شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

ماڻھن جا ٽھڪ

ماڻھن جا ٽھڪ
…آئون پاڻ کي
ڪڏھن ڪڏھن سرڪس جو
جوڪر سمجھندو آھيان
ڇو جو آئون به دنيا جي
اڳيان ناٽڪ منڊلي
واري ڊرامي جو
ھڪ حصو آھيان
مان ڪڏھن رسن تي ٽپا ڏئي
ڪرتب ناھي ڏيکاريو
پر پاڻ کي اُڀن ڪاون تي هلائي
ماڻھن جي دل وندرائي آھي
مونکي خبر آھي
دنيا جو آئنيو مون تي کلندو
انڪري مان آئنيو ڏسڻ ڇڏي ڏنو آھي
مان پاڻ کي ڪنھن
سرڪس جو جوڪر
سمجھي پنھنجي چھري تي سوين
رنگ چٽي ڇڏيا آھن
اھي رنگ جيڪي دنيا جي
نقشي مان نڪري ويا آھن
مونکي اڳ ۾ دنيا
روئڻو چوندي ھئي
ڇو جو مونکي کلڻ ناھي ايندو
پوءِ ھڪ ڏينھن مان سرڪس ۾
جوڪر کي ماڻھو کلائندي ڏٺو
جوڪر کي ڏسي
مان آسمان جي وسعتن ڏانھن
منھن ڪري ڏسڻ لڳيس
سوچيم اسان به سڀ ھن دنيا جي
ناٽڪ منڊلي جا جوڪر آھيون
اسان به منھن تي ماسڪ چاڙھي
دنيا کي کلائڻ وارو شو ڪندا آھيون
پر ڪڏھن دل ڀرجي ويندي آھي ته
دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ پناھ وٺي
سڏڪن جي سھلين کي
سڏ ڏئي روئي پوندا آھيون
اسان جي زندگي جي
سرڪس جو شو ڏسندڙ
ماڻھن جا ٽھڪ به اوپرا لڳندا آھن
تڏھن پاڻ کان پڇندا آھيون
اسان جوڪر به عجيب آھيون
ھا ھڪ ڏينھن مونکي
ڪنھن چيو ھو
تون دنيا کان عجيب انسان آھين
مونکي تعجب ٿيو
ڇو جو ھن مونکي
عجيب صحيح پر انسان ته سمجھو
ھن مونسان ھڪ ٻيو به سوال ڪيو ھو
تنھنجي ناٽڪ منڊلي واري شو
۾ ڪردار گھڻن ماڻھن جو آھي
ڪير ڪير آھن
مان ٿڌو ساھ کڻي
چئي ڏنو ھو ته
مونسان گڏ ڪل ڇھ
ماڻھو آھن
چار ديوارون
ھڪ ڇت
ھڪ آئون...!!!
...