پلصراط جي رولاڪين ڏانھن
جڏھن رات جي راڪاس ۾ پنھنجو گم ٿي ويل وجود ڳولي رھيو ھيس ته ڪائنات جي خوبصورت حور ڪنھن اپسرا جو روپ ڌاري منھنجي محبت جي ڪاڪ محل تي آئي. ھن جي اکين ۾ محبت جي لاٽ ٻري رھي ھئي، ھن جو چھرو چمڪندڙ چنڊ جيان چمڪي رھيو ھو، ھن جي چاندي جھڙي جسم تي جواني جا ڳونچ ڦٽي رھيا ھئا. ھو ڪنھن شرم ٻوٽڙي جيان ٻوٽجڻ لڳي. منھنجي نڙيءَ ۾ عمرڪوٽ جو پراڻو زبون قعلو اٽڪي پيو. منھنجو وجود ڪنھن ڪٺل پکي جيان پرڙا ھڻڻ لڳو. منھنجو سڄو وجود برف جي سري وانگر پگھرڻ لڳو، ھو به ھيسيل ھرڻي جيان ڪنبڻ لڳي ڍنل ڍنل نگاھن سان مونکي ڏسڻ لڳي چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيائين: “رولاڪ! ڇا ٿو ڪرين ؟”
چيم: “مان ھڪ ضروري ڪم ڪري رھيو آھيان .”
چيائين: “ڪھڙو ڪم؟”
چيم: “آئون موھن جي دڙي مان پنھنجا دفن ٿي ويل احساس ڳولي رھيو آھيان”
ھن جي چھري تي خاموشي برپا ٿي وئي.
چيائين: “رولاڪ! ڇا ٿيو اٿئي؟”
چيم: “سانئڻ مون وٽ ڪڏھن ڪڏھن لفظ ناھن ھوندا، پوءِ مان پاڻ کي ماٺ جي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھيان.”
چيائين: “رولاڪ! لفظ مونکان وٺي ڇڏجان.”
مان ٿورو اڳتي وڌندي چيم ته : “ھا ڏي مونکي ٿوري نفرت، ٿوري بي رخي،
ٿوري ڌڌڪار ڏي.”
ھن جي چھري تي اداسي ليئو پاتو، ڪنڌ ڦيريندي چيائين:
“نفرت ڪرڻ وارا ڪم به ڪري ته به شايد توکان نفرت نه ڪري سگھان.”
منھنجي اندر جي سمنڊ ۾ ڇوليون اٿيون، دل جي ڪناري سان ٽڪرائجي وري خاموش ٿي ويون، مان آسمان جي وسعتن ڏانھن ڏسڻ لڳس، ھن پاڻ کي ڍڪيندي چيو:
“رولاڪ تون مونکي خوش ڏسڻ چاھين ٿو ته پنھنجو خيال رک پاڻ تي ڪجھ رحم ڪر. ”
دل ڪنھن ڪٺل پکي جيان پرڙا ھڻڻ لڳي ٿورو اڳتي وڌي چيم:
“سانئڻ! مان جھنم جو رھواسي، منھنجو ڇا وڃي رحم سان ”
چيائين: “منھنجي ڪري پنھنجو خيال رک رولاڪ. ”
چھري تي ڪوڙي مرڪ سجائي چيم: “سانئڻ! منھنجو خيال پاڻ نٿي رکين”
پنھنجي رئو آڱرين ۾ ويڙھيندي چيائين:
“رولاڪ جيڪڏھن خدا چاھيندو ته رکنديس”
چيم: “سفارش به وڏي جيڪڏھن خدا چاھيندو ته ....”
چيائين: “ھا ھو خلقيندڙ آھي”.
دل اداس ٿي وئي
چيم: “منھنجي سفارش ته پاڙي جو ڪو ڪراڙو به نه ڪندو تون وري خدا ۾ آسرو رکيو ويٺي آھين”
چيائين: “ھا پر خدا توکي نه ڇڏيندو.... رولاڪ پنھنجي خلقيندڙ کان ايترو بدگمان نه ٿجانءِ ، ھو پل پل تنھنجو نگھبان آ، ڏاڍو پيار ڪندڙ آھي.”
دل اداس ٿي وئي سوچيم ھا ھو به مونسان بي پناھ محبت ڪندي آھي . چوڻ چاھيم پر چئي نه سگھيم منھنجي محبت جو خدا مونکان گھڻو پري آھي، منھنجي دماغ ۾ اڄ به تنھنجو اھو جملو گھمندو آھي جڏھن تون چيو ھو :
“مان ھر دور ۾ ھر جنم ۾ رولاڪ تنھنجي ٿيندس، تنھنجي اھڙي فتوى کان پوءِ مان پنھنجا سوين جنم تنھنجي نالي ڪري ڇڏيا آھن”
سانئڻ مان توکي چاھڻ کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي آھي ، ھاڻ مان ڪنھن سان به محبت نه ڪري سگھندس، تون ساھ جي اچڻ کان ساھ جي وڃڻ تائين منھنجي ساھ ۾ سانڍيل آھين. منھنجو اکيون آسمان کي ڏسڻ لڳيون، ان وقت آسمان به مونکي اوپرو پي لڳو. منھنجو پاڇو منھنجو ساٿ ڇڏي ويو منھنجو سرڪش روح رڻ ۾ توکي پڪاريندو رھيو مان به ڪاري راتن ۾ وڃي ڪنھن ڪپ ھيٺ ڌرتي کي چمي ڏئي سمھي رھيس.