شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

نشيلون اکيون

نشيلون اکيون
محبوب !
جڏهن تنھنجي خوبصورت اکين
جي گھرائي ۾ ويندو آھيان ته
ھن دنيا کان ڪٽجي ويندو آھيان
مونکي اڪثر ڪري تنھنجي ڪجلين
اکين ۾ وفا ۽ محبت جا
ٽڙيل گل نظر ايندا آھن
اڪثر ڪري اڪيلو ويھي
تنھنجي نشيلي اکين جي سمنڊ ۾
پنھنجي بي پناھ محبت جو
سفر تلاش ڪندو آھيان
منھنجو سمورو وجود
تنھنجي نيڻن تي اچي
انت آڻيندو آھي
تنھنجون اکيون آڪاش تي
ڪنھن چمڪندڙ
تاري جيان لڳنديون آھن
تنھنجي کلڻ جي ادا تي
سوين ڪائناتن جا گل
وکريو پَوَن
چڪور تنھنجي حسن جي
چانڊوڪي ڏسي مدھوش
ٿيو پوي
او مشڪ! امبر جھڙي ڇوڪري...
تنھنجون اکيون
سنڌو جيان مقدس آھن
اھو ڪڏھن ڪو مري چڪو
جيڪو تنھنجي پلڪن جي
ڇانوري ۾ ھو ستو
جنھن تنھنجي نيڻن جي
دلبري سان ڪُنواريون
لانئون لڌيو آھن...!!!
...