مان خدا کي مرڪندي ڏٺو
اھي سپرين سامھون آھن، جن جي لاءِ تن من سڪندو آھي، پرين منھنجو من ڇڪي پاڻ سان جڪڙيو آھي، ھن جي اکين ۾ سواليه مرڪ تري آئي. ٿڌو ساھ کڻندي چيائين:
“ رولاڪ آئون اڪثر ڪري نماز ۾ روئندي ھيس پر ھاڻ خدا جي اڳيان روئندي ناھيان ڇو جو منھنجي لاءِ منھنجو خدا تون آھين، مان ھن جي اکين ۾ ڏسندي چيم:
“ سانئڻ آئون رولاڪ گھڙي گھڙي جو گھائل آھيان، مونکي ڪو پل خوشي ڏئي ويندو آھي ڪو پل ڏک ڏئي ويندو آھي.”
چيائين: “نه رولاڪ مان توسان بي پناھ محبت ڪئي آھي، آئون توکان سوا جيئڻ جو تصور به نٿي ڪري سگھان.”
چيائين: “رولاڪ سھڻي ڪچي گھڙي تي درياه پارڪرڻ لاءِ تيارھئي، پڪي دلي جي ڪاڻ به نه ڪڍي ھو لھرين مان لنگھي ميهار پنھنجي سپرين ڏانھن ويندي ھئي، ڇا مان به پنھنجي سپرين ڏانھن نٿي اچي سگھان، ٻڌا آئون ھر طوفان سان وڙھڻ لاءِ تيار آھيان، بس منھنجو انتظار ڪجان مان توکي پنھنجو خيالي خدا بنايو آھي مان توکي پنھنجا ٻئي جنم ارپي ڇڏيا آھن”
ھن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ٿورو اداس ٿي چوڻ لڳي:
“ رولاڪ توکان اڳ ڏک ۾ خدا کي ياد ڪندي ھيس ھينئرمان توکي سڏ ڪندي آھيان، خدا جيڪو آڪاش تي ھو سو منھنجو ڪري زمين تي لھي آيو آھي، رولاڪ آئون خوش نصيب آھيان، جو تون منھنجي سڏ تي لبيڪ چوندو آھين، مان توکي پنھنجا ٻئي جنم ھر جنم ارپي ڇڏيا آھن.”
چيم: “ھا سانئڻ مرڻ کان پوءِ مونکي تون ئي اٿارجان مان تنھنجي سڏ تي لبيڪ چئي اٿندس، ڇو جو مان تنھنجي سڏ کان پوءِ دنيا جو ھر سڏ ٺڪرايو آھي، مرڻ کان پوءِ مونکي ملائڪ به نه اٿاري سگھندا. آئون تنھنجي سڏ جو انتظار ڪندس، سانئڻ ھا انتظار ڪندس” ھن جي اکين مان لڙڪ ڪرڻ لڳا اداس ٿي چوڻ لڳي:
“رولاڪ تنھنجي محبت عبادت وانگر آھي، مونکي فخر آھي، توتي تنھنجي بي پناھ محبت تي دل چاھيو ته پنھنجي من جي قبرستان مان منھن ڪڍي ڪجھ گھڙي سانئڻ کي ڏسان پر اکين ۾ دردن جو مسافريون اگھاڙي پير رقص ڪري رھيون ھيون نه چاھيندي به مان ھن کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاھيان، منھنجي لفظن تي چپ جا ڪپ گوئنچ ڪڍي بيھي رھيا دل چاھيو ته ھن کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيان ھن جي ڪيل ھڪ منٽ جي انتظار جي بدلي ھر جنم ۾ ھن سان وفا جو وچن ڪجي.”
چيائين: “رولاڪ ڇا ٿو سوچين؟”
چيم: “سانئڻ منھنجي سوچ تي تنھنجي يادن جا آثار گنڍيل آھن”
ٿورو قريب ايندي چيم: “سانئڻ تون منھنجي تصور کي پنھنجي بي پناھ محبت سان آباد ڪري ڇڏيو آھي، تون منھنجي طاقت آھي،ن تون منھنجو وجود آھين، تون منھنجي زندگي آھين، تون منھنجي خوشي آھي، توکانسواءِ آئون ڪجهه به ناھيان ھن منھنجو چھرو پنھنجي ھٿن ۾ دعا وانگر جھلي چمڻ لڳي مان محسوس ڪيو ته مان محبت جي سجدي ۾ جھڪي پيو آھيان. مونکي محسوس ٿيو ته ھن جي محبتمنھنجي رڳن ۾ رت بدران ڊوڙھي رھي آھي، مان محسوس ڪيو ته ھو منھنجي ساھ سان ھلندي دل ۾ دڙڪندي محسوس ٿي مان محسوس ڪيو مان جنت ۾ آھيان اتي به منھنجي روحاني نڪاح ۾ تون آھين، توکي چاھڻ کان پوءِ منھنجي دل جي دنيا ۾ ٻي ڪنھن کي چاھڻ جي حسرت مري وئي آھي، ڇو جو مان تنھنجي اکين ۾ خدا کي مرڪندي ڏٺو آھي.”
...