سُڏڪن جو پُرسو
جيڪي راتيون مان
تنھائي جي رُڃ ۾
گذاريون آھن
اھي راتيون ڄڻ
مان سنسان گھاٽن
۾ گمنام قبرن جي
لاوارث لاشن وانگر
بي ڪفن ۽ تنھا گذاريون آھن
مان زندگي ۾
ھميشه وڃايو آھي
ڪڏھن به حاصل ناھي ڪيو
مونکي خبر نه ھئي ته
منھنجي زندگي
۾ اھڙا بي بقا ڏينھن به ايندا
جو مان ڪاري رات جي
تنھائي ۾ ويھي
تنھنجي يادن کي
سڏڪن جو پرسو ڏيندس
پر تون منھنجي من جي
عبادتگاھ ڇڏي
خبر ناھي ڪھڙي دنيا
۾ گم آھين
آئون پنھنجي اکين ۾
تنھنجي يادين جا مرچ وجھي
زندگي جي چوواٽي تي ويھي
توکي پل پل ساري
بيوسي جا لڙڪ
ھاريان پيو
ڇو جو
ھا مان ئي
تنھنجو رولاڪ آھيان
ڏس مان ڪيڏو
بدنصيب آھيان
مونکي پنھنجي لفظن سان
ڳراٺڙي پائي
روئڻ جو به وقت نه مليو
مٿي ڏس مونکي اڪيلو ڏسي
تارا به لڪي ويا
منھنجا احساس به
لاوارث ٻار ٿي
شھر جي چانڊوڪين ۾
رلي ويا ڪاري راتن جي تنھائي
۾ سناٽا ڏئي گذرندڙ ھوا
مون سان دوستي ڪري ويٺي
ڏس ھاڻ مان رولاڪ ۽
ٿوھر ساڳي ڳالھ آھيون...!
...