اندر کي اڏوھي وڪوڙي وئي
چيائين:
“رولاڪ منھنجي اندر کي اڏوھي وڪوڙي وئي آھي ، منھنجي رت ۾ سرڪا ٿا ٿين، مان ڇا ڪيان، ڪاڏي وڃان، مونکي منھنجي وجود جو بوجهه به وزني ٿو لڳي، جهڙو ڪير اندر ۾ گهوگها ٿو ڏئي پر ساھ نڪري نٿو... رولاڪ !”
منھنجي وجود تي ڄڻ وڄ ڪري پئي، مان پنڊ پھڻ ٿي، سانئڻ جي اداس لڙڪن ھاڻي اکين ۾ ڏسندو رھيس، آسمان ڏانھن ڏسندي سوچيم ته مان ناستڪ آھيان ، مان اڳ ۾ به ڪوڪون دانهون ٻڌيون ھيون پر سانئڻ جا لفظ منھنجي سيني مان تيرن جيان پار ٿي ويا آھن، منھنجو جسم ڪنبندو رھيو. ڏک وچان چيم:
“سانئڻ مون تي قيامتون ھزارين گذريون آھن پر اھڙي قيامت منھنجي ننڍڙي وجود تي اڳ نازل نه ٿي.”
سانئڻ جو ھٿ جھليندي چيم :
“سانئڻ ! اچ مان توکي ڀاڪرن جي پناھن ۾ لڪائي ڇڏيان، تنھنجي اندر جي اڏوھي کي محبت جي زھر سان مات ڏئي ماري ڇڏيان.”
ڪنڌ ڦيري چيائين:
“رولاڪ ھي اڏوھي مونکي اندر ئي اندر ۾ کائي ڇڏيندي، ھي دنيا مونکي جئيڻ نه ڏيندي، جي دنيا کان بچي به ويس پوءِ به مان پاڻ پنهنجي دشمن آھيان ، مونکان وڌيڪ منهنجو ڪو به دشمن ناھي.”
چيم : “نه سانئڻ ائين نه چئو! تون اڏوھي کي تاريخي شڪست ڏيندي.”
لڙڪ اگھندي چيائين:
“رولاڪ ناهيان ڏئي سگهي، ڏاڍي ڪوشش ڪئي آھي پر اڏوھي مونکي روح تائين کائي وئي آھي ، مان هن جو کاڄ ٿي وئي آھيان.”
مان پنڊ پھڻ ٿي ڏسندي چيم:
“سانئڻ مان پنھنجو پاڻ کي پنھنجي خدا کان پري جو ڪري ڇڏيو آهي، تنھنجو خدا رحمدل آھي، مان رولاڪ ناستڪ آھيان پر تون ته خدا جي پياري ٻانهين ۾ اچين ٿي، تنھنجو پالڻھار ڏاڍو رحمدل آھي، ھن ھاٿين جي لشڪر تي به ابابيلن کي موڪلي ٻاجهه جو ھٿ رکيو ھو، مٿي ڏسجان آسمان تي پنھنجي لاءِ به خدا ابابيلن کي حڪم ڏيندو.... ابابيل ولر ڪري پنھنجي چھنبن ۾ محبت کڻي اچي، پنھنجي اندر جي اڏوھي کي ماري ڇڏيندا... پنھنجي اندر جي مشرڪن کي به شڪست ايندي ۽ هي محبت فتح ياب ٿيندي.”
...