شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

منھنجا احساس ناچو عورت جيان!

منھنجا احساس ناچو عورت جيان!
منھنجا احساس
ڪنھن ڪوٺي تي
ناچو عورت جيان آھن
جيڪا پڪوازي
دولاري جي ڌمالن تي
بي دڙڪ ٿي نچڻ
شروع ته ڪندي آھي
ڪڏھن پيرن م پاتل
گهنگهرو جيان
ٽٽي تنڪو تنڪو ٿي
وکري ويندي آھي
ته ڪڏھن وري
ان مجبور عورت جيان
پنھنجي پيرن جي
ڇالن جو اڻ گھڻو درد کڻي
پنھنجي اڪيلائي جي
صليب تي نڪري پوندي آھي
پر ان جي درد جو
ڪو به احساس ناھي
ڪري سگھندو
ائين ئي منھنجا احساس به
ڪنھن ناچو عورت جيان آھن
جنھن کي پڙھي
ڪاپي ڪري ته سگھجن ٿا
پر محسوس نٿا ڪري سگھجن
مونکي خبر نٿي پوي ته
مان آھيان يا بس احساس جو
ھڪ حسين دوکو آھيان
ڪڏھن منھنجا سوال
مونکي اڪثر منجھائيندا آھن
ته مان پنھنجي ئي وجود تي
شڪ ته نٿو ڪيان
وري پنھنجي ٽٽل آئيني جي
دنيا ۾ پنھنجي وجود جي
تلاش ڪندو آھيان
ھا منھنجو وجود عارضي آھي
مان تنھنجي ڪري آھيان
تون ئي منھنجي
وجود جو سبب آھين
خبر اٿئي جڏھن
اداس ٿي ويندو آھيان
يا رات جي ڪاري
منھنجي من تي
تنھنجي يادن جو
بسيرو کڻي ايندي آھي
تڏھن اندر جا اڌما ھوندا آھن
منھنجي سوچ جي سطح تي
ڪڙو چڙهيل ھوندو آھي
۽ مان ڪاري راتين جو
رولاڪ بڻجي دردن ،خوابن جا تابوت کڻي
دفنائڻ لاءِ نڪري پوندو آھيان..!.