شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

خاموشي جو رقص

خاموشي جو رقص
آئون اڄ پنھنجي محبت
جي عبادتگاھ تي
اڪيلو
ويٺو آھيان
ھر طرف موت جھڙي
خاموشي ڇانيل آھي
ائين ٿو لڳي ته ڄڻ
منھنجي احساسن کي
موت اچي وئي ھجي
زندگي ڄڻ ٻرندڙ جبل آھي
۽ آئون رولاڪ ان جبل جي چوٽي
تي ويٺو آھيان
آئون بس ان وقت جو انتظار
ڪري رھيو آھيان
جڏھن زندگي وارو ٻرندڙ جبل ڦاٽندو
ته منھنجو وجود ذرو ذرو ٿي ويندو
ٻاھر آسمان تي چمڪندڙ تارا
موت جھڙي خاموشي تي رقص
ڪري رھيا آھن
چنڊ منھنجي ماتم تي
نوحه چئي رھيو آھي
گُھلندڙ ھوا ملڪ الموت بڻجي
مونکي سڏ ٿي ڪري پر
آئون ڪڏھن ڪو مري چڪو آھيان
مونکي ڪڏھن ڪو توسان
گڏ دفنائي ڇڏيو آھي
چوندا آھن ته ھر جاندار شئي کي
ھڪ چڪر موت ايندو آھي
ھا آئون به ان ڏينھن توسان گڏ مري
تنھنجي ئي قبر ۾
دفن ٿي ويل لاشو آھيان
اڄ وري تاريخ پنھنجو پاڻ کي
دھرائندي اڄ وري ھڪڙو رولاڪ
پنھنجي اجڙي وڃڻ تي داستان لکندو
منھنجي جيڪا محبت مري چڪي آھي
سان منھنجي لفظن ۾ وري ڌڙڪي اٿندي...!

...