ناٽڪ منڊلي
آئون اھو جوڪر آھيان
جنھن جي روئڻ تي به
دنيا جا ڪئي سفيد پوش
ماڻھو کلندا رھن ٿا
منھنجي زندگي جي
ناٽڪ منڊلي واري سرڪس ۾
ٽي موڙ اچن ٿا
ھڪ ننڍپڻ وارو
جنھن ۾ آئون
ڪڏھن ته مٽي جي ڍير تي ته
ڪڏھن وري
پنھنجي چھري تي ماسڪ
چاڙھي ٻاراڻيون حرڪتون ڪري
دنيا کي ته کلائيندو آھيان
پر اڪيلائي ۾ پنھنجي
ويراني تي ماتم ڪري
اذيت کي پرسو ڏئي
روئي پوندو آھيان
جڏھن ٻيو جواني وارو
موڙ اچي ٿو ته
چنڊ کي پنھنجي ھنج ۾
لاھڻ واري خواھش ته
ڪڏھن وري جنت جي ڪنھن
اپسرا جي عشق ۾
رڻ جو رولاڪ ٿيان ٿو
جڏھن منھنجي زندگي جو
آخري موڙ اچي ٿو ته
منھنجي ماسڪ چڙهيل
چھري جي پويان ڪيترائي سواليه
نشان ملن ٿا
تڏھن آئون رولاڪ پنھنجي اڻپور
خوابن جي قبر تي ڪنھن
معذور جيان
پنھنجي ئي احساسن واري
قبر تي خواھشن کي يادين جي
ٻھاري ڏئي
ناٽڪ منڊلي
سرڪس جا آخري پل گذاريندو آھيان...!!!
...