شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

اندر جي آس

اندر جي آس
لفظن جي ڄار ۾ ڦاٿل
ھڪڙو رولاڪ
پنھنجي چنڊ کان
وڌيڪ خوبصورت
آسمان کان وڌيڪ
وشال جذبا رکڻ
واري کلڻي ڇوڪري
جي اچڻ جا گس نھاري پيو
تنھنجي اچڻ جي آس جو ڏئيو
مان تنھنجي عطر جھڙي خوشبو ۾
جلائڻ شروع ڪيو آھي
مونکي خبر آ تون
ڪل ڪائنات جو
حسن رکندڙ ڇوڪري
کي منھنجا فضول ۽ آواره
لفظ سمجھ ۾ نه ايندا
پر منھنجي دل جي نگري ۾
تنھنجي ٽھڪن جي ڌمال
اڄ به جاري آهي
جتي منھنجا خواب
اگھاڙي پير رقص ڪرڻ ٿا لڳن
تنھنجو سمنڊ جي
گھرائي جھڙيون خوبصورت اکيون آھن
ڌرتي تنھنجي
شرمائڻ ۾ مھڪي اٿي ٿي
جڏھن به توکي
محسوس ڪرڻ لڳندو آھيان
تڏھن منھنجي دل تي
تنھنجي چاھت جا انيڪ
پوپٽ حرڪت ڪرڻ لڳندا آھن
پر لڙڪ وري ڳلڙن تان ڪِري
تنھنجي يادن کي ٿا چميون ڏين
انھن يادن کي جيڪي
منھنجي خوابن جا آھن
جڏھن تون اوچتو مون سان
اکيون اٽڪايون
تڏھن مان محسوس ڪيو ته
تنھنجو چھرو حيا ۾
شرم شار ٿي ويو ھو
تون منھنجي خوابن ۾
گم ٿي ويل ڇوڪري
ھن مهل تنھنجو چھرو
پسجي ته پڪ سان ڪنھن گلاب
جي گل کان گھٽ ته نه ٿي لڳو
تڏھن مان توکي لفظن جي
چپن سان چميو آھي
جيڪڏھن اھيو منھنجو
ڏوھ آھي ته
ھا مان ڏوھاري آھيان
ھا مان تنھنجو
جوابدار ٿي رھندس
بس منھنجي محبت جي
ضمانت کڻ
يا پنھنجي ٻانھن جي
ھٿڪڙي ھڻي
مونکي ھميشه جي لاءِ
پنھنجي محبت ۾
چالان ڪري ڇڏ
مونکي منھنجي
ھن خط جو جواب
ضرور ڏجان
يا سڀني خطن وانگر
ھن جا به چار ٽڪرا ڪري
سنڌ جي سريلي
ھوائن کي ارپي ڇڏجان
جواب مونکي پاڻي ملي ويندو...!

...