قبر جا گل
توسان گڏ هوندي
مان ڪڏهن انهن
گلابن تي نه سوچيو
جيڪي هڪ ڏينهن
منهنجي قبر تي پوڻ
لاءِ ٽڙي رهيا هئا
زندگي پوپٽ جي اک
جو سپنو آهي
ٻڌائيندڙ کي خبر نه هئي
ته زندگي ٿوهر جي کير جو
قطرو به هوندي آهي
تقدير پاڻ کي الڳ
ٿيڻ جي لاءِ گڏ رهايو
هاڻ آئون ان برسات تي
اڪثر سوچيان ٿو
هڪڙيءَ ڇٽيءَ هيٺان
پنڌ جو سڪون
تون پاڻ سان گڏ
کڻي هلي وئين
يادگيرين جي ورڇ ۾
ٺڳي ڪندڙ
تون دنيا جي پهرين
عورت ڪونه هئين
پوءِ به آئون توتي سوچيندي
پنهنجي پاڻ سان
ڪاوڙجي پوندوآهيان
تو هن سال سالگرھ جو ڪيڪ
ڪنهن سان گڏجي ڪٽيو
پرفيوم ڪنهن جي لاءِ آنديون
چنڊ ڪنهن سان گڏ ڏٺئي
ڪنهن توکان پڇيو
ته سياري ۾ چپ ايترا
ڪوسا ڪيئن رهندا آهن
انهن سڀني سوالن جي ڪهڙي
لمحي ۾ توکي منهنجي ياد آئي
هاڻ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾
اسانجي گڏيل شيءِ ڪهڙي آهي
مان وٽ ته منهنجي دل به سدائين
تنهنجي ٿي رهي
ڏک ۽ انتظار منهنجي ڪهاڻيءَ
جا پڇاڙڪا لفظ آهن
۽ آئون درياھ وانگر آهستي آهستي
پنهنجي پاڻ ۾ ريٽجندو وڃان ٿو
مونکي خبر آهي
منهنجو ڪنهن داستان ۾
نالو نه وڌو ويندو
گمناميِءَ جي اونداهيءَ گهٽيءَ ۾
پنهنجي محبت وانگر
آئون زماني کان وسرڻ لاءِ وري
ھڪڙو رولاڪ پيدا ٿيو آهيان...!
...