شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

خوشين جي خيرات

خوشين جي خيرات
جڏھن رات جو چنڊ شھر مٿان پنھنجي چانڊوڪي اڇلائي رھيو ھو. آئون سانئڻ سان گڏ ڪاري ڏامر جي روڊ تي ھلي رھيو ھيس مان محسوس ڪيو ته ڪائنات جو ذرو ذرو مون سان گڏ ھلي رھيو آھي، محبت جو خدا مونسان گڏ قدم به قدم ھلي رھيو آھي. سانئڻ چيو:
“رولاڪ! اڄ سائين تنوير عباس جي ورسي آهي ۽ مونکي ھينئر ياد آئي آھي” .
چيم: “سانئڻ سڀني ڪھاڻيڪارن، اديبن جي ورسي ياد ھوندي آھي ڇا؟”
چيائين: “ھا رولاڪ! پر منهنجي توھان ياد رکجو ٿوري ڀيٽا ڏيڻ لاءِ .”
چيم: “ڇو نه ؟ تون ته منھنجي لفظن جيان مقدس آھين، تون ته سنڌ ڌرتي جيان عظيم آھين .”
چيائين: “رولاڪ حوال نه ھڻندو ڪر ....”
چيم: “نه آئون حوال نٿو ھڻان...”
سانئڻ پنھنجي چپن ۾ استاد محمد يوسف جو گيت ڳائڻ لڳي،
اوھان ناھيو ته پنهنجي دل
بھارن سان ٿا وندرايون....
چيائين : “رولاڪ مان محسوس ڪيو آھي ته تون منھنجو ڳالھين تي غور ناھين ڪندو .”
ھن جي انھن لفظن ھيانوَ ۾ ھٿ وڌا ، چيم: “سانئڻ ائين ناھي....”
چيائين : “مان اڳ ۾ ڪجهه چيو ھو ياد اٿئي؟”
چيم: “ڇا ...؟”
چيائين: “مان انهيءَ ڏينهن چيو ھو ته منهنجي نظر گھٽ ضرور آهي پر ايتري نه جو دوکي جا خواب ڏسان ، انهي مان ڪجهه سمجھيءَ رولاڪ ......؟”
سانئڻ جي آواز ۾ ايترو درد ھو، جيڪو سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن جي سيني ۾ سمايل آھي.
چيم: “ھا مونکي تنھنجي انھي لفظن جي مفھوم جي خبر آھي”
چيم: “سانئڻ! جڏھن به مان تنھنجي لفظن ۾ پنھنجي دل تڙپندي ڏٺي تڏھن کان مان سوچن جي دريا جو تصور نه ڪيو آھي. سانئڻ آئون تنھنجي لفظن جو مفھوم سمجھي ويو ھيس پر خاموش رھيس، ڇو جو مان شڪايت نه ڪئي.”
چيائين: “شڪايتون ڀرپور ڪر دل ۾ رکڻ صحيح ناھي ،اھڙو ڪو اشارو اگر توھان ڏيو ھا ته مان سمجهي وڃان ھا، ڇو ته ائين گهرائي سان تنھنجون ڳالھيون ٻڌندي آھيان. آئون نٿي چاھيان ته ڪنھن سٺي انسان جي دل ڏکي منھنجي ڪري.”
چيم : “نه آئون شڪايتون ناھيان ڪندو، ڇو جو شڪايتن سان ماڻھو رسي ويندا آھن”
چيائين: “ھلڪڙا ھوندا ته رُسي ويندا....”
مونکي محسوس ٿيو ته سانئڻ منھنجي روح ۾ جھاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين:
“ رولاڪ مٿي ۾ سور پئجي ويو آ، مان ننڊ ناهي ڪئي رات به.”
چيم: “ڇو رات مڇرن کي سمجھائڻ جو ٺيڪو کنيو ھو ڇا؟ ”
چيائين : “ نه ننڊ ايندي ئي ناهي الائي ڇو ڏاڍي ڏکي طرح ايندي آھي ، رولاڪ! تون ڪنھن مھل سمھندو آھين ؟”
چيم: “ نه مان رولاڪ آھيان، مان ناھيان سمھندو رات جو.”
چيائين: “رولاڪ مھرباني ڪري مان کي ايڏو ياد نه ڪندو ڪر ، منهنجي ننڊ ڦٽي ويندي آهي.” ائين لڳندو آ ڄڻ ڪير سڏي ٿو پيو. مونکي خبر آ سڀ ڪم تنھنجا آھن رولو ... منهنجي اوجاڳن جو قرضي نه ٿي...”
چيم: “سانئڻ ! منھنجو بي چين روح رات جو ڪنھن جي ياد ۾ ڪيڏاري جي وائي ورجائيندو آھي.”
چيائين: “رولاڪ چپ ڪر، آئون روئي پوندس مان ڏاڍي روئڻي ڇوڪري آھيان ، نه ته منهنجي لڙڪن جو به قرضي ٿي ويندين.”
چيم: “نه سانئڻ ! آئون توکي روئڻ نه ڏيندس ، آئون تنھنجي مقدس محبت تي تاريخ لکندس، توکي روئڻ نه ڏيندس”.
چيائين: “جيڪي چوندا آھن روئڻ نه ڏينداسين سي ئي لڙڪن جو سبب بڻجندا آهن.”
ھن جي ان لفظن منھنجي من جي ڪاڪ محل کي ذره ذره ڪري ڇڏيو.
چيائين: “سوچيندي آھيان ته ڇا مان ڪنهن نئين طوفان جي ور ته نه چڙهي آھيان ، جتي زندگي جھنم جھڙي ھوندي.”
ڪنڌ ڦيرائي چيائين: “مان جنهن کي به خاصيت ڏني، انهيءَ فقط لڙڪ ۽ سڪرات ڏني ، مان وڌيڪ تڪليف برداشت نه ڪري سگھنديس .”
دل اداس ٿي وئي چيم: “مطلب ته آئون طوفان آھيان ، تنھنجي وجود کي ذره زره ڪري ڇڏيندس، تنھنجي اعتبار جو ڪاڪ محل پنھنجي ھٿن سان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندس.”
چيائين: “رولاڪ ! جيڪي دل جي گھرائين ۾ جاءِ ڏين، سي ئي در تان ڌڪاريندي دير ناھن ڪندا. رولاڪ !مان ڪنهن به مرد تي اعتماد نٿي ڪري سگھان، دل ذره ذره ٿي وئي .”
ٿڌو ساھ ڀريندين چيم: “سانئڻ !جيڪڏھن خدا مونکي خوشين جي خيرات ڏئي ڇڏي ھا ته مان پنھنجي حصي جون سڀ خوشيون سانئڻ تنھنجي قدمن ۾ رکي ڇڏيان ھا پر چاھتن خوشين جي خدا به خيرات ناھي ڏيندو” .
مان محسوس ڪيو ته ڪجهه انسان زندگي ۾ تمام دير سان ملندا آھن بس ڪجهه گھڙيون ملي پوءِ ھميشه جدا ٿي ويندا آھن.
...