ لڳا، سڄي ڪائنات خوشبو ۾ وڪوڙجي وئي، ھن جڏھن منھنجو منھن دعا وانگر پنھنجي ھٿن ۾ محفوظ ڪيو ته دل تي محبت جا پوپٽ رقص ڪرڻ لڳا، ھن جي ھٿن جو تريون نازڪ ھيون، گلابن جو پنکڙين جيان مان ھن جي اکين مان محبت جا جام ڀري پيئڻ شروع ڪيا، محبت اکين مان ٿي دل ۾ لھندي وئي، ھن جي چپن تي مرڪن ليئو پاتو، هن جي جواني جا گل شرم ٻوٽڙي وانگر ٻوٽجڻ لڳا. ھو شرم ٻوٽي پنھنجو سنڌي ھرمچي واري رئي سان پنھنجو ڍڪيل انگ کي اڃا پئي ڍڪي پيشاني تي پگھر جا ڦڙا جرڪڻ لڳا ٿورو اڳتي وڌي.
چيائين: “رولاڪ تون منھنجي ڳالهه مڃيندين.”
چيم: “پريت حڪم ڪر ....”
ھن جي اکين ۾ خوشي جي لھر آئي، چھري تي مرڪ سجائي چيائين:
“رولاڪ تون رسالن ۾ نٿو لکين”
چيم: “نه سائنڻ آئون رولاڪ منھنجي نظم ڪالم ڪھاڻين جي نه ڪا اڳياڙي آ، نه ڪا پڇاڙي آ.... ڇو جو آئون رولاڪ ڏکن جو عادي منھنجي خوشي وارو ڪالم يا رومانس وارو نظم به اڳتي ھلي اوچتو ئي اوچتو درد، اذيت جي غار ۾ وڃي پھچن ٿا، مان پاڻ پنھنجي لفظن مان مطمئن ناھيان ، مان اڪثر لکي ڪري ڦاڙي ڇڏيندو آھيان.”
چيائين: “رولاڪ آئون تنھنجي ھر لفظ کي دل جي گھرائي سان پڙھندي آھيان، تنھنجو لفظ لفظ منھنجي دل جي تھخاني ۾ وڃي لڳندو آھي ، آئون چاھيان ٿي.”
مان ڪنڌ ورائي چيومانس: “تون مونسان محبت ڪرين ٿي، تڏھن منھنجا گناھ به ثوابن واري ساهمي ۾ رکين ٿي.”
چيائين: “نه رولاڪ منھنجي لاءِ دنيا ۾ آخري مرد تون آھين توکان پوءِ ھن دل تي وئي نازل نه ٿيندي.”
چيم: “تون عظيم آھين، سنڌ ڌرتي جيان، تون ڀٽائي جي بيتن جيان مقدس آھين ، مان ته پنھنجي ساھ جو وارث به ناھيان ڇو جو ملائڪن منھنجي لاءِ به دوزخ رکي آھي.”
چھري تي ڪاوڙ سجائي چيائين: “ رولاڪ .....ناشڪرا تون ناشڪرو آھين.”
چيم: “ھا آئون ناشڪرو آھيان، ڇو جو مان وٽ ايمان جھڙي دولت ڪونھي، مان وٽ تھجد نماز آھي، سا به پنھنجي محبوب لاءِ ، پنھنجي پريت لاءِ، منھنجي سانئڻ، منھنجي ننڊ، منھنجي جاڳ، منھنجي زندگي، منھنجا خواب سڀ تون آھين. تون منھنجي دل تي آخري وحي آھين، توکان پوءِ دل تي ڪا وحي نازل نه ٿيندي.”
چيائين: “رولاڪ! ڪنا مولوي ماري ڇڏينديءَ، اھڙيون ڳالھيون نه ڪندو ڪر”
چيم: “نه مولوي مونکي نه ماريندا.”
چيائين: “ڇو .....؟”
چيم: “ڇو جو منھنجي مٿي تي ڪي به سنڱ ناھن ، آئون به شڪل ۾ ھنن جھڙو انسان آھيان.”
چيائين: “پر ڳالھيون ڪفر جو ڪندو آھين.”
چيم : “آئون ڪافر ته آھيان ڇو جو مان پنھنجي محبوب کي خدا سمجھي محبت ڪئي آھي، مونکي خدا جيڪڏھن عشق ڪرڻ تي دوزخ ڏي ته مان خدا جو ھر فرمان کي لبيڪ چوندس ، آئون کلندي دوزخ قبول ڪندس ، پر پنھنجي ڪيل محبت کي سجدو ڪندس، ڇو جو مان تنھنجي ھڪڙي سڏ کان پوءِ خدا جو ھر سڏ لنوايو آھي، ڇو جو تنھنجي جدائي ۾ مان ھڪ ھڪ ساھ جي قيمت ادا ڪئي آھي، مونکان وري جنت لاءِ ڪو ڊرامون نه ٿيندو منھنجو ۽ دل جو جھيڙو ھلندڙ آھي. پريت منھنجو جھيڙو مونکي گنگھار ھجڻ جو احساس ڏياريو آھي.”
...