شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

لڙڪن جو محراب

لڙڪن جو محراب
مون سان گڏ ڏامر جي روڊ تي ھلندي سانئڻ ڪڏھن انھن گلابن تي نه سوچيو جيڪي منھنجي قبر تي پوڻ لاءِ ٽڙي رھيا ھئا. ھن جا نازڪ پدمڙا پير جنھن تي مينڌي جون وليون ٺھيل، چيلهه سنھي ھرڻيءَ وانگر، اکيون ڪڪوريون ڪجليون، گلابي ڳِل، ھٿ خوبصورت مينڌيءَ رتڙا ٻانهون لوڏيندي مون سان ھلندي چيائين:
“رولاڪ تون مونکي ڪھڙي نيڪيءَ جي عيوض مليو آھين؟”
دل چاھيو ته سانئڻ کي ڀاڪرن ۾ ڀري اوڇنگارون ڏئي روئي پوان پر ائين نه ڪيم. ھن جي نازڪ ڪرائيءَ مان پڪڙي چيم :
“سانئ ڻ تون منھنجي لاءِ انجيل، تورات ، زبور ، قران پاڪ جيان مقدس آھين! تون منھنجي لاءِ صدين جي سجدن جي عيوض نازل ٿيل وحي آھين ، تون منھنجي اڻ پيتي محبت جو معراج آھين.”
اکين ۾ لڙڪن جو طوفان اٿيو لڙڪ اگھندي چيائين:
“رولاڪ! ماڻھو مھڻا ڏئي ڇا ڪندا ، جنھن ڇوڪري کي نينھن جون جنون ھجي جنھن کي پنھنجي پرين جي تات اندر ۾ ھجي، سا پنھنجي رولاڪ جي پيرن جي نشانن به چمندي چمندي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي.” ٿورو اڳتي وڌندي چيائين:
“جيڪو پيشاني تي لکيل آھي، سو ڪڏھن مٽجي ڪياڙيءَ ڏانھن نه ٿيندو نه ڪڏھن پنھنجي تقدير مٽجي سگھي ٿي نه وري تنھنجي سانئڻ ڪنھن ٻئي جي ٿي سگھي ٿي، نه وري اسان ڪڏھن زندان جي قيد مان آزاد ٿي نه سگھنديون سين پر رولاڪ مان پنھنجو ايمان پنھنجي مجازي خدا کي نٿي وساري سگھان ، تون منھنجي لاءِ آخري ڇانوَ آھين ، ھن دنيا ۾ ڪا به شئي تو جھڙي ناھي، آئون توکي ڇڏي نٿي سگھان ، رولاڪ مان تنھنجي عبادت کان پوءِ پنھنجا جهوپڙا وڃي سڃ ۾ اڏيا آھن، تون منھنجي روح ۾ سمايل آھين.”
سانئڻ جا نرم نازڪ ھٿ چمندي چيم:
“ سانئڻ تون ساھ جي اچڻ کان ساھ جي وڃڻ تائين، منهنجي ساھ ۾ سانڍيل آھين، منھنجو اندر اڄ ٿو مري خوابن ۾ به مان پاڻ کي سسئي بنا رڻ ۾ رلندي ڏٺو آھي. سانئڻ مونکي تون پنھنجي خوابن جي تعبير لڳندي آھين، مان توکي روئندو ڏسندو آھيان ته زندان جا ڪوٽ قلعا منھنجي وجود ۾ ڪاھي ايندا آھن ، منھنجي وجود تي ڄڻ کا وِڄ ڪِري پوندي آھي، منھنجو اندر پراڻي ڀتن جيان زبون ٿي ويندو آهي.”
سانئڻ جو اندر ٻه اڌ ٿي ويو جھٽ سان مونکي ڀاڪر ڀري ڇڏيائينءِ، دل سڪون جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي رھي وري مونکي پنھنجي نازڪ ھنج ۾ سمھاري وارن ۾ آڱريون ڦيري پيار ڪرڻ لڳي، مان خوابن جي نگري ۾ ھليو ويس، ھن جي اکين مان ڪِري آيل لڙڪن منھنجي مٿي تي محراب ٺاھي ڇڏيو.
...