تـون منھـنـجـو مجازي خدا
ھڪ ڏينھن سانئڻ سان گھمندي منھنجي انھن گلابن تي نظر پئي، جيڪي منھنجي قبر تي پوڻ لاءِ ٽڙي رھيا ھئا، جنھن تي پوپٽ رقص ڪري رھيا ھئا. سانئڻ جي ھٿ ۾ اجرڪ ھئي چيائين:
“ رولاڪ تون کي ياد آھي؟”
“ڇا ....؟”
چيائين: “ھي اجرڪ جيڪا مونکي تو گفٽ ڪئي ھئي.”
چيم: “ھا مونکي ياد آھي. ھي اجرڪ مان ڀٽائي جي نگري مان ورتي ھئي. ”
چيائين: “رولاڪ جڏھن تون مونکي اجرڪ جو تحفو ڏنو، تڏھن مان محسوس ڪيو ته منھنجو نڪاح توسان فرشتا پڙھائي رھيا آھن. چنڊ تارا پکي پکڻ سڀ شاھد آھن، جڏھن توکان حق مھر جو فرشتن پڇيو ته تون مونکي پنھنجي زندگي حق مھر ۾ ڏني. جڏھن سڀني نڪاح جو مبارڪون ڏنيون تڏھن تون مونکي اجرڪ تحفو طور ڏنو منھنجي چھري تي مرڪ تري آئي ”
چـيــم: “سـانئـڻ توکي خبر آھي، مونکي ڪڏھن ڪڏھن پاڻ تي کل ايندي آھي، تون جنت جي اپسرا، آئون رڻ جي گرم صحرا جو اڪيلو اڻــٿــاڪـو رولاڪ، مان جھڙي ناستڪ انسان سان گڏ رھي سگھندينءَ...!”
چيائين: “رولاڪ تون مونکي مجبور نه ڪندو ڪر ته آئون توکي گاريون ڏيان يا ڪجهه چوان...؟”
چھري تي ڪاوڙ سجائي وري چــيـائـيــن :
“رولاڪ تون منھنجي محبت جي توھين ڪندو آھين آئون ھر ڳالهه برداشت ڪري سگھان ٿي پر تون منھنجي محبت تي آڱر کڻي مونکان برداشت نه ٿيندو، بس آئون توسان نه ڳالھائيندس هاڻي. ” اکين ۾ لڙڪ تري آيس منھن لڪائندي چيائين :
“مان توسان نه ڳالھائيندس. ٿورو ترسي وري چيائين:
“رولاڪ آئون تنھنجي سھاڳڻ آھيان منھنجي محبت جي توھين نه ڪــــــــر” منھنجي دل ڪنھن پڃري ۾ بند پکي جيان ڦڙڪي اٿي.
منھن ڦيرائين ڏٺم ته ھو منھنجي پيرن کي چمڻ لاءِ جھڪي پئي ڪاوڙ مان چــــيـــم:
“سانئڻ ھي ڇا ٿي ڪرين .....!؟”
چيائين : “تنھنجا قدم چمڻ لاءِ دل ٿي چوي آئون تنھنجي سھاڳڻ مرڻ پسند ڪندس.”
چــيـــم: “ســـــائــنــڻ تون مقدس آھين تنھنجي جاءِ پيرن ۾ نه دل ۾ آھي تون مون گنگھار جا پير نه چمندي ڪر تون جنت جي حور آھين.”
چيائين: “نه رولاڪ حديث پاڪ آھي ته جيڪڏھن سجدو ڪنھن انسان لاءِ جائز ھجي ھا ته ھر زال کي حڪم ڪيان ھا ته ھو پنھنجي مڙس کي سجدو ڪري ھا، خبر اٿئي الله پاڻ مڙس کي مجازي خدا چيو آھي. لھن الباس الڪم وانتم لباالھن “تون منھنجو لباس آھين مان تنھنجو لباس آھيان” (القرآن)
خبر اٿئي تون منھنجي اھُا تهجد آھين، جيڪا مان رات جو ادا ڪندي آھيان، مونکي سڪون ملندو آھي، توسان ڳالھڻ به منھنجي لاءِ عبادت مثل آھي، رولاڪ تون منھنجو مجازي خدا آھين، تنھنجي عبادت مون تي فرض آھي”
چيم: “سانئڻ تون منھنجي محبت جو معراج آھين ، تون منھنجي لاءِ مقدس ڪتاب جيان آھين، تون منھنجي لاءِ پاڪ ڪتاب مثل آھين، توکي پٺي ڏئي آئون منڪر نٿو ٿي سگھان پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري روئندين.”
چيائين: “رولاڪ منھنجي پيشاني چمي مونکي ھميشه جي لاءِ امــرڪري ڇڏ...!”
...