شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

سستو ماڻھو

سستو ماڻھو
مان زندگي ۾ رڳو
گناھ ڪيا آھن
منھنجي ثواب واري
ساھمي اڄ به خالي آھي
منھنجو ھڪڙو گناھ به
منھنجي معافي جي لائق ناھي
مان ماضي کان وٺي حال تائين
دردن جي صليب سدائين اڪيلي سر
پنھنجي سر تي کڻي نڪتو آھيان
مونسان محبت ڪرڻ وارا
بس منھنجي لفظن جي
اھميت نظر ۾ رکي
مونکي چاھڻ جي حسرتون رکن ٿا
پر منھنجي ھر تحرير۾
درد، پيڙا ، تڪليف
سڌين لفظن ۾ لکيل آھن
مونسان محبت ڪرڻ کان اڳ ۾
منھنجي ماضي جو پيج
ضرور کولي ڏسجان
ته ڪئين مان خوشين کان
منھن موڙي ازيتن جو رستو اختيار ڪيو
ڇو جو منھنجي ماضي جون
ڪاريون راتيون مون سان گڏ
دردن جو محفلون مچائن ٿيون
مان اھو وڇون آھيان
جيڪو پنھنجي ئي
زھر سان مران ٿو
پنھنجي ئي تحريرن سان
پنھنجي ئي لفظن سان
جڏھن تنھنجو
پھريون خط مليو ته
مان محسوس ڪيم ته
ڄڻ موھن جو دڙو
وري آباد ٿي پيو
هو سسئي جو روپ ڌاري
منھنجي اڏو اچي بيٺي ته
مان به وري جئيڻ جي حسرت
ڪري ويٺس
مونکي محسوس ٿيو
وري منھنجي خوابن کي نئي تعبير ملي
وري منھنجي خوابن کي
سنڌو ندي خوبصورت حسن
رکندڙ ڇوڪري جھڙي تعبير ملي
مان وساري ڇڏيو ته
مان بدنصيب رڳو
درد اذيت جون تڪليفون کڻي
نڪتل ھڪ گودڙو فقيرآھيان
پر تنھنجي لفظن جي پنهنجائپ ۾
ايترو ڇڪجي ويس جئين
ڪو اڃارو روح عبادتگاھ
ڏانھن ڇڪجي ويندو آھي
منھنجي دل جي مندر ۾ ته
تنھنجي مورتي جي پوجا
ھلي پئي پر تون به
ديوي ٿي ويندين
ڪڏھن سوچيو نه ھو
خبر آ جڏھن تون
منھنجي دل جي مسجد ۾
قدم رکيو مان پنھنجي
لڙڪن سان وضو ڪري
تنھنجي محبت جي نماز ادا ڪئي
سانئڻ!
آئون سستو ترين ماڻھو
محبت ڪرڻ جو حق ته نٿو رکان
پر
پنھنجي خوابن کي تنھنجي
عطر جھڙي خوشبو
سان مھڪائي روز مرڻ لاءِ تيار آھيان
سانئڻ !
جڏھن تون منھنجي من جي ڪعبي ۾
پير رکيو ته مان پنھنجي
دل ۾ آباد سڀ مورتيون ڀڃين ڇڏيون آھن
بس توکي چاھڻ جو وڏو
چِلو ڪٽڻ تي تپسيا ڪري ويٺس ۽
بس تنھنجي ڪجھ ڏينھن جي
محبت تي ماتم ڪندس ۽
پنھنجي بيوسي تي نواحه لکندس....!!!