شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

تون مقدس سنڌ جيان

تون مقدس سنڌ جيان
آئون روز پنھنجي محبت جي عبادتگاھ تي اچي ويھندو آھيان، ھو روز منھنجي تصور جي جھان ۾ پڪ ڪرڻ ايندي آھي ته مان زنده آھيان يا... اللهّ جي راضپي سان پيالو ڪري ويو. اڄ ھو سفيد رنگ جو جوڙو پائي سنڌي اجرڪ اوڍي صفا سنڌياڻي ٿي آئي ھئينءَ مان محسوس ڪيو ته ھن جي پازيب جي آواز تي جڳهه پورو جھمريون پيو ھڻي، وڻ پنھنجي منھن گيت پيا جھونگارين پکي ھن جي ھلڻ تي
ٿڌا ساھ ڀري سنڌ جي ھوائن کي نئي ڀيٽا پيا پيش ڪن، ڪنھن جي گلابي چپن تي ھلڪي لڄاري مرڪ ڏاڍي سونھاري ٿي لڳي، ڳلن کي ڪن جون واليون ھر ھر چمڻ واري روايت پوري پيون ڪن .ھن جي ھر وک تي پيرن جي پازيب جي ڇن ڇن ھئي ھن جو سمورو جسم ڪنھن سنھري ول وانگر جيان ھو ھن جي سموري سونھن سوڀيا ڪنھن ڪاف جي حور وانگر ھئي. جڏھن ھن جي مان تي نظر پئي ته چھري تي مرڪ سجائي چيائين:
“رولاڪ ھڪ ڳالهه آھي اڄ ته پختو يقين ٿي ويو مونکي ته واقعي محبت کان عظيم ڪجهه ناهي ھن دنيا ۾.”
چيم: “ڇو اڳ نه ھو...”
چيائين: “رولاڪ مطلب محبت اتم ٿئي ٿي، نه عمر نه منهن مھانڊا ٿي ڏسي ، بس روح سان ٿئي ٿي .”
چيم: “سائنڻ مان به محسوس ڪندو آھيان، منھنجي روح جي تهخاني تائين وڃي پھتي آھين، آئون توکي اول کان آخر تائين محبت ڪندس، زمين کان آسمان تائين جي سفر ۾ توسان محبت ڪندس.”
چيائين: “رولاڪ روئاريندي ڇا؟”
چيم: “نه آئون توکي روئندو نٿو ڏسي سگھان.”
چيائين: “ٻڌائندي نه ته اڄ آئون ڪيئن ٿي لڳان؟”
چيم: “سانئڻ تون ته جنت جي ستر حورن جي سردار آھين. مٿان وري سنڌي لباس ڄڻ سنڌ ڌرتي جي سنھري رنگن ۾ رنگجي وئي آھي، تنھنجي اجرڪ جا اڇا گل مونکي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ جيان ٿا لڳن. تنھنجو چھرو سنڌ ڌرتي جيان عظيم آھي. تون منھنجي سنڌ امڙ جيان مقدس آھي ، تون ڄڻ سنڌ ڌرتي جي پيٽ مان وھندڙ درياءَ آھي.”
چيائين: “رولاڪ بس بس ، ناٽڪي چپ ڪر”
چيم: “ڇو سائنڻ؟”
چيائين : “حوالي ھڪ ڳالهه پڇيان”
چيم: “پڇيو ؟”
چيائين: “اڳ ۾ ڇا ڪري رھيو ھئين”
چيم: “ڪجهه نه بس توکي ياد ڪري رھيو ھيس”
چيائين: “مونکي ياد نٿو اچي.”
چيم : “ڇو نٿو اچي...؟”
چيائين: “ قسم کڻ خدا جو...”
چيم: “خدا جو نه تنھنجو قسم توکي ياد ڪري رھيو ھيس”
چيائين: “رولاڪ منھنجو قسم ڇو؟”
چيم: “خدا جو شايد مان ڪوڙو قسم به کڻي وڃان پر تنھنجو ڪوڙو قسم نٿو کڻي سگھندس”
چيائين: “رولاڪ تون اھڙيون ڳالھيون نه ڪندو ڪر، مونکي ڍپ لڳندو آھي ته آئون توکان گھڻو دور ھلي ويندس، ائين چئي ٻاھر روڊ جي طرف وڌڻ لڳي مان پنھنجي خيالي دنيا ۾ ويھي سوچندو رھيس، ته آئون توکان گھڻون دور ھلي ويندس، ان ڳالهه جي مفھوم جي مونکي اڄ خبر پئي مان پاڻ تي کلڻ چاھيو پر کلي نه سگھيس بس پنھنجي خوابن جا تابوت کڻي وري پنھنجي رولاڪن ۾ گم ٿي ويس.”
...